Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 2:26 - Muslim Sindhi Bible

26 پوءِ بادشاهہ سليمان ابي‌ياتر ڪاهن کي چيو تہ ”تون عنتوت ڏانهن وڃي پنهنجين ٻنين ۾ رهہ. تون واجب‌القتل آهين، پر في‌الحال آءٌ تو کي نہ مارائيندس ڇاڪاڻ تہ تون منهنجي پيءُ دائود جي اڳيان خداوند جي صندوق کڻي هلندو هئين ۽ منهنجي پيءُ تي پيل سڀني مشڪلاتن ۾ تون برابر جو شريڪ هوندو هئين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

26 ۽ بادشاهہ ابياتر ڪاهن کي چيو تہ تون عنتوت ڏي پنهنجين ٻنين ۾ وڃي رهہ؛ ڇالاءِ جو مرڻ جي لائق آهين: پر في الحال آءٌ توکي نہ ماريندس، ڇالاءِ جو تون منهنجي پيءُ دائود جي اڳيان خداوند خدا جي صندوق کڻندو هئين، ۽ جيڪا مصيبت منهنجي پيءُ تي پيئي هئي سا توتي بہ پيئي هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 2:26
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن دائود کي انهيءَ شاهوڪار ماڻهوءَ تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي. سو هن ناتن کي چيو تہ ”زندہ خدا جو قسم آهي تہ جنهن ماڻهوءَ اهڙو ڪم ڪيو آهي، سو موت جي سزا جي لائق آهي.


ڇاڪاڻ تہ هن اڄ وڃي گھڻي تعداد ۾ ڏاند، متارا وهڙا ۽ رڍون قربان ڪيون آهن. هن سڀني شهزادن، تنهنجي لشڪر جي سپهہ‌سالار ۽ ابي‌ياتر ڪاهن جي دعوت ڪئي آهي. هينئر هو ساڻس گڏ کائن پيئن ٿا ۽ چون ٿا تہ ’ادونياہ بادشاهہ زندہ آباد.‘


پوءِ ادونياہ وڃي يوآب، جنهن جي ماءُ ضروياہ هئي تنهن سان ۽ ابي‌ياتر ڪاهن سان صلاح مصلحت ڪئي ۽ هو ٻئي سندس مدد ڪرڻ لاءِ تيار ٿيا.


سليمان بادشاهہ يهويدع جي پٽ بناياہ کي يوآب جي جاءِ تي لشڪر جو سپهہ‌سالار مقرر ڪيو ۽ ابي‌ياتر جي جاءِ تي صدوق ڪاهن کي رکيائين.


جليم شهر جي رهاڪن جون رڙيون ٻڌڻ ۾ پيون اچن. سو اي ليس جا رهاڪؤ! ٻڌو، اي عنتوت جا رهاڪؤ! اوهين بہ هوشيار ٿيو.


هي ڳالهيون يرمياہ ولد خلقياہ جون چيل آهن، جيڪو بني بنيامين جي علائقي واري ڳوٺ عنتوت جي ڪاهنن مان هو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي شاگردن مان ڪنهن ننڍي ۾ ننڍي کي بہ منهنجو شاگرد سمجھي هڪ پيالو ٿڌي پاڻيءَ جو ئي پيئاريندو تہ هن کي انهيءَ جو اجر ضرور ملندو.“


اوهين اهي آهيو جيڪي منهنجي سڀني تڪليفن ۾ مون سان گڏ رهيا آهيو


اوهان هيتريون تڪليفون اجايو سٺيون ڇا؟ اهي سچ پچ اجايو هيون ڇا؟


عنتوت ۽ علمون ۽ پڻ انهن سڀني شهرن جي آس‌پاس جا چراگاهہ. اهي ڪل چار شهر کين ڏنا ويا.


اها سڄي برڪت جيڪا آءٌ بني اسرائيل کي عطا ڪندس تنهن کي اوهين پريشان ٿي حسد وچان ڏسندا رهندا، پر اها اوهان کي حاصل نہ ٿيندي ۽ اوهان جي گھراڻي ۾ هميشہ جي لاءِ ڪنهن جي بہ عمر وڏي نہ ٿيندي.


سو تو اهو ڪم چڱو نہ ڪيو آهي. خداوند جيئري جو قسم آهي تہ اوهين سڀ موت جا حقدار آهيو، ڇاڪاڻ تہ اوهان پنهنجي آقا، خداوند جي مسح ڪري مخصوص ڪيل بادشاهہ جي نگهباني نہ ڪئي آهي. هاڻي ڏسو، ڪٿي آهي بادشاهہ جو نيزو ۽ پاڻيءَ جي اها گھُگھي جا سندس سيرانديءَ کان رکيل هئي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ