هاڻ اي خداوند منهنجا خدا! تو مون پنهنجي ٻانهي کي منهنجي پيءُ دائود جي جاءِ تي بادشاهہ ڪيو آهي. پر آءٌ تہ هڪڙي ننڍڙي ٻار مثل آهيان ۽ خبر ڪانہ اٿم تہ ڪيئن اٿان ويهان.
دائود پنهنجي پٽ سليمان کي هي بہ چيو تہ ”مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ ۽ اهو ڪم شروع ڪر. نڪي ڊڄ نڪي بيهمت ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ خداوند خدا، منهنجو خدا، تو سان گڏ آهي. هو نہ تو کي وساريندو ۽ نہ وري تو کي ڇڏي ڏيندو، جيستائين خداوند جي هيڪل جي تعمير جو سمورو ڪم پورو نہ ٿي وڃي.