سليمان مصر جي بادشاهہ جي ڌيءَ سان شادي ڪري ساڻس مائٽي ڳنڍي. جيستائين سليمان پنهنجو محل ۽ هيڪل نہ جوڙائي ۽ يروشلم جي چوڌاري ڀت نہ تعمير ڪرائي، تيستائين انهيءَ زال کي پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ آڻي رهايائين.
پوءِ سليمان بادشاهہ بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي سردارن ۽ گھراڻن جي وڏن کي پاڻ وٽ يروشلم ۾ سڏايو، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي عهد واري صندوق دائود جي شهر يعني صيئون مان هيڪل ۾ آندي وڃي.
پوءِ سليمان وفات ڪري وڃي پنهنجن ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيو. کيس پنهنجي پيءُ دائود جي شهر ۾ دفنايو ويو. کانئس پوءِ سندس پٽ رحبعام سندس جاءِ تي بادشاهہ بڻيو.