Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 2:24 - Muslim Sindhi Bible

24 هاڻ جيئري خدا جو قسم آهي جنهن مون کي منهنجي پيءُ دائود جي تخت تي قائم ڪيو آهي ۽ پنهنجي واعدي مطابق منهنجو گھراڻو آباد ڪيو اٿائين، تہ ادونياہ اڄ ئي ضرور قتل ڪيو ويندو.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

24 تنهنڪري هاڻي خدا جيئري جو قسم آهي جنهن مون کي قائم ڪيو آهي، ۽ منهنجي پيءُ دائود جي تخت تي مون کي ويهاريو اٿس، ۽ جنهن منهنجي لاءِ هڪڙو گهر جوڙيو آهي، جيئن ڪ اڳيئي انجام ڪيو هئائين، تہ ضرور ادونياہ اڄوڪي ڏينهن قتل ڪيو ويندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 2:24
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تنهنڪري، هاڻي تنهنجي گھراڻي تان تلوار اصل ڪانہ ٽرندي، ڇاڪاڻ تہ تو مون کي خسيس ڄاتو آهي جو تو اورياہ حتيءَ جي زال کي پنهنجي زال بڻايو آهي.


اي قادرِمطلق خداوند، بني اسرائيل جا خدا! تو ئي تہ پنهنجي هن ٻانهي کي ظاهر ڪري ٻڌايو آهي تہ تون منهنجي لاءِ هڪڙو بادشاهي گھراڻو قائم ڪندين. اهو ئي سبب آهي جو تنهنجي هن ٻانهي جي دل ۾ همت آئي تہ تو کان هيءَ دعا گھري.


تڏهن بادشاهہ قسم کڻي چيو تہ ”زندہ خداوند جو قسم آهي، جنهن منهنجي جان کي هر مصيبت کان بچايو آهي،


سليمان تہ بادشاهي تخت تي بہ وڃي ويٺو آهي.


تڏهن سليمان چيو تہ ”جيڪڏهن هو پاڻ کي لائق ماڻهو ثابت ڪندو تہ پوءِ هن جو هڪڙو وار بہ زمين تي نہ ڪرندو، پر جيڪڏهن هن ۾ ڪا شرارت ڏٺي ويئي تہ پوءِ هو ماريو ويندو.“


خداوند تنهنجي خدا جي واکاڻ هجي جيڪو تو مان راضي آهي ۽ تو کي بني اسرائيل جي تخت تي ويهاريو اٿائين. جيئن تہ خداوند کي بني اسرائيل سان دائمي پيار آهي تنهنڪري هن تو کي انهن جو بادشاهہ بڻايو آهي تہ جيئن تون انصاف ۽ سچائي قائم رکين.“


هائو، انهن ڏينهن ۾ جڏهن مون پنهنجي قوم بني اسرائيل مٿان رهبر مقرر ڪيا هئا. آءٌ تنهنجا دشمن تنهنجي اڳيان پڻ جھڪائيندس. تنهن کان سواءِ آءٌ تو تي پڌرو ٿو ڪريان تہ آءٌ تو مان هڪڙو گھراڻو قائم ڪندس.


تہ بہ اي خدا! اها ڳالهہ تنهنجي نظر ۾ خسيس هئي، پر تو پنهنجي ٻانهي جي گھراڻي بابت آئيندہ جي گھڻي عرصي تائين جو ذڪر ڪيو آهي. اي خداوند خدا! تو مون کي وڏي ماڻهوءَ جي درجي موجب سمجھيو آهي.


هاڻي اي خداوند! جيڪو واعدو تو پنهنجي هن ٻانهي ۽ سندس گھراڻي جي باري ۾ ڪيو آهي، سو هميشہ جي لاءِ قائم ڪر. هائو، جيئن چيو اٿيئي تيئن ئي ڪر،


هو ئي منهنجي نالي تي هيڪل ٺاهيندو. هو منهنجو پٽ ٿيندو ۽ آءٌ سندس پيءُ ٿيندس. آءٌ سندس بادشاهت جو تخت هميشہ لاءِ بني اسرائيل تي قائم ڪندس.‘“


سو سليمان خداوند جي تخت تي پنهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ ٿي ويٺو. هو بخت ۾ وڌندو ويو ۽ سڄو بني اسرائيل سندس فرمانبردار ٿيو.


جيڪڏهن خداوند ئي گھر اَڏائڻ نہ چاهي، تہ پوءِ اُهي جيڪي گھر جوڙين ٿا تن جي محنت اجائي آهي. جيڪڏهن خداوند شهر جي سنڀال نہ ڪري، تہ پوءِ چوڪيدار جو جاڳڻ بہ بلڪل اجايو آهي.


جيئن گجندڙ شينهن خطرناڪ آهي، تيئن بادشاهہ جي ڪاوڙ ۾ بہ جان جو خطرو آهي.


آءٌ عرض ٿي ڪريان تہ اوهان جي هن ٻانهيءَ کي ڪجھہ وڌيڪ ڳالهائڻ جي خطا جي معافي ڏني وڃي. جيئن تہ منهنجو آقا خداوند لاءِ جنگيون ٿو ڪري، سو يقيناً خداوند منهنجي آقا جي گھراڻي کي جٽادار بادشاهي ڏيندو، ۽ سڄيءَ عمر ۾ توهان کان ڪابہ برائي ڪين ٿيندي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ