Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 13:9 - Muslim Sindhi Bible

9 ڇاڪاڻ تہ خداوند مون کي حڪم ڏنو هو تہ ’نہ ماني کائجانءِ نہ پاڻي پيئجانءِ، نڪي انهيءَ رستي سان موٽجانءِ جنهن سان آيو هئين.‘“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ڇالاءِ جو خداوند جي ڪلام مون کي اهو حڪم ڏنو هو تہ تون نہ ماني کائج، نہ پاڻي پيئج، نڪي جنهن رستي کان آيو هئين تنهن رستي کان موٽي وڃج.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 13:9
19 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

تڏهن خدا جو هڪڙو ٻانهو خداوند جي حڪم سان يهوداہ مان بيت‌ايل ۾ آيو. ان وقت يربعام قربان‌گاهہ جي پاسي ۾ بيٺي قربانيون پيش ڪري رهيو هو.


سو هو ٻيو رستو وٺي هليو ويو، جنهن رستي سان بيت‌ايل ۾ آيو هو تنهن سان نہ موٽيو.


پر خدا جي ٻانهي کيس وراڻيو تہ ”آءٌ تو سان موٽي هلي نہ ٿو سگھان ۽ نہ ئي وري هن هنڌ تو سان ماني کائي سگھان ٿو يا پاڻي پي سگھان ٿو.


سو خدا جو اهو ٻانهو انهيءَ سان گڏ موٽي آيو ۽ سندس گھر ۾ کاڌائين پيتائين.


پر خدا جي ٻانهي بادشاهہ کي ورندي ڏيئي چيو تہ ”جيڪڏهن تون مون کي پنهنجي ملڪيت جو اڌ بہ ڏيندين تہ بہ آءٌ تو سان نہ هلندس، نڪي هتي ماني کائيندس ۽ نہ وري پاڻي پيئندس،


مون سندس حڪمن کان ڪڏهن منهن نہ موڙيو آهي، آءٌ پنهنجي خواهشن کي ڇڏي سندس مرضيءَ تي هليو آهيان.


منهنجيءَ دل کي تون ڪنهن بہ برائيءَ ڏانهن مائل ٿيڻ نہ ڏي، متان آءٌ بڇڙائي ڪرڻ ۾ بدڪار ماڻهن سان شامل ٿي وڃان. اي خداوند! انهن جي سنگت ۾ ويهي لذيذ کاڌا کائڻ کان بہ مون کي پري رک.


هن ماڻهن کي چيو تہ ”اوهين هنن شرير ماڻهن جي تنبن وٽان نڪري پري ٿيو ۽ هنن جي ڪنهن بہ شيءِ کي هٿ نہ لايو، نہ تہ اوهين بہ هنن سان گڏ سندن سڀني گناهن سبب چٽ ٿي ويندءُ.“


هاڻي جيڪڏهن اوهين اهي ڳالهيون سمجھي انهن تي عمل ڪندا تہ ڪيڏا نہ سڀاڳا ٿيندا.“


جن ڳالهين جو مون اوهان کي حڪم ڏنو آهي، تن تي جيڪڏهن عمل ڪريو تہ اوهين منهنجا دوست آهيو.


آخر ۾ اي ڀائرو ۽ ڀينرون! آءٌ اوهان کي تاڪيد ٿو ڪريان تہ جيڪا تعليم اوهان کي ملي آهي تنهن جي خلاف جيڪي ڏڦيڙ وجھن ٿا ۽ ماڻهن کي گمراهہ ڪن ٿا، تن کي نظر ۾ رکجو ۽ کانئن پري رهجو.


دراصل منهنجي لکڻ جو مطلب اهو هو تہ جيڪڏهن ڪو پاڻ کي ايمان وارو چوي پر هجي زناڪار يا لالچي يا بت‌پرست يا بدزبان يا شرابي يا دغاباز، تہ انهيءَ سان صحبت نہ رکجو، بلڪ اهڙي سان گڏ کاڌو بہ نہ کائجو.


اونداهيءَ جي اجاين ڪمن سان ڪو واسطو نہ رکو، پر اٽلندو انهن جي ملامت ڪريو،


پوءِ مون آسمان ۾ هڪڙو ٻيو آواز ٻڌو جنهن چيو تہ ”اي منهنجي قوم وارؤ! بابل مان نڪري اچو، تہ جيئن انهيءَ جي گناهن ۾ شريڪ نہ ٿيو. متان هن جي آفتن مان ڪا اوهان تي اچي نہ پوي،


پر سموئيل کيس وراڻيو تہ ”خداوند کي جهڙي خوشي سندس حڪمن تي عمل ڪرڻ مان ٿيندي آهي، تهڙي سندس لاءِ قرباني ڪرڻ مان ٿيندي اٿس ڇا؟ ياد رک، فرمانبرداري قربانيءَ کان بهتر آهي، ۽ حڪم تي عمل ڪرڻ گھٽن جي نذراني کان افضل آهي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ