1.بادشاهَہ 2:4 - Muslim Sindhi Bible4 انهيءَ لاءِ تہ خداوند منهنجي باري ۾ مون سان ڪيل واعدو پورو ڪري تہ ’جيڪڏهن تنهنجو اولاد پنهنجي پوريءَ دل وَ جان سان منهنجي حڪمن تي هلندو تہ ڪڏهن بہ تو وٽ بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ وارثن جي ڪمي نہ ٿيندي.‘ အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible4 ۽ خداوند منهنجي نسبت ۾ جيڪو ڪلام ڪيو آهي سو قائم ڪري، جو چيو اٿس تہ جيڪڏهن تنهنجو اولاد پنهنجي رستي جي سنڀال ڪري پنهنجي ساريءَ دل ۽ پنهنجي ساري روح سان سچ جي رستي منهنجي اڳيان هلندو، تہ ڪڏهن بہ تو وٽ اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ ماڻهو جي ڪمي نہ ٿيندي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
هاڻي اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تو پنهنجي ٻانهي منهنجي پيءُ دائود سان جيڪو ٻيو واعدو ڪيو هو سو بہ پورو ڪر، جو چيو هوءِ تہ ’تنهنجي واسطي منهنجي حضور ۾ بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ هرگز تنهنجي اولاد مان ماڻهوءَ جي ڪمي نہ ٿيندي بشرطيڪ هو سڌيءَ راهہ تي هلندي منهنجي اهڙي ئي فرمانبرداري ڪري جهڙي تون ڪندو رهيو آهين.‘
پوءِ بادشاهہ ٿنڀي جي ڀرسان ٿي بيٺو ۽ خداوند جي حضور ۾ نئين سر عهد اقرار ڪيائين تہ ”اسين خداوند جا وفادار رهنداسين، سندس حڪمن ۽ قاعدن قانونن کي پنهنجي پوريءَ دل سان مڃينداسين، يعني عهدنامي جون ڳالهيون جيڪي هن ڪتاب ۾ لکيل آهن تن سڀني تي عمل ڪنداسين.“ پوءِ سڀني ماڻهن انهيءَ عهدنامي جو قسم تي اقرار ڪيو.
دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صافدليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.
تنهنڪري هاڻ اي خداوند، بني اسرائيل جا خدا! جيڪو ٻيو واعدو تون منهنجي پيءُ پنهنجي ٻانهي دائود سان ڪيو آهي سو بہ پورو ڪر. تو کيس چيو هو تہ ’بني اسرائيل جي تخت تي ويهڻ لاءِ منهنجي حضور ۾ تنهنجي اولاد مان ماڻهوءَ جي ڪمي ڪانہ ٿيندي، بشرطيڪ هو منهنجي شريعت تي عمل ڪندي سڌيءَ راهہ تي هلي جهڙيءَ طرح تون ڪندو رهيو آهين.‘