Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 2:22 - Muslim Sindhi Bible

22 بادشاهہ سليمان ڪاوڙ وچان پنهنجي ماءُ کي جواب ڏنو تہ ”تون ادونياہ لاءِ رڳو شونيم ڳوٺ واري اِبي‌شاگ ڇو ٿي گھرين؟ تون تہ هن لاءِ بادشاهي بہ گھر، آخر هو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي، بلڪ ابي‌ياتر ڪاهن ۽ منهنجي پيءُ جي ڀيڻ ضروياہ جي پٽ يوآب لاءِ بہ ڪجھہ نہ ڪجھہ گھر.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

22 ۽ بادشاهہ سليمان پنهنجي ماءُ کي ورندي ڏيئي چيو تہ تون ابي شاگ شونميت ادونياہ جي لاءِ ڇو ٿي گهرين؟ هن جي لاءِ بادشاهي بہ گهر؛ ڇالاءِ جو هو منهنجو وڏو ڀاءُ آهي؛ بلڪ هن جي لاءِ، ۽ ابياتر ڪاهن جي لاءِ، ۽ يوآب بن ضروياہ جي لاءِ بہ.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 2:22
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تو کي تنهنجي آقا جو گھر عطا ڪيم ۽ تنهنجي آقا جون زالون تنهنجي هنج ۾ ڏنم. مون تو کي يهوداہ بلڪ سڄو بني اسرائيل عطا ڪيو. جيڪڏهن اهو ٿورو هو، تہ آءٌ تو کي ٻيو بہ گھڻو ڪجھہ ڏيان ها.


اخيتفل ابي‌سلوم کي چيو تہ ”اوهين پنهنجي پيءُ جي سريتن سان وڃي هم‌بستر ٿيو، جن کي هو محلات جي سنڀال لاءِ ڇڏي ويو آهي. اهڙيءَ طرح اوهان جي پيءُ کي اوهان کان نفرت ٿيندي ۽ پوءِ جڏهن بني اسرائيل جا سڀ ماڻهو اها ڳالهہ ٻڌندا تڏهن جيڪي ماڻهو اوهان سان آهن تن جي همت وڌي ويندي.“


تڏهن ناتن سليمان جي ماءُ بت‌سبع کي چيو تہ ”تو نہ ٻڌو آهي ڇا تہ حجيت جو پٽ ادونياہ پاڻ کي بادشاهہ بڻائي ويٺو آهي؟ اسان جي آقا دائود بادشاهہ کي انهيءَ باري ۾ ڪابہ خبر ڪانهي.


هن چيس تہ ”تون تہ ڄاڻين ٿي تہ بادشاهت منهنجي هئي. سڄي بني اسرائيل قوم مون ڏانهن پئي ڏٺو تہ آءٌ بادشاهي ڪريان. پر معاملو ڦري ويو ۽ بادشاهت منهنجي ڀاءُ جي ٿي پيئي، ڇاڪاڻ تہ اها خداوند جي طرفان کيس ملي آهي.


ٽيون ابي‌سلوم جيڪو کيس جسُور جي بادشاهہ تلميءَ جي ڌيءَ معڪہ مان ڄائو. چوٿون، ادونياہ جيڪو کيس حجيت مان ڄائو.


يروشلم ۾ کيس هي ٻار ڄاوا: سمعي، سوباب، ناتن ۽ سليمان. اهي چار ئي ڄڻا کيس عمي‌ايل جي ڌيءَ بت‌سبع مان ڄاوا.


تڏهن عيسيٰ سندس ٻنهي پٽن کي مخاطب ٿي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اهو پيالو پي سگھندا جيڪو آءٌ پيئڻ وارو آهيان؟“ انهن وراڻيو تہ ”هائو، ائين ڪري سگھون ٿا.“


عيسيٰ انهن کي چيو تہ ”اوهين نہ ٿا ڄاڻو تہ اوهين ڇا گھري رهيا آهيو. ڇا اوهين اُهو پيالو پي سگھندا جيڪو مون کي پيئڻو آهي؟ يا وري اها بپتسما وٺي سگھندا جيڪا مون کي وٺڻي آهي؟“


پر جڏهن اوهين کانئس گھرو بہ ٿا تڏهن بہ ڪونہ ٿو مليوَ، ڇو تہ اوهين بري نيت سان ٿا گھرو، تہ جيئن پنهنجي عيش عشرت ۾ خرچ ڪريو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ