Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 3:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ماڻهو تڏهن مختلف هنڌن تي وڃي قربانيون پيش ڪندا هئا، ڇو تہ انهن ڏينهن تائين خداوند جي عبادت لاءِ اڃا ڪابہ مستقل هيڪل نہ ٺاهي ويئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ماڻهو فقط مٿانهن هنڌن تي قربانيون چاڙهيندا هئا، ڇالاءِ جو انهن ڏينهن تائين خداوند جي نالي تي ڪوبہ گهر جڙيل نہ هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 3:2
17 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هنن پنهنجي لاءِ غير معبودن وارا پوڄا گھر ٺاهيا. هنن ٽڪرين تي ۽ وڏي ڇانوري وارن وڻن هيٺ پٿر جا ٿنڀا ۽ يسيرہ ديويءَ جون مورتيون بہ لڳايون.


جيتوڻيڪ آسا غير معبودن جا سڀ پوڄا گھر نہ ڊهرايا، تنهن هوندي بہ هن جي دل سڄي عمر خداوند سان پوريءَ طرح لڳل رهي.


هن پنهنجي پيءُ آسا وانگر اُهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ چڱا هئا. انهيءَ هوندي بہ غير معبودن وارا پوڄا گھر ڪونہ ڊهرايائين. سو ماڻهو اتي اڃان تائين قربانيون پيش ڪندا رهيا ۽ لوبان ساڙيندا رهيا.


هو پڻ اسرائيل جي بادشاهہ سان صلح سانت ۾ رهيو.


”تون ڄاڻين ٿو تہ منهنجي پيءُ دائود خداوند پنهنجي خدا جي عبادت لاءِ انهيءَ ڪري هيڪل جوڙائي نہ سگھيو جو آس‌پاس وارن علائقن ۾ ايستائين ساڻس جنگيون هلنديون رهيون، جيستائين خداوند انهيءَ جي دشمنن کي سندس پيرن هيٺ نہ ڪيو.


بادشاهہ يوآس سڀني ڪاهنن کي گھرائي حڪم ڏنو تہ ”اهي پئسا جيڪي خداوند جي هيڪل ۾ نذراني طور آندا وڃن ٿا، يعني باقاعدي قربانين وارا پئسا ۽ خوشيءَ وارين قربانين جا پئسا سي اوهين گڏ ڪريو.


آسا جي دل سندس سڄي حياتي خدا سان پوريءَ طرح لڳل رهي. انهيءَ هوندي بہ ملڪ مان غير معبودن جا پوڄا گھر ختم نہ ڪيا ويا.


انهيءَ هوندي بہ ماڻهو اڃا پوڄا گھرن ۾ قربانيون پيش ڪندا آيا، پر رڳو خداوند پنهنجي خدا جي لاءِ.


هنن پنهنجي بت‌خانن جي ڪري سندس غصي کي ڀڙڪايو. هائو، پنهنجي تراشيل مورتين جي ڪري کيس غيرت ڏياريائون.


آءٌ ٽڪر تي ٺهيل اوهان جي غير معبودن وارا پوڄا گھر ڊاهي ڇڏيندس ۽ اوهان جون لوبان واريون قربان‌گاهون ڀڃي ڪيرائي ڇڏيندس. اوهان جا لاش آءٌ اوهان جي بي‌جان معبودن مٿان اڇلائي ڍير ڪندس. مون کي اوهان کان سخت نفرت ٿي ويندي.


خبردار ٿجو، متان جيڪا بہ جاءِ ڏسو، اتي ئي پنهنجي ساڙڻ واري قرباني پيش ڪريو.


ڇوڪرين ورندي ڏيئي چيو تہ ”هائو، هو هتي آهي ۽ بلڪل اوهان جي سامهون آهي. اوهين شهر ۾ داخل ٿيڻ شرط ساڻس ملي سگھندا. هو اڄ ئي شهر ۾ آيو آهي، ڇاڪاڻ تہ ٽڪر واري قربان‌گاهہ تي ماڻهن کي قرباني ڪرڻي آهي. انهيءَ کان اڳ جو هو ٽڪر واري قربان‌گاهہ تي دعوت کائڻ لاءِ نڪري وڃي اوهين جلدي ساڻس وڃي ملو. ماڻهو تيستائين کائڻ شروع نہ ڪندا جيستائين هو نہ پهچي، ڇاڪاڻ تہ هو قربانيءَ تي دعا گھرندو آهي، تنهن کان پوءِ دعوت ۾ آيل مهمان کائيندا آهن. تنهنڪري اوهين هينئر ئي مٿي چڙهي ويندا تہ هو اوهان کي ملي ويندو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ