1.بادشاهَہ 16:9 - Muslim Sindhi Bible9 تڏهن هن جو سالار جنهن جو نالو زمري هو ۽ جيڪو جنگي گھوڙي گاڏين مان اڌ حصي جو نگران هو، تنهن هن خلاف بغاوت ڪئي. هڪ ڏينهن ترضہ ۾ ايلہ پنهنجي محل جي نگران ارضہ جي گھر ۾ گھڻي پيئڻ ڪري نشي ۾ ٻڏو پيو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible9 ۽ هن جو نوڪر زمري، جو سندس رٿن مان اڌ حصي جو داروغو هو، تنهن سندس برخلاف منصوبو ڪيو: هاڻي هو (يعني بادشاهہ) ترضہ ۾ ارضہ جي گهر، جو سندس گهر جي ڪم ڪار جي مٿان رکيل هو، شراب پي مست ٿيو پيو هو. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
پوءِ ييهوءَ يورام بادشاهہ جي خلاف منصوبو جوڙيو. هوڏانهن يورام يزرعيل شهر ۾ هو جتي هو انهن زخمن جي علاج لاءِ ويو هو جيڪي کيس اسرائيل جي لشڪر سان گڏ رامات شهر جي حفاظت ڪندي ارام جي بادشاهہ حزائيل خلاف جنگ ۾ رسيا هئا. سو ييهوءَ پنهنجي ساٿين کي چيو تہ ”جيڪڏهن اوهين مون سان گڏ آهيو تہ پوءِ خيال ڪريو تہ متان ڪو ڪٿان نڪري وڃي يزرعيل شهر وارن کي اها خبر ٻڌائي.“