Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 14:9 - Muslim Sindhi Bible

9 پر تو انهن کان بہ وڌيڪ بڇڙائي ڪئي آهي جيڪي تو کان اڳي هئا. مون کان ڦري پنهنجي لاءِ غير معبود ۽ پلٽيل بت بڻائي تو مون کي ڪاوڙايو آهي. هائو، تو مون کي پنهنجي پٺيءَ پٺيان اڇلائي ڇڏيو آهي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 بلڪ جيڪي توکان اڳي هئا تن کان بہ وڌيڪ تو بڇڙائي ڪئي آهي، ۽ وڃي ٻيا معبود پنهنجي لاءِ جوڙيا اٿيئي، ۽ پلٽيل بت بنايا اٿيئي، جنهنڪري مون کي ڪاوڙايو اٿيئي، ۽ مون کي پنهنجي پٺيان اُڇلائي ڇڏيو اٿيئي:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 14:9
42 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

انهيءَ ڪري بادشاهہ صلاح مصلحت کان پوءِ سون جا ٻہ گابا ٺهرايا. پوءِ ماڻهن کي چيائين تہ ”اي اسرائيل وارؤ! يروشلم تائين وڃڻ ۾ اوهان کي گھڻي تڪليف ٿئي ٿي. سو اِجھو، هي آهن اوهان جا معبود جن اوهان کي مصر مان ڪڍي آندو هو.“


جيڪي گناهہ يربعام پاڻ ڪيا آهن ۽ اسرائيل وارن کان ڪرايا آهن، تن جي ڪري خداوند اسرائيل وارن کي ضرور سزا ڏيندو.“


يهوداہ وارن اهي ڪم ڪيا جيڪي خدواند جي نظر ۾ برا هئا. پنهنجن ابن ڏاڏن جي ڪمن کان بہ وڌيڪ برا ڪم ڪري هنن خداوند کي ڪاوڙايو.


بادشاهہ ٿيڻ شرط هن يربعام جي سڄي خاندان کي مارائي ڇڏيو ۽ سندس نسل مان ڪنهن هڪڙي کي بہ جيئرو نہ ڇڏيائين، جيئن خداوند پنهنجي ٻانهي اخياہ سيلائيءَ جي معرفت فرمايو هو.


اهو سڀ انهيءَ ڪري ٿيو جو يربعام پاڻ بہ گناهہ ڪري ۽ اسرائيل وارن کان بہ گناهہ ڪرائي خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي چڙ ڏياري ڪاوڙايو هو.


بادشاهہ يربعام وانگر هن اهي ئي ڪم ڪيا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ سندس جيان هن اسرائيل وارن کان بہ ساڳيا ڪم ڪرايا.


عمريءَ اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ جيڪي بادشاهہ کانئس اڳي ٿي گذريا هئا تن کان بہ وڌيڪ گناهہ ڪيائين.


خداوند جي نظر ۾ اخي‌اب پاڻ کان اڳي وارن بادشاهن کان بہ وڌيڪ برا ڪم ڪيا.


يربعام ولد نباط جي گناهن تي هلڻ هن کي ڄڻ تہ خسيس ڳالهہ نظر ٿي آئي. سو هن صيدونين جي بادشاهہ اتبعل جي ڌيءَ ايزبل سان شادي ڪئي ۽ بعل ديوتا کي پوڄڻ شروع ڪري ڏنائين.


هن يسيرہ ديويءَ جي مورتيءَ وارو ٿنڀو پڻ ٺهرايو. هن ٻيا بہ اهڙا ڪم ڪيا جن سان اسرائيل جي اڳين بادشاهن کان بہ وڌيڪ خداوند، بني اسرائيل جي خدا کي ڪاوڙايائين.


هن اهي ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن وارا پوڄا گھر وري تعمير ڪرايا، جيڪي سندس پيءُ حزقياہ ڊاهي ڇڏيا هئا. هن بعل ديوتا لاءِ پڻ قربان‌گاهون ٺهرايون ۽ يسيرہ ديويءَ جو هڪڙو ٿنڀو بہ ٺهرايائين، جهڙيءَ طرح اسرائيل جي بادشاهہ اخي‌اب ڪيو هو. هن آسماني سيارن ۽ ستارن جي پوڄا بہ ڪئي.


تنهن هوندي بہ خداوند جي وڏي ڪاوڙ جو جوش اڃا جھڪو نہ ٿيو، جيڪا يهوداہ تي ڀڙڪي هئي، ڇاڪاڻ تہ منسي بادشاهہ پنهنجي گھڻن ئي بڇڙن ڪمن سان هن کي ڏاڍو ڪاوڙايو هو.


تنهن هوندي بہ هو پاڻ کان اڳ واري بادشاهہ يربعام ولد نباط وانگر هو، جنهن اسرائيل وارن کي گناهن ۾ ڌڪي ڇڏيو هو. يورام بہ انهن گناهن کان باز نہ آيو.


هن ٽڪرين تي ٺهيل غير معبودن جي پوڄا گھرن ۽ پنهنجي بڻايل گابي ۽ ٻڪر جي شڪل وارن بتن لاءِ پنهنجي ماڻهن کي مذهبي بزرگ مقرر ڪيو هو.


هن پنهنجي پٽن کي هنوم ماٿريءَ ۾ باهہ ۾ قربان ڪيو. هو فالون وجھندو هو، جادو ۽ ٽوٽڪا ڪندو هو ۽ ڀوپن ۽ مئل ماڻهن جي روحن سان ڳالهائيندڙن سان واهپو رکيو هئائين. مطلب تہ هن خداوند جي نظر ۾ گھڻا ئي برا ڪم ڪيا جن جي ڪري خداوند هن جي خلاف سخت ڪاوڙيو.


هنن قلعن وارن شهرن ۽ زرخيز زمين تي قبضو ڪيو، ۽ هر قسم جي سٺين شين سان ڀريل گھرن، کوٽيل کوهن، انگورن ۽ زيتونن جي باغن، توڙي بي‌شمار ميويدار وڻن تي قبضو ڪيائون. هنن ايترو تہ ڍءَ تي کاڌو پيتو جو ٿلها متارا ٿي پيا، هائو، تنهنجي وڏي ڀلائيءَ جي ڪري خوب مزا ماڻيائون.


انهيءَ هوندي بہ هو نافرمان ٿيا، ۽ تنهنجي خلاف بغاوت ڪندي تنهنجي شريعت کي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيائون. هنن تنهنجي انهن نبين کي قتل ڪري ڇڏيو، جن کين نصيحت ٿي ڪئي تہ هو تو آڏو توبهہ‌تائب ٿين. ان کان علاوہ هنن وڏيون ڪفر واريون ڳالهيون پڻ ڪيون.


اهڙا ڪم ڪري هنن خدا کي غصو ڏياريو، تنهنڪري اوچتو ئي اوچتو خدا مٿن وبا آڻي نازل ڪئي.


جڏهن تہ اوهان کي منهنجي تربيت کان نفرت آهي، ۽ اوهين منهنجا حڪم پٺيءَ پويان اڇلائي ٿا ڇڏيو.


ڪيڏا نہ ڀيرا هنن بيابان ۾ ساڻس سرڪشي ڪئي آهي! هائو، ڪيڏا نہ ڀيرا هنن رڻ‌پٽ ۾ کيس رنجايو آهي!


پوءِ بہ هنن سرڪشي ڪندي خدا تعاليٰ کي آزمايو، ۽ سندس حڪمن تي عمل نہ ڪيائون.


هنن پنهنجي بت‌خانن جي ڪري سندس غصي کي ڀڙڪايو. هائو، پنهنجي تراشيل مورتين جي ڪري کيس غيرت ڏياريائون.


اوهين پنهنجي لاءِ ڌاتوءَ مان پلٽيل معبود نہ ٺاهجو.


تون هزارين پيڙهين تائين لافاني شفقت ڪندو آهين، پر ابن ڏاڏن جي گناهن جو بدلو انهن کان پوءِ تون سندن اولاد کان وٺندو آهين. تنهنجو نالو عظيم ۽ قادر خدا آهي، تون قادرِمطلق خداوند آهين.


ٻار ڪاٺيون گڏ ڪن ٿا، پيئر باهہ ٻارين ٿا ۽ مائرون اٽو ڳوهين ٿيون تہ جيئن انهيءَ ديويءَ لاءِ لوليون پچائين، جنهن کي هو آسمان جي راڻيءَ ٿا سڏين. هو غير معبودن لاءِ اوتڻ واريون قربانيون ٿا پيش ڪن، تہ جيئن مون کي چڙ ڏيارين.


پر اوهان مان ڪنهن بہ منهنجي نہ ٻڌي ۽ ڪوبہ ڌيان نہ ڏنو. اوهان هٺ کان ڪم وٺندي پنهنجن ابن ڏاڏن کان بہ وڌيڪ بڇڙائي ڪئي.“


جيئن تہ مون خداوند خدا کي تو بلڪل وساري ڇڏيو آهي، بلڪ پنهنجي پٺيءَ پويان اڇلائي ڇڏيو اٿيئي، تنهنڪري تو کي پنهنجي شهوت‌پرستيءَ ۽ زناڪاريءَ جي سزا ڀوڳڻي پوندي.“


تڏهن خداوند مون کي فرمايو تہ ”اي آدمزاد! تو اهو سڀ ڪجھہ ڏٺو؟ يهوداہ وارن جي نظر ۾ تہ اهي معمولي ڳالهيون آهن جو هو هتي ڪراهت وارا ڪم ڪن ٿا ۽ سڄي ملڪ ۾ ظلم وَ زبردستي برپا ڪري ڇڏي اٿن. پر هاڻي انهن ڪمن کان وڌيڪ ڪيئن نہ هو منهنجي هيءَ بي‌حرمتي ڪري مون کي چڙ ٿا ڏيارين ۽ مون کي وري غضبناڪ ڪيو اٿائون.


هن هٿ جهڙي ڪا شيءِ ڊگھيڙي منهنجي مٿي جي وارن جي هڪڙي چڳ پڪڙي. تڏهن انهيءَ عجيب رويا ۾ خدا جو روح مون کي مٿي هوا ۾ بلنديءَ تي کڻي ويو ۽ پوءِ يروشلم جي ڪوٽ جي اندرين اتر واري دروازي وٽ آڻي لاٿائين، جتي هڪڙي مورتي کوڙيل هئي، جنهن خداوند کي غيرت ڏياري غضبناڪ بڻايو هو.


اوهين مون کي ڇڏي بتن ڏانهن نہ ڦرجو ۽ نڪي پنهنجي لاءِ ڌاتوءَ جا پلٽيل معبود بڻائجو. آءٌ خداوند اوهان جو خدا آهيان.


ڇا ائين ڪندي اسين خداوند جي غيرت کي جوش ڏياريون؟ ڇا اسين هن کان وڌيڪ زورآور آهيون؟


ڪوڙن معبودن آڏو جھڪي هنن مون کي غيرت ڏياري آهي. هائو، باطل بتن ڏانهن ڦري هنن مون کي غصو ڏياريو آهي. سو آءٌ بہ نالائق قوم تي هٿ رکي انهن کي غيرت ڏياريندس، هائو، آءٌ نادان قوم جي پٺڀرائي ڪري کين غصو ڏياريندس.


جنهن ڏينهن کان منهنجي اوهان سان واقفيت ٿي آهي، تنهن ڏينهن کان اوهين خداوند جي خلاف بغاوت ڪندا ٿا اچو.


بني اسرائيل جڏهن نوان نوان معبود چونڊي ڪڍيا هئا، تڏهن هڪ غير قوم شهرن تي چڙهائي ڪئي هئي. جڏهن تہ ملڪ جي چاليهہ هزار جنگي جوڌن وٽ مقابلي لاءِ ڪا ڍال يا ڪو ڀالو ئي ڪونہ هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ