Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 13:7 - Muslim Sindhi Bible

7 پوءِ بادشاهہ انهيءَ خدا جي ٻانهي کي چيو تہ ”مون سان گڏجي منهنجي گھر هل ۽ ڪجھہ کاءُ پيءُ ۽ آءٌ تو کي انعام بہ ڏيندس.“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

7 ۽ بادشاهہ انهيءَ خدا جي ٻانهي کي چيو تہ مون سان گڏجي منهنجي گهر هل ۽ هلي کائي پي تازو ٿيءُ، ۽ آءٌ توکي انعام بہ ڏيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 13:7
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ مانيءَ ٽڪر بہ کڻي ٿو اچان، سو کائي تازا توانا ٿيو ۽ پوءِ ڀلي هليا وڃجو. منهنجي گھر اچي اوهان مون کي عزت بخشي آهي، سو مون کي پنهنجي خدمت ڪرڻ جو موقعو ڏيو.“ انهن وراڻيو تہ ”چڱو، جيئن وڻيئي تيئن وڃي ڪر.“


تون پاڻ سان ڏهہ مانيون، ڪجھہ روٽ ۽ ماکيءَ جي گھُگھي کڻي وٽس وڃ. هو تو کي ٻڌائيندو تہ اسان جي پٽ سان ڇا ٿيڻ وارو آهي.“


پوءِ نعمان ۽ سندس سمورا نوڪر چاڪر خدا جي ٻانهي وٽ موٽي آيا. نعمان سندس اڳيان بيهي چيو تہ ”هاڻ مون ڄاڻي ورتو تہ خدا جيڪو اسرائيل ۾ آهي تنهن کان سواءِ دنيا ۾ ٻيو ڪوبہ مبعود ڪونهي. سو مهرباني ڪري هاڻي اوهين پنهنجي ٻانهي کان تحفو قبول ڪريو.“


آءٌ اڃا اتان روانو ئي نہ ٿيو هئس تہ نبوزرادان مون کي وڌيڪ چيو تہ ”چڱو تہ ائين آهي جو تون موٽي جِدلياہ ولد اخيقام ولد سافن وٽ وڃ، جنهن کي بابل جي بادشاهہ يهوداہ جي شهرن تي گورنر مقرر ڪيو آهي. تون پنهنجي قوم منجھہ ئي وٽس وڃي رهہ، يا جتي تو کي وڻي اتي وڃي رهہ.“ پوءِ انهيءَ سالار مون کي کاڌو ۽ سوکڙيون ڏيئي روانو ڪيو.


جيڪر اوهان منجھہ ڪو اهڙو هجي جيڪو منهنجي عبادت‌گاهہ جا دروازا بند ڪري ڇڏي، تہ جيئن اوهين منهنجي قربان‌گاهہ تي اهڙي اجائي نموني قربانيون نہ ساڙي سگھو. آءٌ اوهان مان راضي نہ آهيان، نہ ئي آءٌ اوهان جي هٿان نذرانا قبول ڪندس.


خدا جو ڌڻ جيڪو اوهان جي سار سنڀال هيٺ آهي تنهن جي نگهباني ڪندي انهيءَ کي چاريندا رهو. هي ڪم جيئن خدا چاهي ٿو تيئن خوشيءَ سان ڪريو، نڪي لاچاريءَ سبب، دل جي شوق سان ڪريو، نڪي ذاتي لالچ جي ڪري.


تڏهن منوحہ خداوند جي ملائڪ کي چيو تہ ”مهرباني ڪري تون ڪجھہ دير اسان وٽ ترس تہ آءٌ تنهنجي لاءِ هڪڙو ڇيلو تيار ڪري وٺان.“


سو هو انهن کي پنهنجي گھر وٺي ويو ۽ انهن جي گڏهن کي گاهہ ڏنائين. هنن هٿ منهن ڌوئڻ کان پوءِ ماني کاڌي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ