تہ جيئن خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم کڻي مون تو کي چيو هو تہ تنهنجو پٽ سليمان مون کان پوءِ ضرور بادشاهي ڪندو ۽ منهنجي تخت تي ويهندو، تيئن اڄ آءٌ ضرور ڪندس.“
تنهن کان پوءِ اوهين هيڏانهن هن جي پٺيان لڳي اچو ۽ هو اچي منهنجي تخت تي ويهي ۽ منهنجي جاءِ تي هو بادشاهي ڪري. مون هن کي بني يهوداہ بلڪ سڄي بني اسرائيل تي بادشاهہ مقرر ڪيو آهي.“
پوءِ جيڪڏهن تنهنجو اولاد منهنجي عهد کي قائم رکندو، ۽ جيڪا شريعت آءٌ کين سيکاريندس تنهن تي عمل ڪندا رهندا، تہ پيڙهي بہ پيڙهي اهي تنهنجي تخت تي ويهندا رهندا.“