10 خداوند انهيءَ ڳالهہ ڪري خوش ٿيو جو سليمان اها شيءِ گھري.
10 ۽ انهيءَ ڳالهہ ڪري خداوند خوش ٿيو جو سليمان اها شيءِ گهري هئي.
سو کيس چيائين تہ ”جيئن تہ تو نہ پنهنجي لاءِ وڏي حياتي گھُري آهي ۽ نہ دولت، نہ ئي وري پنهنجي دشمن لاءِ موت گھريو اٿيئي، بلڪ تو انصاف ڪرڻ لاءِ سمجھہ گھري آهي،
سو مون پنهنجي ٻانهي کي سمجھہ ڀري دل عطا ڪر، جنهن سان آءٌ تنهنجي قوم مٿان انصاف سان حڪمراني ڪريان ۽ چڱي ۽ بري جي وچ ۾ تميز ڪري سگھان. نہ تہ ڪير آهي جيڪو تنهنجي هن وڏيءَ قوم تي حڪمراني ڪري سگھي؟“
سچارن جي دعا گھرڻ تي خداوند خوش ٿو ٿئي، مگر بدڪارن جي قربانين کان بہ هن کي نفرت آهي.
هو ئي وقتن کي ڦيري ڇڏي ٿو ۽ زمانا تبديل ٿو ڪري، هو ئي بادشاهن کي قائم ٿو ڪري ۽ کين معزول پڻ ڪري ٿو، هو ئي ڏاهن کي ڏاهپ ۽ عقلمندن کي ڄاڻ عطا ڪري ٿو.