Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 12:6 - Muslim Sindhi Bible

6 پوءِ بادشاهہ رحبعام انهن ماڻهن سان صلاح ڪئي جيڪي هن جي پيءُ سليمان جي حياتيءَ ۾ سندس خدمت ڪندا هئا. هن کانئن پڇيو تہ ”اوهان مون کي ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو تہ هنن ماڻهن کي ڪهڙو جواب ڏيان؟“

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

6 ۽ بادشاهہ رحبعام اُنهن پير مردن سان صلاح ڪئي، جي سندس پيءُ سليمان جي حياتيءَ ۾ انهيءَ جي اڳيان بيهندا هئا، ۽ چيائين تہ اوهين مون کي ڪهڙي صلاح ٿا ڏيو تہ هنن ماڻهن کي ڪهڙو جواب ڏيان؟

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 12:6
10 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

مون سوچيو تہ ’بزرگن کي ئي ڳالهائڻ گھرجي، ۽ وڏي عمر وارن کي ئي حڪمت سيکارڻ کپي.‘


واہ! اوهين چئو ٿا تہ ڏاهپ پوڙهن ماڻهن ۾ ئي هوندي آهي، ۽ سمجھہ وڏي عمر وارن جي ئي ميراث آهي.


تڏهن عزرياہ ولد هوسعياہ، يوحنان ولد قريح ۽ ٻين سڀني هٺيلن ماڻهن مون کي چيو تہ ”تون ڪوڙ ٿو ڳالهائين! خداوند اسان جي خدا تو کي اسان لاءِ ائين ڪونہ چيو آهي تہ ’اوهين مصر ۾ رهڻ لاءِ هرگز نہ وڃو.‘


پنهنجي مصيبت جي ڏينهن ۾ پنهنجي دوست يا پنهنجي پيءُ جي دوست کي ڇڏي پري وارن مائٽن ڏانهن نہ وڃو، ڇاڪاڻ تہ ويجھو دوست انهن کان وڌيڪ بهتر آهي.


هن وٽ هي عملدار هئا: صدوق جو اولاد عزرياہ جيڪو ڪاهن هو،


پوءِ ابي‌سلوم چيو تہ ”هاڻي حوسي ارڪيءَ کي بہ سڏيو تہ هن جي بہ ٻڌون تہ هو ڇا ٿو چوي.“


پوءِ ابي‌سلوم اخيتفل کي چيو تہ ”تون صلاح ڏي تہ اسين ڇا ڪريون؟“


بادشاهہ سليمان سڄي بني اسرائيل تي بادشاهي ڪندو هو.


تنهنجيون زالون ڪيڏيون نہ خوش‌نصيب آهن! تنهنجا عملدار ڪيڏا نہ خوش‌نصيب آهن، جيڪي هر وقت تو وٽ حاضر رهن ٿا ۽ تنهنجيون ڏاهپ جون ڳالهيون ٻڌن ٿا!


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ