Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 20:4 - Muslim Sindhi Bible

4 اسرائيل جي بادشاهہ ورندي ڏياري موڪليس تہ ”اي بادشاهہ، منهنجا آقا! جيئن اوهان جو حڪم، آءٌ ۽ جيڪي ڪجھہ مون وٽ آهي سو سڀ اوهان جو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ اسرائيل جي بادشاهہ ورندي ڏيئي چيو تہ اي بادشاهہ، منهنجا ڌڻي، ائين ئي آهي جيئن تون چوين ٿو؛ آءٌ، ۽ جيڪي بہ مون وٽ آهي، سو سڀ تنهنجو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 20:4
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

شمعيءَ بادشاهہ کي وراڻيو تہ ”اها ڳالهہ چڱي آهي. جيئن منهنجي آقا بادشاهہ فرمايو آهي تيئن ئي اوهان جو هي ٻانهو ڪندو.“ سو شمعي گھڻا ئي ڏينهن يروشلم ۾ رهيو.


”پنهنجي چاندي، پنهنجو سون، پنهنجيون سهڻيون عورتون ۽ پنهنجا صحتمند ٻار مون بن‌هدد جي حوالي ڪر.“


بعد ۾ قاصد وري اخي‌اب وٽ موٽي آيا ۽ بن‌هدد جو نياپو ڏنائونس تہ ”مون تو کي نہ چيو هو ڇا تہ ’پنهنجي چاندي، پنهنجو سون، پنهنجيون عورتون ۽ پنهنجا ٻار منهنجي حوالي ڪر‘؟


سو شاهي محل جي ناظم، شهر جي گورنر، اتان جي اڳواڻن ۽ اخي‌اب بادشاهہ جي اولاد کي پالڻ وارن بہ ييهوءَ ڏانهن چوائي موڪليو تہ ”اسين اوهان جا ٻانها آهيون، جيئن اوهين چوندا تيئن ئي ڪنداسين. اسين ڪنهن کي بہ بادشاهہ نہ بڻائينداسون. باقي توهان کي جيڪي وڻي سو ڀلي ڪريو.“


اوهان منجھان جيڪي بچي دشمنن جي ملڪ ۾ رهندا هوندا، تن جي دلين ۾ آءٌ اهڙو تہ خوف پيدا ڪندس جو اهي پن لڏڻ جي کڙڪي تي بہ وٺي ڀاڄ کائيندا. هو ائين ڀڄندا جيئن ڪو تلوار کان ڀڄي، ڪوبہ سندن پيڇو نہ ڪندو هوندو تہ بہ هو ڪرندا ويندا.


تڏهن هاڻي بک، اُڃ، اوگھڙ ۽ هر شيءِ جي محتاجيءَ ۾ اوهان انهن دشمنن جي تابعداري ڪندا، جيڪي خداوند اوهان تي موڪليندو. خداوند اوهان جي ڳچيءَ ۾ لوهہ جي پاڃاري وجھي ڇڏيندو، جيستائين اوهان کي برباد نہ ڪري ڇڏي.


تڏهن هنن ناحس بادشاهہ کي چوائي موڪليو تہ ”سڀاڻي اسين نڪري اوهان جي پيش پونداسين. پوءِ جيئن اوهان کي وڻي تيئن اسان سان ڪجو.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ