1.بادشاهَہ 20:1 - Muslim Sindhi Bible1 ارام جي بادشاهہ بنهدد پنهنجو سڄو لشڪر گڏ ڪيو. ٻين ٻٽيهن حاڪمن جي حمايت سان، جن کي جنگي گاڏيون ۽ گھوڙا هئا، هن سامريہ شهر تي چڙهائي ڪري مٿس حملي ڪرڻ لاءِ ان کي گھيرو ڪيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible1 ۽ ارام جي بادشاهہ بن هدد پنهنجو سارو لشڪر گڏ ڪيو: ۽ ٻيا ٻٽيهہ بادشاهہ، ۽ گهوڙا ۽ رٿ هن سان هئا: ۽ هن چڙهي وڃي سامريہ کي گهيرو ڪيو ۽ انهيءَ سان وڙهيو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيحازي بادشاهہ کي ٻڌائي ئي رهيو هو تہ ڪهڙيءَ طرح اليشع مردي کي وري جيئرو ڪيو آهي، تہ ان وقت اُها عورت جنهن جو پٽ اليشع وري جيئرو ڪيو هو سا بادشاهہ وٽ پنهنجي گھر ۽ پنهنجي زمين جي موٽي ملڻ واسطي عرض ڪرڻ لاءِ آئي. تڏهن جيحازيءَ چيو تہ ”اي منهنجا آقا بادشاهہ! اِجھا، هي آهي اها عورت ۽ سندس اهو پٽ جنهن کي اليشع جيئرو ڪيو هو.“
تو پنهنجي نوڪرن هٿان مون پروردگار جي توهين ڪرائي آهي. تو ٻٽاڪ هڻي چوايو آهي تہ ”آءٌ پنهنجي بيشمار جنگي گھوڙي گاڏين سان لبنان جي جبلن جي چوٽين، بلڪ لبنان جي آخر تائين اچي پهتو آهيان. هائو، آءٌ لبنان جي ٻيلي منجھہ اندرين ڀاڱن تائين اچي پهتو آهيان، جتي مون انهيءَ ٻيلي جا ديال ۽ صنوبر جا ڊگھا ۽ عمدا وڻ وڍي ڇڏيا آهن.