Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 17:16 - Muslim Sindhi Bible

16 الياس جي معرفت خداوند جي چوڻ موجب نہ انهيءَ چاڏي مان اٽو کپي ويو ۽ نہ وري انهيءَ دنگي مان تيل.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

16 اٽي جو اُهو مٽ کُٽو ئي ڪين، ۽ نہ تيل جي اُها دلي کُٽي، جيئن ڪ خداوند ايلياہ سان ڪلام ڪيو هو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 17:16
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

قربان‌گاهہ پڻ ڦاٽي پيئي ۽ ان تان رک هيٺ هارجي ويئي جيئن خدا جي ٻانهي خداوند جي حڪم سان چيو هو.


سو ييهو نبيءَ جي معرفت بعشا جي خلاف خداوند جيڪي فرمايو هو، تنهن موجب زمريءَ بعشا جي خاندان کي ناس ڪري ڇڏيو.


تڏهن هوءَ ويئي ۽ جيئن الياس کيس چيو هو تيئن ئي ڪيائين. سو انهن سڀني کي گھڻي عرصي تائين کاڌو ملندو رهيو.


هڪڙي موقعي تي جڏهن الياس انهيءَ عورت جي گھر ۾ رهيل هو تہ عورت جو پٽ بيمار ٿي پيو. هن جي بيماري ڏينهون ڏينهن اهڙي تہ خراب ٿيندي ويئي جو آخرڪار هن جو ساهہ بند ٿي ويو.


سندس جنگي گھوڙي گاڏي سامريہ جي انهيءَ تلاءَ وٽ ڌوتي ويئي، جتي ڪسبياڻيون تڙ ڪنديون هيون ۽ جيئن خداوند فرمايو هو تيئن ڪتن هن جو رت چٽيو.


سو جيئن خدا الياس جي معرفت فرمايو هو تيئن ئي بادشاهہ اخزياہ مري ويو. جيئن تہ اخزياہ کي ڪو پٽ ڪونہ هو، انهيءَ ڪري يهوداہ جي بادشاهہ يهورام ولد يهوسفط جي بادشاهيءَ جي ٻئي سال ۾، اخزياہ جو ڀاءُ يورام سندس تخت تي ويٺو.


سو هن لهي وڃي اردن درياءَ ۾ ست ٽٻيون ڏنيون، جيئن خدا جي ٻانهي کيس چيو هو. تڏهن هن جي چمڙي ڇٽي ٻار جي چمڙيءَ جيان ٿي پيئي ۽ هو پاڪ ٿي پيو.


عيسيٰ انهن ڏانهن نهاري چيو تہ ”اها ڳالهہ انسان جي وس کان ٻاهر آهي، پر خدا جي وس کان ڪابہ ڳالهہ ٻاهر نہ آهي.“


اتي جڏهن هو ماني کائي رهيو هو تہ هڪ عورت وٽس آئي جنهن کي سنگمرمر جي هڪ عطردانيءَ ۾ تمام قيمتي عطر هو. هن اهو عيسيٰ جي مٿي تي هاريو.


بيشڪ اهڙي ڪابہ ڳالهہ ڪانهي جيڪا خدا جي قدرت کان ٻاهر هجي.“


تون ڪيڏي نہ سڀاڳي آهين، جو تو يقين ڪيو آهي تہ جيڪي ڳالهيون خداوند جي طرفان تو کي ٻڌايون ويون آهن سي سچيون ثابت ٿينديون.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ