Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 18:5 - Muslim Sindhi Bible

5 اخي‌اب عبدياہ کي چيو تہ ”اچ تہ ملڪ جي سڀني برساتي نهرن ۽ پاڻيءَ جي چشمن وٽ هلون. ٿي سگھي ٿو اسان کي پنهنجن گھوڙن ۽ خچرن کي جيئري رکڻ لاءِ ڪجھہ گاهہ هٿ اچي وڃي تہ جيئن اسين پنهنجا ڪجھہ جانور وڃائي نہ ويهون.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ۽ اخي آب عبدياہ کي چيو تہ زمين ۾ گشت ڪري پاڻيءَ جي سڀني حوضن ۽ سڀني نهرن تي وڃ: شايد اسين گاهہ لهون ۽ گهوڙن، ۽ خچرن جا ساهہ بچايون، تہ سڀ جانور وڃائي نہ ويهون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 18:5
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن اخي‌اب جي زال ايزبل خداوند جي نبين کي مارايو ٿي، تڏهن عبدياہ هڪ سؤ نبين کي ٻن غارن ۾ لڪايو هو، هر هڪ غار ۾ پنجاهہ پنجاهہ ڄڻا هئا. هن انهن کي اتي کاڌو پيتو بہ پئي ڏنو.


سو پوري ملڪ ۾ چاري جي ڳولا لاءِ انهن ملڪ کي ٻن حصن ۾ ورهايو، اخي‌اب پاڻ هڪڙي پاسي ويو ۽ عبدياہ ٻئي پاسي.


تون ڍڳن لاءِ گاهہ اُپائين ٿو ۽ انسانن لاءِ اناج، تان‌تہ انسان زمين مان پنهنجي خوراڪ حاصل ڪن.


امير امراءَ پنهنجن نوڪرن کي پاڻي ڀرڻ لاءِ موڪلين ٿا. اهي تلائن ڏانهن وڃن ٿا پر پاڻي هٿ ڪونہ ٿو اچين. سو اهي پنهنجا ٿانوَ خالي موٽايو ٿا اچن. پريشاني ۽ نااميديءَ سببان سندن ڪنڌ جھڪيل آهن.


اسان جو چوپايو مال ڪيڏو نہ رڙي رهيو آهي! ڍور ڍڳا بک ۾ پاهہ پيا ٿين، ۽ رڍن ٻڪرين جا ڌڻ چٽ ٿي ويا آهن، ڇاڪاڻ تہ انهن لاءِ چارو ڪونهي.


جھنگلي جانور بہ تو آڏو پيا اڃ مرن، ڇاڪاڻ تہ پاڻيءَ جون نديون سڪي ٺوٺ ٿي ويون آهن. آہ! سڀ ڪجھہ سخت گرميءَ ۾ سڙي رک ٿي ويو آهي.


اي جھنگ جا جانورؤ! ڪو خوف نہ ڪريو، اوهان جا چراگاهہ وري سرسبز ٿي ويندا. انجير جا وڻ ۽ انگورن جون وليون ميوي سان ڍڪجي وينديون، بلڪ سڀيئي ميويدار وڻ جھجھو ڦر جھليندا.


ڪيترن ئي شهرن جا ماڻهو اڃ کان بي‌حال ٿي پاڻيءَ واسطي شهر شهر ڀٽڪندا رهيا، پر پيئي ڪري ڪڏهن بہ ڍءُ نہ ڪيائون. تڏهن بہ اوهين مون خداوند آڏو توبهہ‌تائب نہ ٿيا.


جيتوڻيڪ انجير جو وڻ ٻور نہ ڪندو، نڪي انگورن جي ول ۾ ڪو انگور هوندو، جيتوڻيڪ زيتون جو فصل نہ ٿيندو، ۽ ٻنيون اناج پيدا نہ ڪنديون، جيتوڻيڪ واڙن ۾ ڌڻ نہ لڀندو، ۽ نہ وٿاڻن ۾ چوپايو مال ئي هوندو،


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ