Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 2:1 - Muslim Sindhi Bible

1 جڏهن دائود جي مرڻ جا ڏينهن اچي ويجھا ٿيا تڏهن پنهنجي پٽ سليمان کي وصيت ڪري چيائين تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 هاڻي دائود جي مرڻ جا ڏينهن اچي ويجها ٿيا؛ ۽ هن پنهنجي پٽ سليمان کي وصيت ڪئي ۽ چيائينس، تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 2:1
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن يعقوب جي وفات جو وقت ويجھو آيو تڏهن پنهنجي پٽ يوسف کي پاڻ وٽ گھرائي چيائين تہ ”جيڪڏهن تنهنجي مهربانيءَ جي نظر مون تي آهي تہ پنهنجو هٿ منهنجي ران جي هيٺان رکي چئُہ تہ تون مون سان مهرباني ۽ وفاداريءَ جو سلوڪ ڪندي مون کي مصر ۾ دفن نہ ڪندين.


جڏهن تنهنجا ڏينهن پورا ٿيندا ۽ تون وفات ڪري وڃي پنهنجي ابن ڏاڏن سان آرامي ٿيندين، تڏهن تو کان پوءِ تنهنجي اولاد مان هڪڙي کي آءٌ کڙو ڪندس ۽ هن جي بادشاهت بہ قائم ڪندس.


پوءِ بادشاهہ سليمان ماڻهو موڪليا جيڪي هن کي قربان‌گاهہ کان وٺي آيا. ادونياہ آيو ۽ اچي سليمان بادشاهہ کي ڪنڌ جھڪائي تعظيم ڏنائين. تڏهن سليمان کيس چيو تہ ”تون پنهنجي گھر هليو وڃ.“


پوءِ هن پنهنجي پٽ سليمان کي گھرائي خداوند، بني اسرائيل جي خدا لاءِ هڪڙو گھر تعمير ڪرڻ جو تاڪيد ڪيو.


پر يشوع کي حڪم ڏي، کيس مضبوط ۽ همت وارو ڪر، ڇاڪاڻ تہ هو هن قوم کي پار وٺي ويندو ۽ هو ئي انهيءَ ملڪ جو کين وارث بڻائيندو جيڪو تون ڏسندين.‘


پوءِ خداوند موسيٰ کي چيو تہ ”هاڻي تنهنجي مرڻ جا ڏينهن ويجھا آيا آهن، سو يشوع کي سڏ ۽ پوءِ اوهين ٻيئي مون خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ اچي حاضر ٿيو، تہ آءٌ هن کي هدايتون ڏيان.“ تنهن تي موسيٰ ۽ يشوع وڃي خدا سان ملاقات واري خيمي ۾ حاضر ٿيا.


خداوند نون جي پٽ يشوع کي هدايت ڪري چيو تہ ”مضبوط ۽ همت وارو ٿيءُ، ڇاڪاڻ تہ تون بني اسرائيل کي انهيءَ ملڪ ۾ وٺي ويندين، جنهن بابت مون ساڻن قسم کڻي واعدو ڪيو آهي. آءٌ پاڻ بہ تو ساڻ هوندس.“


خدا جي ٻانهي موسيٰ پنهنجي مرڻ کان اڳ ۾ بني اسرائيل کي برڪت لاءِ جيڪا دعا ڪئي سا هيءَ آهي.


اي منهنجا پٽ تيمٿيس! تو بابت خدا جي اڳي ڏنل فرمانن موجب آءٌ تو کي اهو حڪم ٿو ڏيان تہ تون انهن تي عمل ڪندي چڱي ويڙهہ وڙهندو رهہ ۽ پنهنجي ايمان ۽ صاف ضمير کي قائم رک.


آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا، جيڪو هر جاندار کي زندگي ٿو بخشي ۽ عيسيٰ مسيح، جنهن گورنر پنطيس پلاطس جي اڳيان چڱو اقرار ڪندي شاهدي ڏني هئي، تن کي حاضر ناظر ڄاڻي


هاڻ آءٌ تو کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ خدا ۽ عيسيٰ مسيح، جيڪو وري اچي بادشاهہ جي حيثيت سان ظاهر ٿيندو ۽ جيئرن توڙي مئلن جي عدالت ڪندو، تن ٻنهي کي حاضر ناظر ڄاڻي


باقي رهي منهنجي ڳالهہ تہ هاڻي منهنجي جان خدا جي لاءِ قربان ٿي رهي آهي. هائو، منهنجي لاڏاڻي جو وقت اچي پهتو آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ