Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 14:4 - Muslim Sindhi Bible

4 سو يربعام جي زال ائين ئي ڪيو ۽ سيلا شهر ڏانهن اخياہ جي گھر ويئي. جيئن تہ وڏيءَ عمر جي ڪري اخياہ جون اکيون ويهجي ويون هيون سو هو ڏسي نہ ٿي سگھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ يربعام جي زال ائين ئي ڪيو ۽ اُٿي سيلا ڏي ويئي، ۽ اخياہ جي گهر آئي. هاڻي اخياہ ڏسي نٿي سگهيو؛ ڇالاءِ جو وڏي عمر جي ڪري هن جون اکيون ويهي ويون هيون.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 14:4
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

هاڻ اسحاق پوڙهو ٿي ويو هو ۽ اکين مان نظر بہ ڪونہ ٿي پيس. تڏهن هن پنهنجي وڏي پٽ عيسوءَ کي پاڻ وٽ گھرايو ۽ چيائينس تہ ”پٽ!“ هن وراڻيس تہ ”جيءُ.“


جيئن تہ يعقوب جي ديد سندس عمر جي ڪري گھٽجي ويئي هئي، سو هو چڱيءَ طرح ڏسي نہ ٿي سگھيو. تنهنڪري يوسف ڇوڪرن کي وٽس ويجھو وٺي آيو ۽ هن کين ڀاڪر پائي چميو.


هڪڙي ڏينهن، جڏهن يربعام يروشلم کان ٻاهر ڪيڏانهن ويو پئي، تڏهن سيلا شهر جو اخياہ نالي هڪ نبي جنهن کي نئين چادر ڍڪيل هئي سو ساڻس جھنگ جي رستي ۾ مليو. اهي ٻيئي ڄڻا اڪيلا هئا.


يربعام پنهنجيءَ زال کي چيو تہ ”پنهنجو ويس مَٽاءِ تہ جيئن تو کي ڪوبہ سڃاڻي نہ سگھي تہ تون منهنجي زال آهين. پوءِ سيلا شهر ڏانهن وڃ جتي اخياہ نالي اهو نبي رهي ٿو، جنهن مون کي چيو هو تہ ’تون بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن جو بادشاهہ ٿيندين.‘


اسان جي عمر وڌ ۾ وڌ ستر سال ٿئي ٿي، يا وري جيڪڏهن ڪو تندرست آهي تہ پوءِ اسي سال، جڏهن تہ اها بہ گھڻو ڪري مشڪلاتن ۽ ڏکن ۾ گذري وڃي ٿي. پوءِ اها حياتي بہ جلد گذريو وڃي ۽ اسين ختم ٿيو وڃون.


انهن ڏينهن ۾ اوهان جا محافظ بازو ڏڪڻ لڳندا ۽ اوهان جون ٽنگون جيڪي هينئر مضبوط آهن، سي ٿڙڪڻ لڳنديون. اوهان جا ڏند ٿورا وڃي بچندا ۽ کاڌو چٻاڙي نہ سگھندا. اوهان جي اکين جي نظر ويندي رهندي.


جڏهن موسيٰ وفات ڪئي تڏهن سندس عمر هڪ سؤ ويهہ سال هئي. هن جي اکين ۾ اڃا ڌنڌ بہ ڪونہ ٿيو هو، نڪا سندس بدن جي طاقت ئي گھٽي هئي.


بني اسرائيل جي سڄي قوم سيلا شهر ۾ اچي گڏ ٿي ۽ اتي خدا سان ملاقات وارو خيمو کوڙيائون. انهيءَ ملڪ تي تہ بني اسرائيل قبضي ڪري چڪا هئا،


هڪڙيءَ رات عيلي جنهن جي نظر هاڻي تمام گھٽجي ويئي هئي، سو پنهنجي ڪمري ۾ ستو پيو هو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ