Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 22:34 - Muslim Sindhi Bible

34 هوڏانهن اوچتو ئي ارام جي هڪڙي سپاهيءَ ائين ئي کڻي پنهنجي تيرڪمان سان تير هنيو جيڪو زرهہ جي جوڙن مان لنگھي وڃي اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب کي لڳو. بادشاهہ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏي هلائڻ واري کي چيو تہ ”جنگ مان گاڏي ڪڍي مون کي ٻاهر وٺي هل، ڇاڪاڻ تہ آءٌ زخمي ٿي پيو آهيان.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 ۽ اوچتو هڪڙي ماڻهوءَ پنهنجي ڪمان ڪشي اسرائيل جي بادشاهہ کي زرهہ جي سنڌن جي وچ ۾ تير هنيو: جنهن تي هن پنهنجي رٿ هڪلڻ واري کي چيو تہ پنهنجو رٿ لشڪر مان ڪڍي ٻاهر ڪر؛ ڇالاءِ جو آءٌ زخمي ٿي پيو آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 22:34
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

ابي‌سلوم ٻہ سؤ ماڻهن کي دعوت ڏني، جيڪي ساڻس گڏ يروشلم کان روانا ٿيا. اهي بلڪل نيڪ نيتيءَ سان ويا هئا ۽ کين ڪنهن بہ منصوبي جي خبر نہ هئي.


تڏهن ميڪاياہ وراڻيو تہ ”مون اسرائيل وارن کي جبلن جي مٿان ائين پکڙيل ڏٺو جيئن ڌنار کان سواءِ رڍون هونديون آهن. خداوند فرمايو تہ ’هنن جو ڪوبہ ڌڻي سائين ڪونهي، سو چڱائي انهيءَ ۾ اٿن جو هو پنهنجي پنهنجي گھر سلامتيءَ سان موٽي وڃن.‘“


تڏهن هنن سمجھيو تہ اهو اسرائيل جو بادشاهہ نہ آهي. سو مٿس حملو نہ ڪيائون.


انهيءَ ڏينهن وڏي گھمسان جي جنگ لڳي. زخمي هوندي بہ اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب کي ارامين جي سامهون جنگي گھوڙي گاڏي ۾ سنڀالي بيهاريو ويو. پر سندس زخم مان رت وهي گاڏيءَ جي تري ۾ ڀرجي ويو ۽ هو شام جو مري ويو.


تڏهن ييهوءَ پنهنجو تيرڪمان ڪڍي يورام کي تير هنيو جيڪو سندس پٺيءَ ۾ وڃي لڳو ۽ دل منجھان پار هليو ويس. يورام پنهنجي گاڏيءَ ۾ ئي ڪري مري ويو.


هوڏانهن ارام جي بادشاهہ پنهنجي جنگي گھوڙي گاڏين جي سالارن کي حڪم ڏنو تہ ”اوهين اسرائيل جي بادشاهہ کان سواءِ ٻئي ڪنهن تي بہ حملو نہ ڪجو.“


جنگ دوران تيراندازن يوسياہ بادشاهہ کي تير هنيا. تڏهن بادشاهہ پنهنجي ماڻهن کي چيو تہ ”مون کي جنگ مان ٻاهر ڪڍي هلو، ڇو تہ آءٌ ڏاڍو زخمي ٿي پيو آهيان.“


هاڻ ڀلا پروردگار جي مرضيءَ کان سواءِ، ڪنهن کي طاقت آهي جو اهو سڀ ڪجھہ ڪري سگھي؟


تنهنڪري اوهان جي گناهن سبب آءٌ بہ اوهان کي موتمار زخم رسائي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس.


انهيءَ جي ڇاتي لوهي سينابند جهڙي هئي ۽ ان جي پرن جي آواز مان ائين پئي لڳو ڄڻ تہ ڪيتريون ئي جنگي گھوڙي گاڏيون ۽ گھوڙا جنگ ۾ ڪاهي پيا هجن.


دائود پنهنجي ڳوٿريءَ ۾ هٿ وجھي اتان هڪڙو پٿر ڪڍيو ۽ کانڀاڻيءَ ۾ رکي اڇلائي جالوت جي پيشانيءَ ۾ هنيائين، تہ اهو سندس پيشانيءَ ۾ گھڙي ويو ۽ هو زمين تي اونڌو ٿي ڪري پيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ