Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 3:5 - Muslim Sindhi Bible

5 تڏهن اتي خداوند سليمان کي رات جو خواب ۾ ڏيکاري ڏيئي چيو تہ ”جيڪي گھُرڻو اٿيئي سو گھُر تہ آءٌ تو کي ڏيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 جبعون ۾ خداوند سليمان کي رات جو خواب ۾ ڏيکاري ڏني: ۽ خدا چيو تہ ٻڌاءِ تہ آءٌ توکي ڇا ڏيان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 3:5
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خداوند سليمان تي ڪاوڙيو، ڇاڪاڻ تہ سندس دل خداوند، بني اسرائيل جي خدا کان ڦري ويئي هئي، جنهن ٻہ ڀيرا کيس ڏيکاري ڏني هئي.


تڏهن خداوند ٻيو ڀيرو هن کي ڏيکاري ڏني، جيئن اڳي جِبعون شهر ۾ هن کي ڏيکاري ڏني هئائين.


کين چيائين تہ ”هاڻي منهنجي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن اوهان ۾ ڪو نبي هوندو تہ آءٌ خداوند رويا ۾ انهيءَ تي ظاهر ٿيندس ۽ خواب ۾ انهيءَ سان ڳالهائيندس.


پر جڏهن هو انهن ڳالهين بابت ڳڻتيون ڪري رهيو هو تہ هن کي خواب ۾ خداوند جو هڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو، جنهن چيس تہ ”اي دائود جا اولاد يوسف! تون پنهنجي مڱينديءَ مريم سان شادي ڪرڻ کان نہ گھٻراءِ، ڇاڪاڻ تہ پاڪ روح جي قدرت سان کيس پيٽ ٿيو آهي.


جڏهن اُهي هليا ويا تہ خداوند جو هڪڙو ملائڪ يوسف کي خواب ۾ نظر آيو، جنهن چيس تہ ”اُٿ، ٻار ۽ سندس ماءُ کي وٺي مصر ڏانهن ڀڄي وڃ ۽ جيستائين آءٌ نہ چوانءِ تيستائين اُتي ئي رهجانءِ، ڇو تہ هيروديس ٻار جي ڳولا ڪري کيس مارائڻ گھري ٿو.“


هيروديس جي مرڻ کان پوءِ مصر ۾ يوسف کي خواب ۾ خداوند جو هڪڙو ملائڪ ڏسڻ ۾ آيو،


عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين مون کان پنهنجي لاءِ ڇا ٿا ڪرائڻ گھرو؟“


تنهنڪري آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ جيڪا شيءِ اوهين دعا ۾ گھرو ٿا تنهن لاءِ يقين ڪريو تہ اها اوهان کي ملي ويئي آهي. تڏهن ئي اها اوهان کي ملندي.


اوهان مون کي ڪين چونڊيو آهي، بلڪ مون اوهان کي چونڊيو آهي ۽ انهيءَ لاءِ مقرر ڪيو اٿم تہ وڃي اهڙو ميوو جھليو جيڪو هميشہ هلي. پوءِ اوهين منهنجي نالي تي پيءُ کان جيڪي بہ گھرندا سو هو اوهان کي ڏيندو.


جيڪڏهن اوهين مون ۾ رهو ۽ منهنجيون ڳالهيون اوهان ۾ رهن تہ پوءِ جيڪي وڻيوَ سو گھرو. اهو اوهان لاءِ ڪيو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ