Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 2:31 - Muslim Sindhi Bible

31 تنهن تي بادشاهہ بناياہ کي حڪم ڏنو تہ ”جيئن هن چيو آهي تيئن ئي ڪر. تون کيس ماري کڻي وڃي دفن ڪرينس. اهڙيءَ طرح جيڪو ناحقي رت يوآب وهايو هو، تنهن جو گناهہ مون تان ۽ منهنجي پيءُ جي گھراڻي تان لاهي ڇڏ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

31 تنهن تي بادشاهہ هن کي چيو تہ جيئن هن چيو آهي تيئن ڪر، ۽ ڪاهي وڃي مارينس ۽ دفن ڪرينس؛ تہ انهيءَ طرح جيڪو رت يوآب ناحق هاريو هو، سو تون مون تان، ۽ منهنجي پيءُ جي خاندان تان لاهين؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 2:31
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ جڏهن دائود اها ڳالهہ ٻڌي، تڏهن چيائين تہ ”آءٌ ۽ منهنجي بادشاهت ابنير ولد نير جي خون کان هميشہ جي لاءِ خداوند جي آڏو بي‌ڏوها آهيون.


ڀلي تہ اهو ڏوهہ يوآب جي سر تي ۽ سندس پيءُ جي سڄي گھراڻي تي پوي. ڀلي تہ يوآب جي گھراڻي ۾ ڪونہ ڪو اهڙو ماڻهو رهندو اچي جنهن کي جريان يا ڪوڙهہ جهڙي بيماري هجي، يا جيڪو لٺ تي هلي، يا جيڪو تلوار سان قتل ٿئي يا جيڪو مانيءَ لاءِ محتاج هجي.“


سو بناياہ خداوند جي خيمي ۾ ويو ۽ يوآب کي چيائين تہ ”بادشاهہ فرمائي ٿو تہ ٻاهر نڪري اچ.“ پر هن وراڻيو تہ ”نہ، آءٌ هتي ئي مرندس.“ بناياہ موٽي وڃي بادشاهہ کي ٻڌايو تہ يوآب هيئن ٿو چوي.


’مون ڪالهہ نابوت ۽ سندس پٽن جو خون ڏٺو. سو آءٌ بہ واعدو ٿو ڪريان تہ تو کان بہ هن ساڳي ئي هنڌ تي بدلو وٺندس.‘“ ييهوءَ پنهنجي ساٿيءَ کي وڌيڪ چيو تہ ”سو هاڻي هن جو لاش کڻي انهيءَ زمين ۾ اڇلائي ڇڏ تہ جيئن جيڪي خداوند فرمايو هو سو پورو ٿئي.“


پر جيڪڏهن ڪو ماڻهو ڄاڻي‌واڻي ڪنهن ٻئي ماڻهوءَ کي ماري ٿو وجھي، تہ پوءِ توڙي اهو منهنجي قربان‌گاهہ وٽ پناهہ وڃي وٺي تہ بہ کيس اتان پري ڪيو وڃي تہ جيئن کيس ماريو وڃي.


جيڪو خون جو ڏوهاري آهي، تنهن جي اوهين مدد نہ ڪريو. اهو جلدي وڃي قبر ۾ پوندو.


اوهين ائين ڪري انهيءَ ملڪ کي ناپاڪ نہ ڪجو جنهن ۾ پاڻ رهو ٿا. خون ملڪ کي ناپاڪ ٿو ڪري ۽ جنهن ملڪ ۾ خون وهائجي ٿو تنهن جو ڪفارو قاتل جي خون کان سواءِ ٻي ڪابہ شيءِ ٿي نہ ٿي سگھي.


جڏهن اتان جي رهاڪن ڏٺو تہ پولس جي هٿ ۾ نانگ چنبڙيل آهي، تڏهن هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”پڪ هي ماڻهو خوني آهي. جيتوڻيڪ هو سمنڊ مان بچي نڪتو آهي، تہ بہ انصاف واري ديوي هن کي جيئرو رهڻ نہ ٿي ڏئي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ