Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 17:6 - Muslim Sindhi Bible

6 جابلو ڪانوَ هن کي صبح شام ماني ۽ گوشت آڻي ڏيندا هئا ۽ هو ان برساتي نهر مان پاڻي پيئندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ ڪانگ صبح جو هن کي ماني ۽ گوشت، ۽ شام جو بہ ماني ۽ گوشت آڻي ڏيندا هئا؛ ۽ هو نهر مان پاڻي پيئندو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 17:6
25 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هو روانو ٿيو ۽ ڏٺائين تہ انهيءَ ماڻهوءَ جو لاش رستي تي پيو آهي ۽ گڏهہ ۽ شينهن لاش جي ڀرسان بيٺا آهن. شينهن نڪي لاش کي کاڌو آهي ۽ نہ وري گڏهہ کي ئي ڦاڙيو اٿائين.


سو هن ائين ئي ڪيو جيئن خداوند کيس چيو هو. هو برساتي نهر ڪريت ڏانهن ويو جيڪا اردن درياءَ جي اوڀر ۾ آهي ۽ اتي ئي رهڻ لڳو.


ٿوري وقت کان پوءِ اها برساتي نهر سڪي ويئي، ڇاڪاڻ تہ ملڪ ۾ مينهن نہ پيو هو.


هن اکيون کڻي نهاريو تہ ڇا ڏسي تہ سندس مٿي کان ٽانڊن تي پڪل هڪڙو ڍوڍو ۽ پاڻيءَ جو دلو رکيو آهي. هن اُٿي کاڌو پيتو ۽ وري سمهي پيو.


سو هن اُٿي کاڌو ۽ پيتو. انهيءَ کاڌي جي طاقت سان هو چاليهہ ڏينهن ۽ چاليهہ راتيون سفر ڪري خدا جي جبل سينا وٽ اچي پهتو.


ڏسو، خداوند جي نظر انهن تي آهي، جيڪي کيس تعظيم ڏين ٿا. بيشڪ جيڪي هن جي رحمت تي اميد رکن ٿا، تن تي ئي سندس نظر آهي.


اهي خراب وقتن ۾ بہ ڪڏهن تڪليف نہ ڏسندا، بلڪ ڏڪار جي ڏينهن ۾ بہ سدائين ڍاول رهندا.


اوهين خداوند تي ڀروسو رکو، ۽ هر ڪنهن سان ڀلائي ڪريو، تان‌تہ پنهنجي ملڪ ۾ امن وَ سلامتيءَ سان آباد رهو.


بني اسرائيل چاليهن سالن تائين مَنَ کائيندا رهيا، جيستائين هو آباد ملڪ ۾ آيا، يعني جيستائين هو ڪنعان ملڪ جي حد تائين نہ آيا تيستائين مَنَ پئي کاڌائون.


پوءِ اوهين اتي امن وَ سلامتيءَ سان رهندا. هائو، اوهين خدا جي حضور ۾ اهڙا تہ محفوظ هوندا، جيئن ڄڻ ڪنهن مضبوط جابلو قلعي ۾ هجو. اتي اوهان کي جھجھو کاڌو خوراڪ ۽ پاڻي عطا ڪيو ويندو.


تڏهن صدقياہ بادشاهہ حڪم جاري ڪيو تہ مون کي محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ڪيو وڃي ۽ روزانو نانوائين جي بازار مان مون کي ماني ڏني وڃي. پوءِ جيستائين شهر مان ماني بلڪل کپي نہ ويئي، تيستائين آءٌ محل جي اڱڻ واري ڪمري ۾ قيد ٿيل هئس.


پر اڄ آءٌ تو کي انهن زنجيرن مان آزاد ٿو ڪريان جيڪي تنهنجي ٻانهن ۾ ٻڌل آهن. جيڪڏهن تون مون سان گڏ بابل ملڪ ڏانهن هلڻ چاهين تہ ڀلي هل، آءٌ تنهنجي سنڀال ڪندس. پر جيڪڏهن تون هلڻ نہ چاهين تہ پوءِ ڀلي نہ هل. ڏس، سڄو ملڪ تنهنجي اڳيان آهي، جيڏانهن تو کي وڻي تيڏانهن هليو وڃ.“


تنهن تي خداوند موسيٰ کي فرمايو تہ ”ڇا مون خداوند جو هٿ ننڍو ٿي ويو آهي؟ هاڻ تون ڏسندين تہ جيڪي مون تو کي چيو آهي سو پورو ٿئي ٿو يا نہ.“


عيسيٰ انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر خدا جي وس کان ڪابہ ڳالهہ ٻاهر نہ آهي.“


عيسيٰ هنن کان پڇيو تہ ”ان وقت جڏهن مون اوهان کي ڳوٿريءَ، ٿيلهي يا وڌيڪ جتيءَ کان سواءِ موڪليو هو، تہ ڇا اوهان کي ڪنهن شيءِ جي ڪمي ٿي هئي؟“ انهن جواب ڏنو تہ ”ڪنهن شيءِ جي بہ نہ.“


سو خدا جو واعدو ۽ قسم ٻئي اهڙيون شيون آهن جيڪي بدلجي نہ ٿيون سگھن ۽ جن جي باري ۾ خدا جو ڪوڙو ٿيڻ ناممڪن آهي. خدا اهو انهيءَ ڪري ڪيو تہ اسين جيڪي سندس پناهہ وٺڻ لاءِ ڊوڙيا آهيون، سي پڪيءَ طرح خاطري ڪري انهيءَ اميد تي قائم رهون جيڪا اسان کي ڏيکاري ويئي آهي.


هن کين چيو تہ ”کائيندڙ مان کاڌو نڪتو، زورآور مان مٺاڻ نڪتو.“ هو ٽن ڏينهن تائين اها ڳجھارت نہ ڀڃي سگھيا.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ