Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 3:16 - Muslim Sindhi Bible

16 هڪ ڏينهن ٻہ ڪسبياڻيون اچي بادشاهہ سليمان جي اڳيان بيٺيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 تنهن کان پوءِ ڪي ٻہ زالون، جي ڪسبياڻيون هيون، سي بادشاهہ وٽ آيون ۽ اچي سندس اڳيان بيٺيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 3:16
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ سليمان جاڳيو ۽ محسوس ڪيائين تہ خداوند اهو سڀ ڪجھہ ساڻس خواب ۾ ڪيو. تنهن کان پوءِ هو يروشلم ڏانهن موٽي آيو ۽ اچي خداوند جي عهد واري صندوق جي اڳيان ساڙڻ واريون قربانيون ۽ سلامتيءَ واريون قربانيون پيش ڪيائين. انهيءَ کان پوءِ هن پنهنجي سڀني عملدارن جي دعوت ڪئي.


انهن مان هڪڙيءَ چيو تہ ”اي منهنجا آقا! آءٌ ۽ هيءَ عورت ٻئي هڪڙي ئي گھر ۾ رهنديون آهيون. مون کي گھر ۾ هڪڙو پٽ ڄائو، تنهن مهل هيءَ بہ اتي هئي.


ٻئي ڏينهن موسيٰ ماڻهن جا فيصلا ڪرڻ ويٺو ۽ ماڻهو صبح کان وٺي سانجھيءَ تائين سندس چوڌاري بيٺا رهيا.


تنهن کان سواءِ جڏهن هنن ۾ ڪو جھيڙو ٿو ٿئي تڏهن بہ هو مون وٽ ٿا اچن. آءٌ انهن ٻنهي جو فيصلو ٿو ڪريان ۽ کين خدا جي قاعدن قانونن مان واقف ٿو ڪريان.“


خدا جا راز ڳجھا آهن ۽ انهيءَ مان ئي سندس عظمت ظاهر آهي، جڏهن تہ بادشاهہ جي عظمت انهيءَ ۾ آهي تہ هو رازن بابت کوجنا ڪري.


اوهين پنهنجي ڌيئرن کي ڪسبياڻي بڻائي کين بي‌آبرو نہ ڪجو، متان ملڪ ۾ زناڪاري ٿيڻ لڳي ۽ ملڪ بڇڙائيءَ سان ڀرجي وڃي.


هو خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو موسيٰ، اليعزر ڪاهن، اڳواڻن بلڪ سڄيءَ قوم جي اڳيان اچي بيٺيون ۽ چوڻ لڳيون تہ


بني اسرائيل جي ڌيئرن يا پٽن مان ڪوبہ ڪنهن مذهبي رسم ادا ڪندي ڪسبياڻيءَ يا لونڊي وارو ڪم نہ ڪري.


پوءِ يشوع شطيم وٽان خيمي‌گاهہ مان ٻہ ماڻهو جاسوس ڪري موڪليا. هن کين چيو تہ ”اوهين ڳجھيءَ طرح وڃي ڪنعان ملڪ جي، خاص طور تي يريحو شهر مان جاچ لهي اچو.“ تڏهن هو اتان روانا ٿيا ۽ يريحو شهر ۾ آيا. اتي هو راحب نالي هڪ ڪسبياڻيءَ جي گھر ۾ وڃي رات رهيا.


افتاح جِلعادي هڪڙو ڏاڍو همت وارو ۽ بهادر شخص هو. هو هڪڙي ڪسبياڻيءَ کي جِلعاد نالي شخص مان ڄائو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ