Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 3:12 - Muslim Sindhi Bible

12 تنهنڪري ڏس، جيئن تو چيو آهي تيئن ئي آءٌ ڪريان ٿو. آءٌ تو کي عقل ۽ سمجھہ واري اهڙي دل ڏيان ٿو جيڪا ڪنهن ٻئي کي نہ تو کان اڳ ۾ ملي هئي ۽ نہ وري تو کان پوءِ ڪنهن کي ملندي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 تنهنڪري ڏس، جيئن تو چيو آهي تيئن مون ڪيو آهي: ڏس مون توکي عقل ۽ سمجهہ واري دل ڏني آهي؛ جنهنڪري تو جهڙو ٻيو ڪوبہ ماڻهو توکان اڳي نہ ٿيو، ۽ نہ توکان پوءِ ڪو ٻيو تو جهڙو پيدا ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 3:12
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو تون پنهنجي سمجھہ کان ڪم وٺجانءِ ۽ هن جي اڇي مٿي کي سلامتيءَ سان قبر ۾ وڃڻ نہ ڏجانءِ.“


پر تون هن کي بي‌گناهہ نہ سمجھہ. تون سياڻو ماڻهو آهين. تو کي پاڻيهي معلوم ٿي ويندو تہ هن سان ڇا ڪرڻ گھرجي. تون هن جو اڇو مٿو رتو رت ڪري کيس قبر ۾ لاهجانءِ.“


جڏهن سڄي بني اسرائيل بادشاهہ جو اهو فيصلو ٻڌو تڏهن هو سندس بيحد تعظيم ڪرڻ لڳا، ڇاڪاڻ تہ هنن ڏٺو تہ عدالت ڪرڻ لاءِ هن ۾ خدا جي دانائي آهي.


خداوند سليمان کي دانائي بخشي، جيئن ساڻس واعدو ڪيو هئائين. حيرام ۽ سليمان ۾ صلح قائم رهيو ۽ هنن ٻنهي پاڻ ۾ هڪڙو معاهدو ڪيو.


منهنجا مزدور اهو ڪاٺ لبنان کان سمنڊ تائين آڻيندا ۽ هو انهن کي پاڻ ۾ ٻڌي ٻيڙين وانگر سمنڊ جي رستي انهيءَ هنڌ تائين لوڙهي آڻيندا، جيڪو هنڌ تون مقرر ڪندين. اتي هو انهن کي کولي رکندا ۽ پوءِ تون اتان کڻائي وڃج. باقي تون ان جي عيوض منهنجي محل جي لاءِ گھربل سيڌو سامان موڪلي ڏج.“


خداوند سڄي بني اسرائيل جي نگاهہ ۾ سليمان جو مان مٿاهون ڪيو ۽ کيس اهڙي شاهاڻي حشمت بخشيائين، جهڙي کانئس اڳي بني اسرائيل ۾ ڪنهن بہ بادشاهہ کي نصيب نہ ٿي هئي.


خداوند، بني اسرائيل جي خدا جي شل واکاڻ هجي، جنهن زمين ۽ آسمان کي بڻايو ۽ جنهن دائود بادشاهہ کي سمجھہ ۽ عقل وارو هڪ پٽ عطا ڪيو، جيڪو خداوند جي لاءِ هڪ گھر ۽ پنهنجي لاءِ هڪ محل تعمير ڪرائي ٿو.


جيئن تہ بني اسرائيل جو بادشاهہ سليمان، جنهن سان خدا جو تمام گھڻو پيار هو ۽ کيس سڄي اسرائيل ملڪ تي بادشاهہ مقرر ڪيو هئائين ۽ جنهن جهڙو بادشاهہ ڪنهن بہ قوم ۾ ڪونہ ٿيو هو، تنهن بہ اهڙو ئي گناهہ ڪري وڌو جو ڌارين عورتن سان شادي ڪيائين.


اي خداوند! تون نماڻن جون التجائون ٻڌين ٿو، ۽ ٻڌندو رهندين. تون ئي انهن جون دليون پختيون ڪندين.


بيشڪ اهو خداوند ئي آهي، جنهن کان اسان کي ڏاهپ ملي ٿي. هائو، ڄاڻ ۽ سمجھہ هن کان ئي حاصل ٿئي ٿي.


منهنجي دل ۾ شوق جاڳيو تہ هن ڌرتيءَ تي جيڪي ڪجھہ ٿي رهيو آهي، تنهن بابت پنهنجي ڏاهپ جي وسيلي جاچ‌جوچ ڪريان ۽ سمجھان. مون کي اهو سمجھہ ۾ آيو تہ خدا بني آدم لاءِ سدائين ڏکن ڀريل زندگي لکي ڇڏي آهي.


مون پنهنجيءَ دل ۾ سوچيو تہ ”ڏس، يروشلم ۾ جيڪي مون کان اڳ حڪمران ٿي گذريا آهن، تن سڀني کان وڌيڪ ڏاهپ مون حاصل ڪئي آهي. هائو، عقل ۽ ڄاڻ جو مون وڏو مطالعو ڪيو آهي.“


اهي اڃا مون کان دعا گھري بس ئي نہ ڪندا، تہ آءٌ کين سندن دعائن جو جواب ڏيندس.


هاڻ خدا انهن چئني نوجوانن کي هر قسم جي علم وَ ادب ۾ مهارت ۽ ڏاهپ عطا ڪئي. هن دانيال کي سڀني رويائن ۽ خوابن جي سمجھہ پڻ عطا ڪئي.


قيامت جي ڏينهن ڏکڻ جي راڻي اُٿي بيهندي ۽ هن زماني جي ماڻهن کي ڏوهاري قرار ڏيندي، ڇاڪاڻ تہ هوءَ وڏي پنڌ تان سليمان بادشاهہ جي ڏاهپ ٻڌڻ لاءِ آئي هئي. پر آءٌ اوهان کي ٻڌايان ٿو تہ هتي هڪڙو اهڙو آهي جيڪو سليمان کان بہ عظيم آهي.“


ڇاڪاڻ تہ آءٌ اوهان کي اهڙي زبان ۽ اهڙي ڏاهپ ڏيندس جو اوهان جو ڪوبہ دشمن اوهان سان مقابلو يا مخالفت ڪري نہ سگھندو.


نون جو پٽ يشوع دانائيءَ جي روح سان ڀرپور هو، ڇاڪاڻ تہ موسيٰ پنهنجا هٿ مٿس رکيا هئا. سو بني اسرائيل جا ماڻهو هن جي فرمانبرداري ڪرڻ لڳا ۽ خداوند جيڪو حڪم موسيٰ کي ڏنو هو، تنهن موجب هنن عمل ڪيو.


جنهن ۾ ڏاهپ ۽ ڄاڻ جا سڀ خزانا لڪل آهن.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ