Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 17:7 - Muslim Sindhi Bible

7 ٿوري وقت کان پوءِ اها برساتي نهر سڪي ويئي، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ۾ مينهن نہ پيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ ٿوري وقت کان پوءِ هيئن ٿيو تہ اُها نهر سڪي ويئي، ڇالاءِ جو ملڪ ۾ مينهن ڪونہ پيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 17:7
8 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جابلو ڪانوَ هن کي صبح شام ماني ۽ گوشت آڻي ڏيندا هئا ۽ هو ان برساتي نهر مان پاڻي پيئندو هو.


ڏسو، هو برسات کي روڪي ٿو تہ سڀ ڪجھہ سڪي وڃي ٿو، وري جڏهن هو انهيءَ کي موڪلي ٿو تہ اها زمين کي ٻوڙي ٿي ڇڏي.


جنهن زمين تي رهندڙ بڇڙائي ڪندا ٿا رهن، تنهن سرسبز وَ آباد زمين کي خداوند ڪلر بڻائي ٿو ڇڏي. هو دريائن کي رڻ‌پٽ ۾ تبديل ڪري ڇڏي ٿو، ۽ پاڻيءَ جي چشمن کي سُڪي زمين بڻائي ٿو ڇڏي.


آءٌ خداوند تو تي رحم ڪرڻ وارو چوان ٿو تہ توڙي جو جبل لڏي وڃن ۽ ٽڪريون هٽجي وڃن، تڏهن بہ منهنجي رحمت تو تان نہ هٽندي، نڪي منهنجي سلامتيءَ واري عهد ۾ ئي ڪا ڦيرڦار ايندي.“


جھنگلي جانور بہ تو آڏو پيا اڃ مرن، ڇاڪاڻ تہ پاڻيءَ جون نديون سڪي ٺوٺ ٿي ويون آهن. آہ! سڀ ڪجھہ سخت گرميءَ ۾ سڙي رک ٿي ويو آهي.


خداوند اوهان کي سلهہ، بخار ۽ سوزش سان، اوهان جي زمين کي ساڙيندڙ جھولي ۽ خشڪ‌ساليءَ سان ۽ اوهان جي گھرن کي رتيءَ ۽ سينور جي مرض سان سٽي وجھندو. جيستائين اوهين تباهہ نہ ٿي ويندا، تيستائين اهي مرض اوهان جي پٺيان هوندا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ