Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 14:3 - Muslim Sindhi Bible

3 تون پاڻ سان ڏهہ مانيون، ڪجھہ روٽ ۽ ماکيءَ جي گھُگھي کڻي وٽس وڃ. هو تو کي ٻڌائيندو تہ اسان جي پٽ سان ڇا ٿيڻ وارو آهي.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

3 ۽ پاڻ سان ڏهہ مانيون، ۽ ڪوڪيون، ۽ هڪڙو ماکيءَ جو ڪوزو کڻي وٽس وڃ: هو توکي ٻڌائيندو تہ هن ٻار جو ڪهڙو حال ٿيندو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 14:3
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ بادشاهہ انهيءَ خدا جي ٻانهي کي چيو تہ ”مون سان گڏجي منهنجي گھر هل ۽ ڪجھہ کاءُ پيءُ ۽ آءٌ تو کي انعام بہ ڏيندس.“


اخزياہ جيڪو پنهنجي پيءُ اخي‌اب جي وفات کان پوءِ بادشاهہ ٿيو، سو سامريہ شهر ۾ پنهنجي ماڙيءَ جي ڄاريدار پلويڙي تان هيٺ ڪري پيو ۽ سخت زخمي ٿي پيو. سو هن ڪن قاصدن کي موڪليو تہ وڃي فلستين جي شهر عقرون ۾ معبود بعل‌زبوب کان پڇي اچن تہ ”آءٌ وري چڱو ڀلو ٿيندس يا نہ؟“


ٻئي موقعي تي بعل‌شالِشہ مان هڪڙو ماڻهو اتي آيو. هن انهيءَ خدا جي ٻانهي لاءِ جَون جي پهرئين فصل مان ويهہ پڪل مانيون ۽ اناج جا تازا سنگ آندا. اليشع پنهنجي خدمتگار کي چيو تہ ”اهي ماڻهن کي ورهائي ڏي تہ کائين.“


پوءِ نعمان ۽ سندس سمورا نوڪر چاڪر خدا جي ٻانهي وٽ موٽي آيا. نعمان سندس اڳيان بيهي چيو تہ ”هاڻ مون ڄاڻي ورتو تہ خدا جيڪو اسرائيل ۾ آهي تنهن کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوبہ مبعود ڪونهي. سو مهرباني ڪري هاڻي اوهين پنهنجي ٻانهي کان تحفو قبول ڪريو.“


تڏهن بادشاهہ کيس وراڻيو تہ ”ڀلي وڃ. آءٌ تو کي اسرائيل جي بادشاهہ ڏانهن خط بہ ڏيان ٿو.“ سو نعمان پاڻ سان ٽي سؤ پنجاهہ ڪلوگرام چاندي، ستر ڪلوگرام سون ۽ ڏهہ جوڙا ڪپڙن جا کڻي روانو ٿيو.


اتي جڏهن هو ماني کائي رهيو هو تہ هڪ عورت وٽس آئي جنهن کي سنگمرمر جي هڪ عطردانيءَ ۾ تمام قيمتي عطر هو. هن اهو عيسيٰ جي مٿي تي هاريو.


ٻنهي ڀينرن عيسيٰ کي چوائي موڪليو تہ ”خداوند! اوهان جو پيارو دوست بيمار آهي.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ