Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 2:32 - Muslim Sindhi Bible

32 جيڪو رت هن وهايو هو تنهن جو کيس خداوند بدلو ڏيندو، ڇاڪاڻ تہ هن منهنجي پيءُ دائود جي بي‌خبريءَ ۾ ٻن ڄڻن تي حملو ڪري کين تلوار سان ماري ڇڏيو هو. اهي ٻيئي ڄڻا، عماسا ولد يتر جيڪو بني يهوداہ جي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو ۽ ابنير ولد نير جيڪو باقي بني اسرائيل جي لشڪر جو سپهہ‌سالار هو، سي هن کان بهتر ۽ سچار هئا.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

32 ۽ خداوند سندس خون خود سندس سر تي موٽائي وجهندو، ڇالاءِ جو هن ٻن اهڙن ماڻهن تي ڪاهہ ڪئي جي کانئس سچار ۽ بهتر هئا، ۽ انهن کي ترار سان قتل ڪيائين، ۽ منهنجي پيءُ دائود کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر ئي نہ پيئي، يعني ابنير بن نير، اسرائيل جي سپهہ سالار کي، ۽ عماسا بن يتر، يهوداہ جي سپهہ سالار کي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 2:32
24 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جنهن زمين تي تو پنهنجي ڀاءُ جو رت وهايو آهي سا تو کي رد ڪندي.


تڏهن روبن کين وراڻيو تہ ”مون اوهان کي ڪونہ چيو هو تہ ’ڇوڪري سان ظلم نہ ڪريو.‘ پر اوهان منهنجي نہ ٻڌي. هاڻ انهيءَ جي خون جي پڇا ٿي آهي.“


جيڪو انسان کي ماريندو تہ انهيءَ کي انسان جي هٿان مارايو ويندو، ڇو تہ مون خدا انسان کي پنهنجي صورت تي ٺاهيو آهي.


دائود انهيءَ عماليقيءَ کي چوندو رهيو تہ ”تنهنجو خون تنهنجي گردن تي هجي، ڇاڪاڻ تہ تو پاڻ پنهنجي شاهدي ڏيئي چيو آهي تہ ’مون خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ کي قتل ڪيو آهي.‘“


ابي‌سلوم يوآب جي بدران عماسا کي لشڪر جي مٿان سالار مقرر ڪيو. عماسا اِترا نالي هڪڙي شخص جو پٽ هو جيڪو اسماعيل جي اولاد مان هو. اِترا جي زال جو نالو ابيجيل هو، جا ناحس جي ڌيءَ ۽ يوآب جي ماءُ ضروياہ جي ڀيڻ هئي.


ڀلي تہ اهو ڏوهہ يوآب جي سر تي ۽ سندس پيءُ جي سڄي گھراڻي تي پوي. ڀلي تہ يوآب جي گھراڻي ۾ ڪونہ ڪو اهڙو ماڻهو رهندو اچي جنهن کي جريان يا ڪوڙهہ جهڙي بيماري هجي، يا جيڪو لٺ تي هلي، يا جيڪو تلوار سان قتل ٿئي يا جيڪو مانيءَ لاءِ محتاج هجي.“


اهڙيءَ طرح دائود جي سڀني ماڻهن ۽ سڄي بني اسرائيل انهيءَ ڏينهن ڄاڻي ورتو تہ ابنير ولد نير جي مارجڻ ۾ بادشاهہ جو هٿ نہ هو.


جيتوڻيڪ آءٌ مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ آهيان، تڏهن بہ اڄوڪي ڏينهن آءٌ ڪمزور آهيان. جڏهن تہ هي قاتل، ضروياہ جا پٽ مون کان ڏاڍا آهن. خداوند شل بڇڙائي ڪندڙ کي سندس بڇڙائيءَ موجب بدلو ڏئي.“


تہ پوءِ جڏهن ڪن بدڪار ماڻهن، جن هڪڙي بي‌گناهہ ماڻهوءَ کي هن جي گھر ۾ گھڙي سندس پلنگ تي ماريو آهي، تن کي ڪيترو نہ وڌيڪ بدلو ڏيان. هاڻي ڇا آءٌ انهيءَ جي خون جو بدلو اوهان کان نہ وٺان؟ ڇا اوهان کي زمين تان نيست وَ نابود نہ ڪري ڇڏيان؟“


بادشاهہ شمعيءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”تو منهنجي پيءُ دائود سان جيڪا تمام خراب هلت ڪئي هئي سا تو کي پنهنجيءَ دل ۾ معلوم آهي. هاڻ خداوند تو کي تنهنجي خراب هلت جو بدلو ڏيندو.


تنهن کان سواءِ تون اهو بہ ڄاڻين ٿو تہ يوآب جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي، تنهن مون سان ڇا ڪيو، يعني بني اسرائيل جي لشڪرن جي ٻن سپهہ‌سالارن ابنير ولد نير ۽ عماسا ولد يتر سان ڇا ڇا نہ ڪيائين. هن کين قتل ڪيو، صلح جي وقت جنگ وارو رت وهايائين ۽ انهيءَ رت سان پنهنجو ڪمر پٽو ۽ پنهنجي جتي رڱيائين.


تڏهن تون عرش عظيم مان ٻڌي پنهنجي ٻانهن جو انصاف ڪج. گنهگار کي سندس افعالن جي جوڳي سزا ڏج ۽ سچار کي بي‌ڏوهي قرار ڏيئي سندس سچائيءَ موجب اجر ڏج.


پر تون اسرائيل جي بادشاهن جي رستن تي هليو آهين. تو يروشلم بلڪ سڄي يهوداہ جي رهاڪن کي خدا کان ڦيري گمراهہ ڪيو آهي جيئن اخي‌اب جي گھراڻي ڪيو هو. انهيءَ کان سواءِ تو پنهنجي ڀائرن کي بہ قتل ڪرائي ڇڏيو، جيڪي تو کان چڱا هئا.


تنهنڪري ياد رک، آءٌ خداوند تنهنجي قوم، تنهنجي اولاد ۽ تنهنجي زالن کي سخت سزا ڏيندس ۽ تنهنجي سڄي ملڪيت کي تباهہ وَ برباد ڪري ڇڏيندس.


تنهنڪري، جيڪڏهن اوهان کي سٺو لڳي تہ هڪڙو شاهي فرمان جاري ڪندي فارسين ۽ مادئين جي قانون جي ڪتاب ۾ اهو لکيو وڃي تہ جيئن ان کي وري نہ بدلائي سگھجي تہ ’راڻي وشتي وري ڪڏهن بہ شهنشاهہ اخسويرس جي سامهون نہ ايندي.‘ اوهين انهيءَ جو راڻيءَ وارو درجو پڻ ڪنهن ٻيءَ زال کي ڏيو جيڪا کانئس بهتر هجي.


هنن جي لچائي موٽي اچي خود انهن جي مٿان پوي ٿي. هو جيڪو ظلم ڪن ٿا سو سندن ئي ڪنڌ تي اچي ڪڙڪي ٿو.


اي خداوند! آءٌ تنهنجي انصاف جو شڪرانو پيو ڪندس. آءٌ تو خداوند تعاليٰ جي نالي جي واکاڻ پيو ڳائيندس.


تنهنڪري آءٌ خداوند جيئرو خدا قسم کڻي چوان ٿو تہ جيئن تہ هن منهنجو نالو وٺي قسم کنيو هو ۽ عهد اقرار ڪيو هئائين. پر هاڻي جڏهن هن اهو قسم ٽوڙي منهنجي نالي کي حقير ڄاتو آهي سو آءٌ هن کي سندس ڪيل ڪم جي سزا ضرور ڏيندس.


پر جيڪڏهن اوهين ائين نہ ڪندا تہ ياد رکو تہ اوهين خداوند جا گنهگار ٿيندا ۽ يقين ڄاڻو تہ اوهان جو گناهہ اوهان کي پڪڙائيندو.


خدا ائين انهيءَ لاءِ ڪيو، تہ جيئن جِدعون جي ستر پٽن جي خون جو بدلو سندن ڀاءُ ابيملڪ کان ورتو وڃي، جنهن هنن کي مارايو هو ۽ سڪم جي ماڻهن کان بہ بدلو ورتو وڃي جن سندس ڀائرن جي مارڻ ۾ ابيملڪ جي مدد ڪئي هئي.


خدا سڪم جي ماڻهن کان پڻ سندن برائيءَ جو بدلو ورتو. يوتام ولد جِدعون جي لعنت انهن تي سچي ثابت ٿي.


تڏهن سموئيل چيس تہ ”اڄ خداوند بني اسرائيل جي بادشاهي تو کان ڇني ڦاڙي کسي ورتي ۽ اها ڪنهن ٻئي کي ڏيئي ڇڏيائين، جيڪو تو کان چڱو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ