Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 14:2 - Muslim Sindhi Bible

2 يربعام پنهنجيءَ زال کي چيو تہ ”پنهنجو ويس مَٽاءِ تہ جيئن تو کي ڪوبہ سڃاڻي نہ سگھي تہ تون منهنجي زال آهين. پوءِ سيلا شهر ڏانهن وڃ جتي اخياہ نالي اهو نبي رهي ٿو، جنهن مون کي چيو هو تہ ’تون بني اسرائيل جي ڏهن قبيلن جو بادشاهہ ٿيندين.‘

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

2 ۽ يربعام پنهنجي زال کي چيو تہ ڀلائي ڪري اُٿ ۽ پنهنجو ويس بدلاءِ تہ ڪوبہ توکي نہ سڃاڻي تہ تون يربعام جي زال آهين: ۽ سيلا ڏي وڃ؛ ڏس، اُتي اخياہ نبي آهي، جنهن منهنجي نسبت ۾ چيو هو تہ تون هن قوم جو بادشاهہ ٿيندين.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 14:2
12 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن هن تقوع شهر ڏانهن ماڻهو موڪلي اتان هڪڙي سياڻي عورت گھرائي ۽ کيس چيائين تہ ”تون سوڳ ڪرڻ واريءَ جو ويس ڪري ماتمي ڪپڙا پاءِ ۽ پاڻ کي تيل نہ مک، بلڪ اهڙي عورت وانگر ٿيءُ، جنهن گھڻن ڏينهن تائين ڪنهن مئل جي لاءِ سوڳ ڪيو هجي.


انهن ڏينهن ۾ بادشاهہ يربعام جو پٽ ابياہ بيمار ٿي پيو.


سو يربعام جي زال ائين ئي ڪيو ۽ سيلا شهر ڏانهن اخياہ جي گھر ويئي. جيئن تہ وڏيءَ عمر جي ڪري اخياہ جون اکيون ويهجي ويون هيون سو هو ڏسي نہ ٿي سگھيو.


تڏهن اهو نبي وڃي رستي تي بيهي اسرائيل جي بادشاهہ جي گذرڻ جو انتظار ڪرڻ لڳو. هن پنهنجي اڌ منهن تي پٽي ٻڌي ڇڏي تہ جيئن ڪو کيس سڃاڻي نہ سگھي.


اخي‌اب يهوسفط کي چيو تہ ”آءٌ ويس مَٽائي جنگ ڪندس، پر توهين ڀلي پنهنجي شاهي پوشاڪ پهري رکو.“ سو اخي‌اب ويس بدلائي لڙائي ڪرڻ نڪتو.


اخي‌اب يهوسفط کي چيو تہ ”آءٌ پنهنجو ويس بدلائي لڙائيءَ ۾ شامل ٿيندس، پر اوهان کي پنهنجي شاهي پوشاڪ ئي پاتل هجي.“ سو اخي‌اب ويس بدلائي لڙائي ڪرڻ نڪتو.


هو جبلن تي ٺهيل غير معبودن جي پوڄا گھرن ۾، ٽڪرن جي چوٽين تي ۽ هر ڪنهن وڏي ڇانوري واري وڻ هيٺ ساڙڻ لاءِ قربانيون پيش ڪندو هو.


ياد رکو، ڪابہ ڍڪيل شيءِ اهڙي نہ آهي جيڪا پڌري نہ ڪئي ويندي ۽ ڪابہ لڪل ڳالهہ اهڙي نہ آهي جيڪا ظاهر نہ ڪئي ويندي.


بني اسرائيل جي سڄي قوم سيلا شهر ۾ اچي گڏ ٿي ۽ اتي خدا سان ملاقات وارو خيمو کوڙيائون. انهيءَ ملڪ تي تہ بني اسرائيل قبضي ڪري چڪا هئا،


سو سائول ويس بدلائي ٻيا ڪپڙا پاتا ۽ ٻہ ماڻهو پاڻ سان وٺي رات جو انهيءَ عورت وٽ اچي پهتو. کيس چيائين تہ ”تون روحن جي وسيلي مون کي غيب جي خبر ڏي ۽ جنهن جو آءٌ نالو وٺان تنهن جي روح کي مون وٽ هتي گھرائي وٺ.“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ