Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 2:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ”پر جِلعاد واري برزليءَ جي پٽن سان مهربانيءَ سان پيش اچجانءِ. هو تنهنجي دسترخوان تي ماني کائڻ وارن مان ٿين، ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ تنهنجي ڀاءُ ابي‌سلوم کان ڀڳو هئس تڏهن هنن منهنجو ساٿ ڏنو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 پر برزلي جلعاديءَ جي پٽن کي مهرباني ڏيکارج، ۽ هو انهن ۾ شامل ٿين جي تنهنجي دسترخاني تي ماني کائيندا: ڇالاءِ جو جڏهن آءٌ تنهنجي ڀاءُ ابي سلوم کان ڀڳو هوس تڏهن هو بہ مون سان ائين ئي ڪرڻ لاءِ آيا هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 2:7
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر جڏهن تنهنجو ڀلو ٿئي تڏهن مهرباني ڪري منهنجي يادگيري ڪجانءِ ۽ فرعون وٽ منهنجو ذڪر ڪري مون کي هتان ٻاهر ڪڍائجانءِ.


منهنجي پيءُ جو سڄو گھراڻو منهنجي آقا بادشاهہ جي اڳيان موت جي لائق هو. تنهن هوندي بہ اوهان پنهنجي ٻانهي کي انهن ماڻهن ۾ شامل ڪيو، جيڪي اوهان جي دسترخوان تي ماني ٿا کائين. تڏهن پوءِ مون کي ڪهڙو حق آهي جو آءٌ بادشاهہ وٽ دانهين ٿيان.“


سو تون پنهنجي پٽن ۽ نوڪرن سميت هن جي لاءِ زمين آباد ڪري پيداوار کڻي اچي کيس ڏجانء، تہ جيئن تنهنجي آقا جي پوٽي جو گذران ٿئي. باقي تنهنجي آقا جو پوٽو مفيبوست پاڻ هميشہ منهنجي دسترخوان تي ماني کائيندو.“ ضيبا کي پندرهن پٽ ۽ ويهہ نوڪر هئا.


تڏهن دائود چيس تہ ”ڊڄ نہ، ڇاڪاڻ تہ آءٌ تنهنجي پيءُ يونتن جي ڪري ضرور تو تي مهرباني ڪندس ۽ تنهنجي ڏاڏي سائول جي سموري زمين تو کي موٽائي ڏيندس. تون هميشہ منهنجي دسترخوان تي ماني کائيندين.“


سو يهوياڪين قيدين وارا ڪپڙا بدلايا ۽ پنهنجي سڄي حياتي بابل جي بادشاهہ سان گڏ سندس دسترخوان تي کائيندو رهيو.


جيستائين يهوياڪين جيئرو هو، تيستائين کيس بابل جي بادشاهہ وٽان هميشہ روزمرہ جو مقرر خرچ ملندو رهيو.


جيڪي ماڻهو اهو ثابت ڪري نہ سگھيا تہ هو ڪاهنن مان آهن، تن جا گھراڻا هي هئا: بني حباياہ، بني هقوص ۽ بني برزلي. هي اهو برزلي هو جنهن جِلعادي برزليءَ جي هڪڙي ڌيءَ سان شادي ڪئي هئي ۽ انهيءَ نالي سان ئي کيس سڏيو ويو. انهن پنهنجي خانداني نسب‌نامي کي ڏاڍو ڳوليو پر لهي نہ سگھيا، تنهنڪري کين نااهل سمجھي ڪاهنيت مان خارج ڪيو ويو.


پنهنجي مصيبت جي ڏينهن ۾ پنهنجي دوست يا پنهنجي پيءُ جي دوست کي ڇڏي پري وارن مائٽن ڏانهن نہ وڃو، ڇاڪاڻ تہ ويجھو دوست انهن کان وڌيڪ بهتر آهي.


سو يهوياڪين قيدين وارا ڪپڙا بدلايا ۽ پنهنجي سڄي حياتي بابل جي بادشاهہ سان گڏ سندس دسترخوان تي کائيندو رهيو.


سڀاڳا آهن اهي نوڪر، جن کي سندن مالڪ اچڻ سان سجاڳ ٿو ڏسي. سچ پڇو تہ هو سندرو ٻڌي بيهندو ۽ کين کارائڻ لاءِ پنهنجي سر پاڻ بيهي سندن خدمت ڪندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ