Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 2:44 - Muslim Sindhi Bible

44 بادشاهہ شمعيءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”تو منهنجي پيءُ دائود سان جيڪا تمام خراب هلت ڪئي هئي سا تو کي پنهنجيءَ دل ۾ معلوم آهي. هاڻ خداوند تو کي تنهنجي خراب هلت جو بدلو ڏيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

44 ۽ بادشاهہ سمعيءَ کي وڌيڪ هيترو بہ چيو تہ جنهن شرارت جي تنهنجي دل کي خبر آهي، ۽ جا تو منهنجي پيءُ دائود سان ڪئي، سا تون ڄاڻين ٿو: تنهنڪري خداوند تنهنجي شرارت موٽائي تنهنجي سر تي وجهندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 2:44
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تہ پوءِ ڇو تو خداوند جي قسم ۽ منهنجي حڪم جو خيال نہ رکيو؟“


جڏهن اخزياہ جي ماءُ عتلياہ ڏٺو تہ سندس پٽ ماريو ويو آهي تڏهن هن دائود جي سڄي شاهي گھراڻي کي ماري ڇڏڻ جو حڪم ڏنو.


تنهن کان پوءِ يهويدع ڪاهن بادشاهہ جي پٽ يوآس کي ٻاهر وٺي آڻي مٿس تاج رکيو ۽ بادشاهي ڪرڻ جي قاعدن قانونن جو ڪتاب سندس حوالي ڪيو. پوءِ يوآس کي مسح ڪري بادشاهہ مقرر ڪيو ويو ۽ ماڻهن تاڙيون وڄائي چيو تہ ”خدا شل بادشاهہ کي سلامت رکي!“


اي خداوند! اهي تهمتون آهن، جيڪي منهنجا مخالف مون تي هڻن ٿا. پر تون انهن ماڻهن کي اهڙو ئي بدلو ڏيئي ڇڏ.


هنن جي لچائي موٽي اچي خود انهن جي مٿان پوي ٿي. هو جيڪو ظلم ڪن ٿا سو سندن ئي ڪنڌ تي اچي ڪڙڪي ٿو.


بدڪارن کي خود پنهنجيون بڇڙايون پڪڙينديون. اهي پنهنجن ئي گناهن جي ڦندن ۾ ڦاسايا ويندا.


تنهنڪري آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيئن تہ هن منهنجو نالو وٺي قسم کنيو هو ۽ عهد اقرار ڪيو هئائين. پر هاڻي جڏهن هن اهو قسم ٽوڙي منهنجي نالي کي حقير ڄاتو آهي سو آءٌ هن کي سندس ڪيل ڪم جي سزا ضرور ڏيندس.


سو اوهين بہ اها ئي سزا ڀوڳيندا جيڪا ٻيا ماڻهو ڀوڳيندا، جهڙا اوهان جا افعال آهن، تهڙي ئي آءٌ اوهان کي سزا ڏيندس. هائو، آءٌ اوهان کي اوهان جي ڪيل ڪمن جو بدلو ڏيندس.


جڏهن شريعت جي عالمن ۽ فريسين اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن انهن مان پهريائين وڏا ۽ پوءِ ننڍا هڪڙو هڪڙو ٿي هليا ويا. پوءِ رڳو عيسيٰ وڃي رهيو ۽ اها عورت بيٺي رهي.


انهن قومن جي عمل مان خبر پوي ٿي تہ شريعت جون ڳالهيون سندن دلين تي اُڪريل آهن ۽ سندن ضمير انهن ڳالهين جي شاهدي ٿو ڏئي. سو انهن جا خيال ڪڏهن پنهنجو پاڻ تي تهمت ٿا هڻن تہ ڪڏهن پاڻ کي آزاد ٿا سمجھن.


جڏهن دائود ٻڌو تہ نابال مري ويو آهي تڏهن چوڻ لڳو تہ ”واکاڻ هجي انهيءَ خداوند جي، جنهن نابال کان منهنجي بي‌عزتيءَ جو بدلو ورتو ۽ پنهنجي ٻانهي کي بديءَ کان بچايو. اٽلندو نابال جي شرارت سندس ئي گردن ۾ وڌائين.“ پوءِ دائود ابيجيل ڏانهن ساڻس شادي ڪرڻ جو پيغام موڪليو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ