Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 13:4 - Muslim Sindhi Bible

4 جڏهن بادشاهہ يربعام انهيءَ خدا جي ٻانهي جي اها ڳالهہ ٻڌي جيڪا هن قربان‌گاهہ خلاف چئي، تڏهن يربعام قربان‌گاهہ تان هٿ ڊگھيري حڪم ڏنو تہ ”انهيءَ شخص کي پڪڙيو.“ پر جيڪو هٿ هن انهيءَ خدا جي ٻانهي ڏانهن ڊگھيريو هو سو اهڙو تہ سڪي پيو جو هو وري انهيءَ کي پاڻ ڏانهن ڇڪي نہ سگھيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

4 ۽ هيئن ٿيو تہ جڏهن بادشاهہ اُنهيءَ خدا جي ٻانهي جو ڪلام ٻڌو، جو هن بيت ايل ۾ قربانگاهہ جي برخلاف ڪيو، تڏهن يربعام قربانگاهہ تان پنهنجو هٿ ڊگهيري چوڻ لڳو تہ هن کي پڪڙيو. ۽ جيڪو هٿ هن ڊگهيريو هو سو اهڙو سڪي پيو جو هو وري انهيءَ کي پاڻ ڏي ڇڪي نہ سگهيو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 13:4
26 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

پوءِ انهن گھر جي ٻاهران بيٺل سڀني ننڍن وڏن ماڻهن کي انڌو ڪري ڇڏيو تہ جيئن دروازو نہ لهي سگھن.


پوءِ هن انهن سونن گابن مان هڪڙو ڏکڻ ۾ بيت‌ايل شهر ۾ رکيو ۽ ٻيو اتر ۾ دان شهر ۾.


هن وڌيڪ چيو تہ ”انهيءَ لاءِ هيءَ نشاني هوندي تہ هيءَ قربان‌گاهہ ڦاٽي پوندي ۽ جيڪا رک انهيءَ تي آهي سا هارجي ويندي.“


قربان‌گاهہ پڻ ڦاٽي پيئي ۽ ان تان رک هيٺ هارجي ويئي جيئن خدا جي ٻانهي خداوند جي حڪم سان چيو هو.


۽ کين منهنجو هي حڪم ٻڌايو تہ ’هن ماڻهوءَ کي جيل ۾ وجھو ۽ کيس تنگيءَ سان ماني ۽ پاڻي ڏيو، جيستائين بادشاهہ سلامتيءَ سان موٽي نہ اچي.‘“


انهيءَ ڳالهہ تي آسا ڏاڍو ڪاوڙيو، سو حناني غيبدان کي زنجيرن سان ٻڌي قيد ڪرائي ڇڏيائين. انهيءَ سان گڏوگڏ هن ڪن ٻين ماڻهن تي بہ ظلم ڪيو.


هن انهن کي تاڪيد ڪيو هو تہ ”هي منهنجا مسح ڪري مخصوص ڪيل نبي آهن، جن کي اوهين نڪي هٿ لايو، نہ وري ڪو نقصان رسايو.“


بادشاهہ جواب ۾ کين چوندو تہ ’آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪڏهن اوهان منهنجي ڪنهن گھٽ کان گھٽ پوئلڳ سان بہ اهڙو ڪم ڪيو، تہ اهو ڄڻ اوهان مون سان ئي ڪيو.‘


جن عيسيٰ کي پڪڙيو هو سي کيس يروشلم ۾ ڪائفا نالي وڏي سردار ڪاهن جي گھر وٺي آيا، جتي شريعت جا عالم ۽ يهودي ڪائونسل جا ٻيا چڱا مڙس اچي گڏ ٿيا هئا.


پوءِ هُن چوڌاري ماڻهن ڏانهن نهاري ان سڪل هٿ واري کي چيو تہ ”پنهنجو هٿ ڊگھو ڪر.“ هن ائين ئي ڪيو تہ سندس هٿ ٺيڪ ٿي ويو.


آءٌ اوهان کي سچ ٿو چوان تہ جيڪو بہ منهنجي موڪليل کي قبول ڪندو، سو مون کي قبول ٿو ڪري ۽ جيڪو مون کي قبول ٿو ڪري سو خدا کي قبول ٿو ڪري جنهن مون کي موڪليو آهي.“


جيئن ئي عيسيٰ کين چيو تہ ”اهو تہ آءٌ آهيان،“ تيئن اهي پوئتي هٽي وڃي زمين تي ڪري پيا.


جيڪڏهن ڪو انهن شاهدن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪري ٿو تہ انهن جي وات مان باهہ نڪري سندن دشمنن کي ساڙي ٿي ڇڏي. هائو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو انهن کي نقصان رسائڻ جي ڪوشش ڪندو تہ اهو ضرور اهڙيءَ طرح ئي ماريو ويندو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ