Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 16:2 - Muslim Sindhi Bible

2 ”جيتوڻيڪ مون تو کي مٽيءَ مان کڻي مٿي ڪيو ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن مٿان تو کي اسرائيل جو بادشاهہ بڻايم، تنهن هوندي بہ تون يربعام جي رستي تي هليو آهين، جو منهنجي قوم بني اسرائيل کان گناهہ ڪرائي مون کي ڪاوڙايو اٿيئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 مون توکي مٽيءَ مان چاڙهي مٿي ڪيو، ۽ پنهنجي قوم اسرائيل تي توکي بادشاهہ ڪيم؛ تہ بہ تون يربعام جي رستي تي هليو آهين، ۽ منهنجي قوم اسرائيل کان گناهہ ڪرايو اٿيئي، جنهنڪري هنن جي گناهن سبب مون کي ڪاوڙ آئي؛

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 16:2
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جيڪي گناهہ يربعام پاڻ ڪيا آهن ۽ اسرائيل وارن کان ڪرايا آهن، تن جي ڪري خداوند اسرائيل وارن کي ضرور سزا ڏيندو.“


وڃ، وڃي يربعام کي ٻڌاءِ تہ خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’مون تو کي ٻين ماڻهن ۾ عزت وارو ڪيو ۽ پنهنجي قوم بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن مٿان تو کي اسرائيل جو بادشاهہ بڻايم.


هن پنهنجي پيءُ وانگر اهي ڪم ڪيا، جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ سندس جيان هن اسرائيل وارن کان بہ ساڳيا ڪم ڪرايا.


بادشاهہ يربعام وانگر هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ سندس جيان هن اسرائيل وارن کان بہ ساڳيا ڪم ڪرايا.


موسيٰ هارون کي چيو تہ ”هنن ماڻهن تو سان ڇا ڪيو هو جو تو هنن کي اهڙي وڏي گناهہ ۾ ڦاسائي ڇڏيو؟“


ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، پيئر باهہ ٻارين ٿا ۽ مائرون اٽو ڳوهين ٿيون تہ جيئن انهيءَ ديويءَ لاءِ لوليون پچائين، جنهن کي هو آسمان جي راڻيءَ ٿا سڏين. هو غير معبودن لاءِ اوتڻ واريون قربانيون ٿا پيش ڪن، تہ جيئن مون کي چڙ ڏيارين.


تنهنڪري جيڪو انهيءَ جي ڪنهن ننڍڙي حڪم کي بہ رد ڪندو ۽ ٻين ماڻهن کي پڻ ائين ڪرڻ سيکاريندو، سو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ سڀني کان ننڍو سڏبو. پر جيڪو انهن تي عمل ڪندو ۽ ٻين کي بہ ائين ئي ڪرڻ سيکاريندو تہ اهو آسمان جي بادشاهيءَ ۾ وڏو سڏبو.


هن زورآورن کي تخت تان ڪيرايو آهي، ۽ نيچن کي اوچو ڪيو اٿس.


نہ اي منهنجا فرزندؤ! جيڪي اوهان جي گناهن جون خبرون آءٌ سڀني ماڻهن جي واتان ٻڌان پيو سي چڱيون ناهن.


هو مسڪينن ۽ محتاجن کي ڪچري جي ڍير مان ڪڍي کين شان وَ شوڪت سان شهزادن سان گڏ تخت تي ويهاري ٿو. هو اهو ئي خداوند آهي جنهن ڌرتيءَ جا ٿنڀا کوڙيا آهن، جن جي مٿان هن هي جهان قائم ڪيو آهي.


سو اي منهنجا آقا بادشاهہ! هاڻي پنهنجي هن ٻانهي جي ڳالهہ ٻڌو. جيڪڏهن توهان کي خداوند منهنجي خلاف کڙو ڪيو آهي تہ پوءِ منهنجي ڏوهہ کي معاف ڪرڻ لاءِ شل هو نذرانو قبول ڪري. پر جيڪڏهن اهو ڪن انسانن جو ڪم آهي تہ شل اهي خداوند جي آڏو لعنتي ٿين، ڇاڪاڻ تہ انهن مون کي ملڪ مان ڀڄائي ڪڍيو آهي، انهيءَ لاءِ تہ خداوند جي قوم ۾ منهنجو ڪو حصو نہ رهي ۽ مون کي چون ٿا تہ ’وڃي غير معبودن جي پوڄا ڪر.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ