Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 18:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن اخي‌اب جي زال ايزبل خداوند جي نبين کي مارايو ٿي، تڏهن عبدياہ هڪ سؤ نبين کي ٻن غارن ۾ لڪايو هو، هر هڪ غار ۾ پنجاهہ پنجاهہ ڄڻا هئا. هن انهن کي اتي کاڌو پيتو بہ پئي ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن ايزبل خداوند جا نبي وڍي ڇڏيا هئا، تڏهن عبدياہ سؤ نبين کي وٺي، پنجاهہ پنجاهہ ڪري غار ۾ لڪايو هئائين، ۽ اُنهن کي ماني کارايائين ۽ پاڻي پياريائين.)

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 18:4
18 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پر خدا جي ٻانهي کيس وراڻيو تہ ”آءٌ تو سان موٽي هلي نہ ٿو سگھان ۽ نہ ئي وري هن هنڌ تو سان ماني کائي سگھان ٿو يا پاڻي پي سگھان ٿو.


جڏهن هوءَ پاڻي آڻڻ لاءِ هلي، تڏهن هن سڏي چيس تہ ”مهرباني ڪري مانيءَ جو ٽڪر بہ مون لاءِ کڻي اچجانءِ.“


منهنجا سائين! اوهان نہ ٻڌو آهي ڇا تہ جڏهن ايزبل خداوند جي نبين کي مارايو ٿي تہ مون ڇا ڪيو هو؟ مون خداوند جي هڪ سؤ نبين کي ٻن غارن ۾ لڪايو هو، هر هڪ غار ۾ پنجاهہ پنجاهہ ڄڻا هئا ۽ اتي مون کين کاڌو پيتو پهچايو هو.


اخي‌اب عبدياہ کي چيو تہ ”اچ تہ ملڪ جي سڀني برساتي نهرن ۽ پاڻيءَ جي چشمن وٽ هلون. ٿي سگھي ٿو اسان کي پنهنجن گھوڙن ۽ خچرن کي جيئري رکڻ لاءِ ڪجھہ گاهہ هٿ اچي وڃي تہ جيئن اسين پنهنجا ڪجھہ جانور وڃائي نہ ويهون.“


پوءِ هن اليشع کي وٺي اچڻ لاءِ هڪ ماڻهو موڪليو. هوڏانهن اليشع گھر ۾ ڪن اڳواڻن سان گڏ ويٺو هو. بادشاهہ جي قاصد جي پهچڻ کان اڳ اليشع انهن اڳواڻن کي چيو تہ ”هن خوني بادشاهہ منهنجي سسي لهرائڻ لاءِ هڪ ماڻهو موڪليو آهي. هاڻ جڏهن هو هتي پهچي تہ دروازو بند ڪري ڇڏجو ۽ کيس اندر اچڻ نہ ڏجو. بادشاهہ پاڻ بہ هن جي پٺيان اچي پيو.“


تون پنهنجي مالڪ اخي‌اب جي گھراڻي کي تباهہ ڪندين. اهڙيءَ طرح آءٌ پنهنجي ٻانهن نبين ۽ پنهنجي ٻين سڀني ٻانهن جي خون جو بدلو وٺندس، جيڪو ايزبل جي هٿان ٿيو هو.


انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا، ۽ تنهنجي خلاف بغاوت ڪندي تنهنجي شريعت کي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيائون. هنن تنهنجي انهن نبين کي قتل ڪري ڇڏيو، جن کين نصيحت ٿي ڪئي تہ هو تو آڏو توبهہ‌تائب ٿين. ان کان علاوہ هنن وڏيون ڪفر واريون ڳالهيون پڻ ڪيون.


سو اوهين صلاح ڏيو تہ اسان کي ڇا ڪرڻ گھرجي. اوهين انهيءَ وڻ وانگر اسان کي پناهہ ڏيو، جيڪو ٽاڪ منجھند جو بہ ٿڌي ڇانوَ ڏئي ٿو. اسان جلاوطنن کي پنهنجي پناهہ ۾ لڪايو، ۽ اسان کي دشمنن جي هٿ ۾ نہ ڏيو.


پوءِ عملدارن باروڪ کي چيو تہ ”تون ۽ يرمياہ وڃي لڪو ۽ ڪنهن کي بہ خبر نہ پوي تہ اوهين ڪٿي آهيو.“


پر باغائين سندس نوڪرن کي پڪڙي ڪن کي مار ڏني، ڪن کي ماري ڇڏيو ۽ ڪن کي وري سنگسار ڪري ڇڏيائون.


ڇاڪاڻ تہ جڏهن آءٌ بکايل هئس تہ اوهان مون کي کارايو، آءٌ اڃايل هئس تہ اوهان مون کي پيئاريو، آءٌ پرديسي هئس تہ اوهان مون کي پنهنجي گھر ۾ رهايو،


بادشاهہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ سان بہ اهڙو ڪم ڪيو، تہ اهو ڄڻ اوهان مون سان ئي ڪيو.‘


بيابانن ۽ جبلن ۾ ڀٽڪندا رهيا ۽ غارن ۽ زمين جي چُرن ۾ لڪندا رهيا. هيءَ دنيا انهن جي رهڻ لائق نہ هئي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ