Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 22:6 - Muslim Sindhi Bible

6 سو اخي‌اب چار سؤ نبي سڏائيندڙن کي گڏ ڪيو ۽ کانئن پڇيائين تہ ”آءٌ رامات شهر تي ڪاهہ ڪريان يا نہ؟“ هنن وراڻيس تہ ”ڀلي وڃو، ڌڻي توهان کي فتح ڏيندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 تڏهن اسرائيل جي بادشاهہ نبي گڏ ڪيا، جي اٽڪل چار سؤ ماڻهو اچي گڏ ٿيا، ۽ اُنهن کي چيائين تہ آءٌ جنگ ڪرڻ لاءِ رامات جلعاد تي ڪاهي وڃان يا ماٺ ڪيو ويٺو هجان؟ ۽ هنن چيو تہ ڀلي وڃ؛ ڇالاءِ جو خداوند انهيءَ کي بادشاهہ جي هٿن ۾ ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 22:6
22 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هن کانئن پڇيو تہ ”اوهان جي ڪهڙي صلاح آهي؟ هنن ماڻهن کي ڪهڙي ورندي ڏيڻ گھرجي جيڪي چون ٿا تہ ’جيڪا پاڃاري تنهنجي پيءُ اسان تي رکي هئي سا هلڪي ڪر.‘“


هاڻ اسرائيل جي سڀني ماڻهن کي ڪرمل جبل تي گھرائي مون وٽ گڏ ڪر. بعل ديوتا جي ساڍن چئن سون نبي سڏائيندڙن ۽ يسيرہ ديويءَ جي چئن سون نبي سڏائيندڙن کي بہ گھراءِ جن جي راڻي ايزبل حمايت ڪري ٿي.“


سو اخي‌اب بادشاهہ سڀني اسرائيل وارن کي ۽ سڀني نبي سڏائيندڙن کي ڪرمل جبل تي گھرايو.


اسرائيل جو بادشاهہ اخي‌اب ۽ يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط پنهنجي پنهنجي شاهاڻي پوشاڪ پهريو ڪرسين تي سامريہ شهر جي ٻاهرين دروازي وٽ ڳاهہ جي پِڙ جي ڀرسان ويٺا هئا ۽ سڀني نبي سڏائيندڙن سندن اڳيان اڳڪٿيون ٿي ڪيون.


جڏهن هو اخي‌اب وٽ آيو تڏهن هن کانئس پڇيو تہ ”اي ميڪاياہ! اسين رامات شهر تي ڪاهہ ڪريون يا نہ؟“ هن وراڻيو تہ ”ها، ڇو نہ، ڀلي وڃ ۽ ماڻ ڪاميابي. خداوند تو کي سوڀ ڏيندو.“


پر اچو تہ اڳ ۾ خداوند جي مرضي معلوم ڪريون.“


سو هاڻي اوهين بعل جا سڀ نبي سڏائيندڙ، سندس سڀ پوڄيندڙ ۽ سندس سڀ مذهبي اڳواڻ سڏي مون وٽ آڻيو. ڏسجو متان ڪو رهجي وڃي، ڇو تہ مون کي بعل جي لاءِ هڪڙي وڏي قرباني ڪرڻي آهي. سو جيڪو نہ ايندو تنهن کي جيئرو نہ ڇڏيندس.“ ييهوءَ اها چالاڪي ٿي ڪئي تہ جيئن بعل جا سڀ پوڄيندڙ مارائي چٽ ڪري ڇڏي.


اليشع اسرائيل جي بادشاهہ کي چيو تہ ”تنهنجو مون سان ڪهڙو واسطو آهي؟ تون پنهنجي پيءُ ۽ پنهنجي ماءُ جي نبين وٽ وڃ.“ تنهن تي اسرائيل جي بادشاهہ وراڻيو تہ ”نہ ائين نہ ٿيندو، ڇاڪاڻ تہ خداوند ئي اسان ٽنهي کي گڏ ڪيو آهي تہ جيئن هو اسان کي موآب جي بادشاهہ جي حوالي ڪري.“


پوءِ جڏهن هو اخي‌اب وٽ آيو تڏهن هن کيس چيو تہ ”اي ميڪاياہ! اسين جنگ ڪرڻ لاءِ رامات شهر ڏانهن وڃون يا نہ؟“ هن وراڻيس تہ ”ها، ڇو نہ، ڀلي وڃ ۽ ماڻ ڪاميابي. تو کي سوڀ ملندي.“


ٻيو تہ آءٌ هن شهر کي حملو ڪري برباد ڪرڻ لاءِ خداوند جي چوڻ کان سواءِ ئي آيو آهيان ڇا؟ خداوند پاڻ مون کي چيو تہ ’هن ملڪ تي چڙهائي ڪري کيس تباهہ وَ برباد ڪر.‘“


نبي سڏائيندڙ ڪوڙي پيشن‌گوئي ڪن ٿا، ۽ ڪاهن انهن جي وسيلي حڪم هلائين ٿا، جيڪي ڳالهيون منهنجي قوم کي پسند آهن. پر منهنجي قوم آخرڪار ڇا ڪندي؟“


اوهان پنهنجن ڪوڙن سان سچارن جون دليون ٽوڙي وڌيون آهن، جيتوڻيڪ آءٌ انهن جو غمگين ٿيڻ نہ ٿو چاهيان. ان کان علاوہ اوهان بدڪارن جا هٿ مضبوط ڪيا آهن، جنهن جي ڪري اهي خراب رستي کان باز اچي پنهنجي جان نہ ٿا بچائين.


”انهن نبي سڏائيندڙن کان هوشيار ٿجو، جيڪي حقيقي نبي نہ آهن، ڇاڪاڻ تہ اهي اوهان وٽ رڍن جي روپ ۾ اچن ٿا پر اندر ۾ اهي وحشي بگھڙ آهن.


ڇاڪاڻ تہ اهڙو وقت ايندو، جڏهن ماڻهو صحيح تعليم برداشت نہ ڪندا. اٽلندو هو پنهنجين خواهشن جي پورائي لاءِ پنهنجي چوڌاري گھڻا ئي اهڙا تعليم ڏيندڙ آڻي گڏ ڪندا، جيڪي کين اهو ئي ڪجھہ ٻڌائين جيڪو سندن ڪن ٻڌڻ چاهين ٿا.


تڏهن انهيءَ پهرئين حيوان کي پڪڙيو ويو ۽ ڪوڙو پيغام ڏيندڙ انهيءَ ٻئي حيوان کي بہ ساڻس گڏ پڪڙيو ويو، جنهن پهرئين حيوان جي سامهون ماڻهن کي معجزا ڏيکاري گمراهہ ڪري ڇڏيو هو، تہ جيئن اهي پهرئين حيوان جو نشان هڻائين ۽ سندس بت جي پوڄا ڪن. اهي ٻيئي حيوان گندرف سان ڀڙڪندڙ باهہ جي ڍنڍ ۾ جيئرا ئي اڇلايا ويا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ