Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 17:12 - Muslim Sindhi Bible

12 انهيءَ عورت وراڻيس تہ ”خداوند جيئري خدا جنهن جا اوهين خاص ٻانها آهيو، تنهن جو قسم آهي تہ مون وٽ پڪل ماني ڪانهي، رڳو اٽي لپ چاڏيءَ ۾ ۽ دنگيءَ ۾ ٿورو تيل اٿم. آءٌ ٻہ چار ڪاٺيون ميڙڻ لاءِ هتي آيس، موٽي وڃي اُهو پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي پٽ لاءِ پچائينديس. اهو ختم ٿي وڃڻ کان پوءِ اسين بک وگھي مري وينداسين.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 ۽ اُنهيءَ زال چيو تہ خداوند جيئري جو قسم آهي تہ مون وٽ پڪل ماني ڪانهي، پر مٽ ۾ اٽي جي مٺ ۽ دليءَ ۾ ٿورو تيل اٿم: ۽ ڏس آءٌ ٻہ ڪاٺيون ٿي ميڙيان تہ وڃي اُهو پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي پٽ لاءِ پچايان، تہ اُهو کائون ۽ مرون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 17:12
21 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن مشڪ جو پاڻي کپي ويو تڏهن هن انهيءَ ٻار کي هڪڙي ٻوڙي هيٺ رکي ڇڏيو


۽ پاڻ هلي ويئي. هوءَ انهيءَ جي سامهون سڏ پنڌ تي وڃي ويهي رهي. هن سوچيو تہ ”آءٌ ٻار کي مرندو نہ ڏسان.“ پوءِ هوءَ روئڻ لڳي.


پر اِتيءَ بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”زندہ خدا جو ۽ منهنجي آقا بادشاهہ جي سر جو قسم آهي تہ جنهن بہ هنڌ منهنجو آقا بادشاهہ هوندو، موت ۾ توڙي زندگيءَ ۾ اوهان جو ٻانهو بہ اوهان سان ضرور گڏ هوندو.“


الياس تشبي جيڪو جِلعاد علائقي جو رهاڪو هو، تنهن بادشاهہ اخي‌اب کي چيو تہ ”جيئري خداوند، بني اسرائيل جي خدا جو قسم آهي جنهن جو آءٌ ٻانهو آهيان تہ ايندڙ ڪجھہ سالن ۾ نہ ماڪ پوندي ۽ نہ ئي وري مينهن وسندو جيستائين آءٌ نہ چوان.“


جڏهن هوءَ پاڻي آڻڻ لاءِ هلي، تڏهن هن سڏي چيس تہ ”مهرباني ڪري مانيءَ جو ٽڪر بہ مون لاءِ کڻي اچجانءِ.“


تنهن تي الياس کيس چيو تہ ”گھبراءِ نہ. گھر وڃ ۽ تون ڀلي ائين ئي ڪر جيئن چوين ٿي. پر پهريائين مون لاءِ انهيءَ مان هڪڙي لولي پچائي کڻي اچ ۽ پوءِ پنهنجي لاءِ ۽ پنهنجي پٽ لاءِ پچائج.


جڏهن آءٌ ٻهراڙيءَ ڏانهن نڪري ٿو وڃان تہ آءٌ انهن کي ڏسان ٿو جيڪي جنگ ۾ ماريا ويا آهن. جڏهن آءٌ شهر ۾ اچان ٿو تہ ڏڪار سبب مرڻ ڪنڌيءَ تي پهتلن کي ڏسان ٿو. نبي سڏائيندڙ ۽ ڪاهن وائڙن وانگر پنهنجي پنهنجي ڪم ۾ رڌل آهن، کين ڪابہ خبر نہ ٿي پوي تہ قوم سان هي ڇا ٿي رهيو آهي.“


۽ حق سچ، عدالت ۽ سچائيءَ ۾ مون جيئري خداوند جو قسم کڻندءُ، تہ پوءِ سڀ قومون منهنجي نالي جي ڪري برڪت حاصل ڪنديون ۽ مون تي فخر ڪنديون.“


جيتوڻيڪ اوهين مون جيئري خدا جو قسم کڻندا آهيو، تہ بہ اوهان جو اهو قسم بلڪل ڪوڙو هوندو آهي.“


سڀاڳا هئا اهي جيڪي جنگ ۾ قتل ٿي ويا. ويل آهي انهن باقي بچيلن لاءِ! جيڪي بک وگھي آهستي آهستي مريو وڃن ٿا، ڇاڪاڻ تہ کين کاڌو نہ ملڻ ڪري اهي سڙندا ڳرندا پيا وڃن.


اتي جڏهن هو ماني کائي رهيو هو تہ هڪ عورت وٽس آئي جنهن کي سنگمرمر جي هڪ عطردانيءَ ۾ تمام قيمتي عطر هو. هن اهو عيسيٰ جي مٿي تي هاريو.


مون کي انهيءَ جيئري خداوند جو قسم آهي، جنهن بني اسرائيل کي بچايو آهي، تہ جيڪڏهن اهو گناهہ منهنجي پٽ يونتن بہ ڪيو هوندو تہ اهو ضرور ماريو ويندو.“ پر ماڻهن مان ڪنهن بہ هن کي ورندي ڪانہ ڏني.


تڏهن ماڻهن سائول کي چيو تہ ”يونتن، جنهن بني اسرائيل کي فتح ڏياري وڏو ڪم ڪيو آهي، سو ماريو ويندو ڇا؟ هرگز نہ، جيئري خداوند جو قسم آهي تہ هن جي مٿي جو هڪڙو وار بہ زمين تي ڪونہ ڪرندو، ڇاڪاڻ تہ هن جيڪو بہ ڪم ڪيو سو خدا جي مرضيءَ سان ڪيو آهي.“ اهڙيءَ طرح ماڻهن يونتن کي بچائي ورتو ۽ هن کي نہ ماريو ويو.


پوءِ آءٌ هڪڙي ڇوڪر کي موڪليندس ۽ چوندوسانس تہ ’وڃي تير ڳولي کڻي اچ.‘ پوءِ جيڪڏهن آءٌ ڇوڪر کي چوان تہ ’ڏس، تون پري نڪري ويو آهين. پر تير تو کان اوريان آهن. اهي وڃي کڻي اچ،‘ تڏهن تون مون وٽ هليو اچجانءِ، ڇاڪاڻ تہ جيئري خداوند جو قسم تہ تنهنجي لاءِ سلامتي آهي ۽ ڪوبہ جوکو ڪونهي.


پر دائود وري قسم کڻي چيس تہ ”تنهنجو پيءُ چڱيءَ طرح ڄاڻي ٿو تہ تنهنجي مون تي مهربانيءَ جي نظر آهي. سو هن سوچيو هوندو تہ ’يونتن کي انهيءَ ڳالهہ جي خبر نہ پوي تہ چڱو، نہ تہ متان ڏک ٿئيس.‘ پر جيئري خداوند ۽ تنهنجي جان جو قسم تہ پڪ منهنجي ۽ موت جي وچ ۾ رڳو هڪڙي قدم جو مفاصلو آهي.“


پر اي منهنجا آقا! جڏهن تہ خداوند توهان کي خونريزيءَ کان ۽ پنهنجي هٿن سان پنهنجو وير وٺڻ کان روڪيو آهي، سو هاڻ خداوند جيئري جو قسم ۽ توهان جي جان جو قسم آهي تہ شل توهان جا دشمن ۽ اهي سڀيئي جيڪي اوهان جا بدخواہ آهن تن سان بہ نابال جهڙي ٿئي.


دائود وڌيڪ چيس تہ ”خداوند جيئري جو قسم آهي تہ خداوند پاڻ ئي انهيءَ کي ماريندو. هي پنهنجي زندگيءَ جا ڏينهن پورا ڪري پاڻمرادو مري ويندو، يا جنگ ۾ ماريو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ