1.بادشاهَہ 3:3 - Muslim Sindhi Bible3 سليمان پنهنجي پيءُ جي نصيحتن تي عمل ڪري خداوند سان محبت جو اظهار تہ ڪندو هو، پر مختلف هنڌن تي وڃي ساڙڻ لاءِ قربانيون پڻ پيش ڪندو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible3 ۽ سليمان خداوند سان محبت رکي پنهنجي پيءُ دائود جي قانونن تي هليو: رڳو مٿانهن هنڌن تي قربانيون ڪندو هو ۽ لوبان ساڙيندو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيڪو حڪم آءٌ تو کي ڏيان تنهن تي جيڪڏهن تون عمل ڪندين ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪندين، منهنجي قاعدن قانونن ۽ منهنجي حڪمن تي قائم رهندين، جيئن منهنجو ٻانهو دائود قائم رهيو هو، تہ پوءِ آءٌ تو سان گڏ هوندس. آءٌ بني اسرائيل جي انهن ڏهن قبيلن مٿان تنهنجي بادشاهت قائم رکندس ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد حڪمراني ڪندي، جيئن دائود لاءِ ڪيو هئم.
هاڻي اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان جيڪو ٻيو واعدو ڪيو هو سو بہ پورو ڪر، جو چيو هوءِ تہ ’تنهنجي واسطي منهنجي حضور ۾ بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ هرگز تنهنجي اولاد مان ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي بشرطيڪ هو سڌيءَ راهہ تي هلندي منهنجي اهڙي ئي فرمانبرداري ڪري جهڙي تون ڪندو رهيو آهين.‘
عملدار اعليٰ وڌيڪ انهن ماڻهن کي چيو تہ ”پر جيڪڏهن اوهين مون کي چوندا تہ ’اسان جو ڀروسو خداوند پنهنجي خدا تي آهي،‘ تہ پوءِ هو اهو ساڳيو معبود نہ آهي ڇا جنهن جون عبادتگاهون ۽ قربانگاهون حزقياہ ختم ڪرائي ڇڏيون؟ بلڪ هن يروشلم وارن توڙي سڄي يهوداہ وارن کي چيو تہ ’اوهين رڳو يروشلم واري قربانگاهہ تي قربانيون چاڙهيو.‘
هن ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جا پوڄا گھر ڊهرائي ڇڏيا ۽ سڀيئي ٿنڀي جيان کوڙيل بت يسيرہ ديويءَ وارن بتن سميت ڪيرائي ۽ ڀڃرائي ڇڏيائين. هن موسيٰ جي ٺاهيل انهيءَ پيتلي نانگ کي بہ ڀڃي ڀورا ڀورا ڪري ڇڏيو، جنهن کي نحشتان سڏيو ويندو هو، ڇاڪاڻ تہ ان وقت تائين بني اسرائيل انهيءَ آڏو ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندا هئا.
ڇوڪرين ورندي ڏيئي چيو تہ ”هائو، هو هتي آهي ۽ بلڪل اوهان جي سامهون آهي. اوهين شهر ۾ داخل ٿيڻ شرط ساڻس ملي سگھندا. هو اڄ ئي شهر ۾ آيو آهي، ڇاڪاڻ تہ ٽڪر واري قربانگاهہ تي ماڻهن کي قرباني ڪرڻي آهي. انهيءَ کان اڳ جو هو ٽڪر واري قربانگاهہ تي دعوت کائڻ لاءِ نڪري وڃي اوهين جلدي ساڻس وڃي ملو. ماڻهو تيستائين کائڻ شروع نہ ڪندا جيستائين هو نہ پهچي، ڇاڪاڻ تہ هو قربانيءَ تي دعا گھرندو آهي، تنهن کان پوءِ دعوت ۾ آيل مهمان کائيندا آهن. تنهنڪري اوهين هينئر ئي مٿي چڙهي ويندا تہ هو اوهان کي ملي ويندو.“