1.بادشاهَہ 22:16 - Muslim Sindhi Bible16 پر اخياب ميڪاياہ کي چيو تہ ”ڪيترا ڀيرا آءٌ تو کي قسم ڏيان تہ خداوند جي نالي تي مون کي بلڪل سچ ٻڌاءِ؟“ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible16 ۽ بادشاهہ اُنهيءَ کي چيو تہ ڪيترا ڀيرا آءٌ توکي قسم ڏيندس تہ خداوند جي نالي تي سچ کانسواءِ مون کي ٻيو ڪي بہ ڪين چوين؟ အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
۽ سائول جي لشڪر ۾ اٽڪل ڏهہ هزار ماڻهو گڏ ٿي ويا. جڏهن جنگ افرائيم جي جابلو علائقي ۾ هر شهر تائين پکڙجي ويئي، تڏهن سائول هڪڙي وڏي غلطي ڪئي جو ماڻهن کي قسم ڏيئي چيائين تہ ”جيستائين شام نہ ٿئي ۽ آءٌ پنهنجي دشمنن کان وير نہ وٺان، تيستائين جيڪو کاڌو کائيندو سو لعنتي ٿيندو.“ تنهنڪري ماڻهن مان ڪنهن بہ ڪا شيءِ چکي بہ ڪونہ.