Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 19:4 - Muslim Sindhi Bible

4 پر پاڻ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ هليو ويو. اُتي هو لئيءَ جي هڪڙي وڻ جي ڇانوَ ۾ ويهي رهيو ۽ خدا کان پنهنجي مرڻ جي دعا گھريائين تہ ”اي خداوند! هاڻي بس، منهنجا ڏينهن پورا ڪر. آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن کان بهتر ناهيان جو نہ مران.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 پر پاڻ هڪڙي ڏينهن جي پنڌ تي بيابان ۾ هڪڙي ڄار جي وڻ هيٺ ويهي رهيو: ۽ پنهنجي مرڻ جو سوال ڪرڻ لڳو: ۽ چوڻ لڳو تہ اي خداوند، هاڻي بس، منهنجو ساهہ ڪڍ؛ ڇالاءِ جو آءٌ پنهنجي ابن ڏاڏن کان بهتر نہ آهيان.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 19:4
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ انهيءَ خدا جي ٻانهي جي پٺيان ويو. هن انهيءَ کي شاهہ‌بلوط جي هڪڙي وڻ هيٺ ويٺل ڏٺو ۽ پڇيائينس تہ ”جيڪو خدا جو ٻانهو يهوداہ کان آيو هو سو تون ئي آهين؟“ هن وراڻيو تہ ”هائو، آءٌ ئي آهيان.“


الياس ڊڄي ويو ۽ پنهنجي جان بچائڻ خاطر اُٿي ڀڳو. جڏهن هو يهوداہ واري بيرسبع شهر ۾ آيو تڏهن پنهنجي ماڻهوءَ کي اتي ڇڏي ڏنائين،


پوءِ هو انهيءَ وڻ هيٺ ليٽي پيو ۽ ننڊ وٺي ويس. تڏهن اوچتو هڪ ملائڪ کيس هٿ لائي جاڳائي چيس تہ ”اُٿ ۽ ماني کاءُ.“


جيئن هو ڳالهائيندا ۽ هلندا ٿي هليا، تيئن اوچتو ئي اوچتو باهہ جي هڪڙي گاڏي ۽ باهہ جا گھوڙا ظاهر ٿيا، جن هنن ٻنهي کي هڪٻئي کان ڌار ڪري ڇڏيو ۽ الياس هڪڙي واچوڙي ۾ آسمان ڏانهن کڄي ويو.


”خدا منهنجي اميد پوري ڇو نہ ٿو ڪري؟ جنهن شيءِ جو آءٌ خواهشمند آهيان، سا هو مون کي ڇو نہ ٿو ڏئي؟


ڪاش! خدا منهنجي اميد پوري ڪري جو مون کي ماري ڇڏي. ڪاش! هو پنهنجو هٿ ڊگھيري منهنجي حياتي وڍي اڇلائي.


پر جيڪڏهن آءٌ چوان ٿو تہ آءٌ تو بابت ڪوبہ ذڪر نہ ڪندس، ۽ تنهنجي نالي سان اڳتي وري ڪجھہ بہ نہ چوندس، تہ پوءِ تنهنجو فرمان منهنجي دل ۾ ڄڻ تہ هڪڙي اهڙي باهہ وانگر ڀڙڪي ٿو جيڪا منهنجي هڏن منجھہ لڪل آهي. آءٌ انهيءَ کي برداشت ڪرڻ جي ڪوشش تہ ڪريان ٿو، پر ڪري نہ ٿو سگھان.


اوهين مغروريءَ سان چئو ٿا تہ ”ڪلنہ شهر تائين وڃي ڏسو، ۽ اتان وري وڏي شهر حمات ڏانهن وڃو. پوءِ فلستيہ ۾ جات شهر ڏانهن لهي وڃو، ۽ ڏسو تہ اُهي اسان جي بادشاهت کان بهتر آهن ڇا؟ يا هنن جي سرحد اسان جي سرحد کان وڏي آهي ڇا؟“


هاڻي اي خداوند! آءٌ تو کي منٿ ٿو ڪريان تہ منهنجو ساهہ ڪڍ، ڇوجو منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“


پوءِ جڏهن سج اڀري مٿي ٿيو تڏهن خدا اوڀر پاسي کان جھولو گھلايو. يونس کي مٿي تي اهڙي اُس لڳي جو هو ماندو ٿي ويو. هن پنهنجي لاءِ موت جي خواهش ڪئي ۽ چيائين تہ ”منهنجي لاءِ جيئڻ کان مرڻ بهتر آهي.“


اي نينواہ! ڇا تون مصر جي گاديءَ جي شهر نوآمون کان بہ بهتر آهين، جنهن جي چوڌاري بہ تو وانگر بچاءُ لاءِ پاڻي ڇڏيل هو؟ هائو، اهو نيل نديءَ جي ڪناري تي آباد هو، ۽ ندي ئي ان جو بچاءُ ۽ پاڻي ئي سندس ديوار هئي.


جيڪڏهن تو کي مون سان اهڙي ئي هلت ڪرڻي آهي تہ پوءِ مون تي رحم فرمائي مون کي هڪدم ماري ڇڏ، تہ جيئن آءٌ پنهنجي مصيبت نہ ڏسان.“


پکين تي غور ڪريو جيڪي نہ پوکين، نہ لڻين ۽ نہ اناج ڀانڊن ۾ انبار ڪن، تہ بہ اوهان جو آسمان وارو پيءُ انهن کي کارائي ٿو. ڇا اوهين انهن کان وڌيڪ قدر نہ ٿا رکو؟


انهيءَ ٻنيءَ ۾ يعقوب جو کوهہ هو. عيسيٰ مسافريءَ جي ڪري ٿڪجي پيو هو، سو کوهہ جي ڀرسان ويهي رهيو. اهو اٽڪل منجھند جو وقت هو.


پوءِ ڀلا، اسين يهودي ڪنهن بہ نموني ٻين قومن کان بهتر آهيون ڇا؟ نہ، هرگز نہ. هن بحث دوران اسين اڳ ئي مڃي چڪا آهيون تہ يهودي توڙي غير يهودي سڀيئي هڪجهڙا گناهہ جي قبضي ۾ آهن،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ