Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 3:6 - Muslim Sindhi Bible

6 سليمان جواب ڏنو تہ ”تون پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود تي هميشہ ڏاڍو مهربان رهيو آهين، ڇاڪاڻ تہ هو تو سان سچار، وفادار ۽ دل جو سچو هو. تو هن سان اها وڏي مهرباني قائم رکندي سندس تخت تي ويهڻ لاءِ کيس هڪڙو پٽ ڏنو، جيئن اڄوڪي ڏينهن ظاهر آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 تڏهن سليمان چيو تہ تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود کي گهڻي مهرباني ڏيکاري آهي، جو هو تنهنجي اڳيان سچائي، ۽ راستبازي، ۽ دل جي صداقت سان تو سان هلندو هو؛ ۽ تو هن واسطي اها وڏي مهرباني قائم رکي آهي جو سندس تخت تي ويهڻ لاءِ کيس هڪڙو پٽ ڏنو اٿيئي، جيئن ڪ اڄوڪي ڏينهن آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 3:6
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن جواب ڏنو تہ ’جنهن خداوند جي حڪم تي آءٌ هلان ٿو سو پنهنجي ملائڪ کي تو وٽ موڪليندو ۽ تنهنجو پنڌ سجايو ڪندو. تون منهنجي مائٽن ۽ منهنجي پيءُ جي ڪٽنب مان منهنجي پٽ جي زال آڻ.


خداوند منهنجي سچائيءَ موجب مون کي اجر ڏنو، هائو، منهنجي بي‌قصور هئڻ ڪري هن مون کي انعام ڏنو.


سو منهنجي سچائيءَ موجب خداوند مون کي اجر ڏنو، هائو، منهنجي ان بي‌قصوريءَ موجب، جيڪا هن جي نظر آڏو هئي.


”وڃ، منهنجي ٻانهي دائود کي مون خداوند جو هي فرمان وڃي ٻڌاءِ تہ ’منهنجي رهڻ لاءِ گھر بڻائڻ وارو تون ئي آهين ڇا؟


دعا گھري چيو تہ ’شل خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي واکاڻ هجي جنهن اڄ مون کي منهنجي تخت تي منهنجو وارث ويهندي ڏيکاريو آهي.‘“


ڇاڪاڻ تہ دائود اهي ڪم ڪيا هئا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا. اورياہ حتيءَ جي ڳالهہ کان سواءِ هو پنهنجي سڄي عمر ۾ خداوند جي ڏنل ڪنهن بہ حڪم کان نہ ڦريو هو.


انهيءَ لاءِ تہ خداوند منهنجي باري ۾ مون سان ڪيل واعدو پورو ڪري تہ ’جيڪڏهن تنهنجو اولاد پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان منهنجي حڪمن تي هلندو تہ ڪڏهن بہ تو وٽ بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ وارثن جي ڪمي نہ ٿيندي.‘


جيڪڏهن تون منهنجيءَ راهہ تي هلندي منهنجي قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪندين، جيئن تنهنجو پيءُ دائود ڪندو هو، تہ پوءِ آءٌ تنهنجي عمر وڌائيندس.“


باقي رهين تون، سو جيڪڏهن تون پنهنجي پيءُ دائود وانگر پنهنجي دل جي خلوص ۽ سچائيءَ سان منهنجي فرمانبرداري ڪندين ۽ منهنجي حڪمن تي هلندي منهنجي قاعدن قانونن جي تعميل ڪندين،


”اي خداوند! ياد ڪر تہ آءٌ ڪيئن نہ تنهنجي اڳيان وفاداريءَ ۽ دل وَ جان سان هليو آهيان ۽ اُهي ئي ڪم ڪيا اٿم جيڪي تنهنجي نظر ۾ چڱا آهن.“ ائين چئي حزقياہ زاروزار روئڻ لڳو.


سليمان خدا کي ورندي ڏني تہ ”تو منهنجي پيءُ دائود تي وڏي مهرباني ڪئي هئي ۽ مون کي انهيءَ جي جاءِ تي بادشاهہ بڻايو اٿيئي.


خداوند مون تي ايڏو تہ احسان ڪيو آهي، جو مون کي وري ڪابہ ڳڻتي ڪرڻ جي ضرورت ڪانهي.


تون پنهنجي هن بندي تي پنهنجو جھجھو احسان ڪر، تان‌تہ آءٌ جيئرو رهان ۽ تنهنجي فرمان تي عمل پيو ڪريان.


آءٌ پنهنجي خداوند جي واکاڻ پيو ڳائيندس، ڇاڪاڻ تہ هن مون سان گھڻي ڀلائي ڪئي آهي.


بيشڪ اتي اهي ئي شخص رهندا، جيڪي تابعداريءَ سان هلن ٿا، جيڪي نيڪيءَ جا ڪم ٿا ڪن ۽ سدائين سچ ڳالهائين ٿا.


پر آءٌ پنهنجي ٻانهي موسيٰ سان ائين نہ ڳالهائيندو آهيان. اهو ئي تہ منهنجي سڄي گھراڻي ۾ امانتدار آهي.


ائين اوهين هر شيءِ ۾ مالا مال ٿي هر طرح جي امداد سخاوت سان ڏيندا، جيڪا اسان جي معرفت ضرورتمندن تائين پهچي خدا جي شڪرگذاريءَ جو سبب بڻبي.


تنهنڪري مون طيطس وارن کي اهو تاڪيد ڪرڻ ضروري سمجھيو تہ هو اڳواٽ اوهان وٽ اچن ۽ جنهن امداد جو اوهان واعدو ڪيو آهي، سا پهريائين گڏ ڪري رکن، تہ جيئن اها مجبوريءَ سان نہ بلڪ خوشيءَ سان ڏنل هجي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ