Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 22:3 - Muslim Sindhi Bible

3 اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب يهوسفط جي روبرو پنهنجي عملدارن کي چيو تہ ”اوهان کي خبر ناهي ڇا تہ جِلعاد علائقي جو رامات شهر اسان جو آهي؟ پر انهيءَ هوندي بہ اسين ماٺ ڪيو ويٺا آهيون ۽ اهو ارام جي بادشاهہ جي قبضي مان نہ ٿا ڇڏايون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ اسرائيل جي بادشاهہ پنهنجي نوڪرن کي چيو تہ اوهان کي اها خبر آهي يا نہ تہ رامات جلعاد اسان جو آهي، ۽ اسين ماٺ ڪيو ويٺا آهيون، ۽ اهو ارام جي بادشاهہ جي هٿن مان نہ ٿا وٺون؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 22:3
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن تہ ابي‌سلوم جنهن کي اسان مسح ڪري پنهنجي مٿان بادشاهہ مقرر ڪيو، سو جنگ ۾ مري ويو آهي. تڏهن هاڻي اوهين دائود بادشاهہ کي موٽائي وٺي اچڻ جي ڳالهہ ڇو نہ ٿا ڪريو؟“


پوءِ اسرائيل جو بادشاهہ اخي‌اب ۽ يهوداہ جو بادشاهہ يهوسفط رامات شهر تي ڪاهي ويا.


بن‌جبر: جِلعاد واري رامات شهر مٿان ۽ جِلعاد جي انهن ڳوٺن مٿان جيڪي منسيءَ جي اولاد مان يائير جي نسل جا آهن ۽ بسن واري ارجُوب علائقي مٿان، جتي جملي سٺ شهر ڪوٽن سان آهن، جن جي ٻاهرين دروازن تي پتل جا گز لڳل آهن.


هو يورام ولد اخي‌اب سان گڏجي ارام جي بادشاهہ حزائيل سان جنگ ڪرڻ لاءِ جِلعاد جي علائقي ۾ رامات شهر ڏانهن ويو، جتي يورام جنگ ۾ زخمي ٿي پيو.


پوءِ ييهوءَ يورام بادشاهہ جي خلاف منصوبو جوڙيو. هوڏانهن يورام يزرعيل شهر ۾ هو جتي هو انهن زخمن جي علاج لاءِ ويو هو جيڪي کيس اسرائيل جي لشڪر سان گڏ رامات شهر جي حفاظت ڪندي ارام جي بادشاهہ حزائيل خلاف جنگ ۾ رسيا هئا. سو ييهوءَ پنهنجي ساٿين کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون سان گڏ آهيو تہ پوءِ خيال ڪريو تہ متان ڪو ڪٿان نڪري وڃي يزرعيل شهر وارن کي اها خبر ٻڌائي.“


اهي شهر هي هئا: بني روبن جي لاءِ بصر شهر جيڪو بيابان جي وچ ۾ اوچي ميدان ۾ آهي، بني جد جي لاءِ رامات شهر جيڪو جِلعاد ۾ آهي ۽ بني منسيءَ جي لاءِ جولان شهر جيڪو بسن ۾ آهي.


اردن درياءَ جي اوڀر طرف يريحو شهر جي اوڀر واري بياباني ميدان ۾ روبن جي علائقي ۾ بصر شهر، جد قبيلي واري علائقي جِلعاد ۾ رامہ شهر، منسيءَ قبيلي واري علائقي بسن ۾ جولان شهر.


جد قبيلي مان کين هي چار شهر آس‌پاس وارن چراگاهن سميت جِلعاد علائقي ۾ مليا: رامات، جيڪو خونيءَ لاءِ پناهہ جي شهرن مان هڪ هو، محنايم،


غزہ جي ماڻهن کي جڏهن خبر پيئي تہ سمسون هتي آيو آهي، تڏهن هنن انهيءَ جاءِ کي گھيري ۾ آندو ۽ سڄي رات شهر جي ٻاهرين دروازي وٽ هن جي لاءِ ترسي ويٺا. رات جو هنن ڪابہ چرپر ڪانہ ڪئي جو چيائون تہ ”پرهہ ڦٽيءَ مهل هن کي ماري ڇڏينداسون.“


هنن وراڻيو تہ ”هلو تہ هلي ليس شهر تي حملو ڪريون. اسان ان ملڪ کي ڏٺو جيڪو ڏاڍو سٺو آهي. اوهين ڇو ماٺ ڪيو ويٺا آهيو؟ سستي نہ ڪريو، هلو تہ هلي مٿس قبضو ڪريون.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ