Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 13:11 - Muslim Sindhi Bible

11 اُتي بيت‌ايل ۾ نبي سڏائيندڙ هڪڙو پوڙهو رهندو هو، جنهن کي سندس پٽن اچي اهو سڀ ڪجھہ ٻڌايو جيڪو تنهن ڏينهن خدا جي انهيءَ ٻانهي ڪيو هو. جيڪي هن بادشاهہ کي چيو هو سو بہ هنن پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

11 هاڻي بيت ايل ۾ هڪڙو ٻڍو نبي رهندو هو؛ ۽ انهيءَ جي پٽن مان هڪڙي انهن سڀني ڪمن جي ڳالهہ اچي ٻڌايس، جي خدا جي ٻانهي بيت ايل ۾ ڪيا هئا: جيڪي هن بادشاهہ کي چيو هو، سو بہ هن پنهنجي پيءُ کي ٻڌايو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 13:11
13 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

سو هو ٻيو رستو وٺي هليو ويو، جنهن رستي سان بيت‌ايل ۾ آيو هو تنهن سان نہ موٽيو.


سندن پيءُ کانئن پڇيو تہ اهو ماڻهو ڪهڙو رستو وٺي ويو. سندس پٽن اهو رستو کيس ڏيکاريو جنهن سان يهوداہ کان آيل اهو خدا جو ٻانهو ويو هو.


جڏهن اتان ڪي ماڻهو اچي لنگھيا ۽ لاش کي رستي تي پيل ۽ شينهن کي لاش جي ڀرسان بيٺل ڏٺائون، تڏهن هنن اچي انهيءَ شهر ۾ اها ڳالهہ ٻڌائي جتي اهو پوڙهو رهندو هو.


تنهن تي هن کين چيو تہ ”انهيءَ کي ڇڏي ڏيو، ڪوبہ ماڻهو ان جا هڏا نہ ڪڍي.“ سو هنن انهيءَ جا هڏا ڇڏي ڏنا ۽ انهيءَ نبيءَ جا بہ، جيڪو سامريہ مان آيو هو.


هائو، بني اسرائيل جا اهي سڀ نبي سڏائيندڙ جيڪي يروشلم جي باري ۾ اڳڪٿيون ڪندا هئا ۽ ان جي خير وَ سلامتيءَ جون ڪوڙيون رويائون ٻڌائيندا هئا، جيتوڻيڪ سلامتي تہ هئي ئي ڪونہ.‘ اهو مون خداوند خدا جو فرمان آهي.“


”اي حزقي‌ايل! آدم جو اولاد! بني اسرائيل جي نبي سڏائيندڙن خلاف منهنجو هي پيغام ٻڌاءِ. هائو، انهن جي خلاف اڳڪٿي ڪر، جيڪي پنهنجي دل مان ڳالهيون ٺاهي اڳڪٿيون ٿا ڪن. کين چئُہ تہ اهي مون خداوند جو هي فرمان ٻڌن.


هن ڏٺو تہ بني اسرائيل پنهنجي پنهنجي قبيلي موجب رهيل هئا. تڏهن اتي خدا جو روح مٿس نازل ٿيو


قيامت جي ڏينهن گھڻا ئي مون کي چوندا تہ ’اي خداوند! اي خداوند! اسان تنهنجي نالي تي خدا جو پيغام نہ ڏنو ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڀوت نہ ڪڍيا ڇا؟ اسان تنهنجي نالي تي ڪيترائي معجزا نہ ڪيا ڇا؟‘


ڏسو، جيڪڏهن ڪو ماڻهو پنهنجو گھر ئي سنڀالي نہ ٿو سگھي تہ اهو خدا جي ڪليسيا جي سار سنڀال ڪيئن ڪري سگھندو؟


هن پنهنجي قصور جي ڪري پاڻ تي اها ملامت کنئي جو سندس بي‌زبان گڏهِہ انسان وانگر ڳالهائي انهيءَ نبيءَ کي چريائيءَ کان روڪي ڇڏيو.


جڏهن انهن سڀني ماڻهن جيڪي کيس اڳي کان سڃاڻيندا هئا، اهو ڏٺو تہ هو نبين سان گڏ خدا جي ڳالهين ۾ مست ٿي ويو آهي، تڏهن اهي هڪٻئي کي چوڻ لڳا تہ ”قيس جي پٽ کي ڇا ٿي ويو آهي؟ ڇا سائول بہ نبين منجھان آهي؟“


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ