Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 16:1 - Muslim Sindhi Bible

1 تڏهن ييهو ولد حنانيءَ جي معرفت خداوند بعشا کي ڇينڀيندي چيو تہ

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

1 ۽ خدا جو ڪلام ياهو بن حناني وٽ بعشا جي برخلاف آيو، ۽ چيائين تہ،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 16:1
7 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

يهوداہ جي بادشاهہ آسا جي بادشاهيءَ جي ٽئين سال ۾ بعشا ولد اخياہ ترضہ شهر ۾ اسرائيل ملڪ تي بادشاهي ڪرڻ لڳو، هن اٽڪل چوويهہ سال بادشاهي ڪئي.


بعشا ۽ سندس خاندان خلاف ييهو نبيءَ جي معرفت خداوند اهو انهيءَ ڪري فرمايو هو جو بعشا خداوند جي نظر ۾ گھڻا ئي برا ڪم ڪيا هئا. هن خداوند کي نہ رڳو پنهنجي برن ڪمن ڪري ڪاوڙايو هو، جيئن کانئس اڳي بادشاهہ يربعام ڪيو هو، بلڪ هن ڪري بہ جو بعشا يربعام جي سڄي خاندان کي مارائي ڇڏيو هو.


خداوند پنهنجي سڀني نبين ۽ غيبدانن جي وسيلي اسرائيل وارن توڙي يهوداہ وارن کي تنبيهہ ڪئي هئي تہ ”پنهنجن بڇڙن رستن کان باز اچو ۽ منهنجي حڪمن ۽ قاعدن قانونن تي هلو جيڪي مون اوهان جي ابن ڏاڏن کي ڏنا هئا ۽ انهيءَ کان پوءِ پنهنجي ٻانهن نبين جي وسيلي اوهان کي بہ ڏنا.“


تڏهن هڪڙو نبي ييهو ولد حناني بادشاهہ سان ملڻ آيو ۽ کيس چيائين تہ ”ڇا اهو مناسب آهي جو تون بدڪارن جي مدد ڪرين ۽ خداوند جي دشمنن سان محبت رکين؟ ياد رک، انهيءَ ڳالهہ جي ڪري تو تي خدا جو ڏمر آهي.


يهوسفط جو باقي احوال شروع کان آخر تائين، ييهو ولد حنانيءَ جي لکت ۾ آهي، جيڪا ”اسرائيل جي بادشاهن جو ڪتاب“ ۾ موجود آهي.


تون هزارين پيڙهين تائين لافاني شفقت ڪندو آهين، پر ابن ڏاڏن جي گناهن جو بدلو انهن کان پوءِ تون سندن اولاد کان وٺندو آهين. تنهنجو نالو عظيم ۽ قادر خدا آهي، تون قادرِمطلق خداوند آهين.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ