Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 11:9 - Muslim Sindhi Bible

9 تڏهن خداوند سليمان تي ڪاوڙيو، ڇاڪاڻ تہ سندس دل خداوند، بني اسرائيل جي خدا کان ڦري ويئي هئي، جنهن ٻہ ڀيرا کيس ڏيکاري ڏني هئي.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

9 ۽ خداوند سليمان تي ڪاوڙيو، ڇالاءِ جو سندس دل خداوند، اسرائيل جي خدا کان ڦري ويئي هئي، جنهن ٻہ ڀيرا ڏيکاري ڏني هيس،

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 11:9
20 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

جڏهن سُوءَ جا ڏينهن پورا ٿيس، تڏهن دائود هن کي گھرائي پنهنجي گھر آندو. هوءَ سندس زال ٿي ۽ دائود منجھان هڪڙو پٽ ڄايس. اهو ڪم جيڪو دائود ڪيو سو خداوند جي نظر ۾ برو هو.


تڏهن خداوند عُزہ تي بيحد ڪاوڙيو ۽ صندوق جي انهيءَ بي‌حرمتيءَ ڪرڻ ڪري خدا اتي ئي کيس ماري ڇڏيو. سو هو خدا جي عهد واري صندوق جي ڀرسان مري ويو.


هن اهڙا بہ پوڄا گھر ٺهرايا جتي سندس ڌاريون زالون پنهنجي پنهنجي معبودن جي لاءِ لوبان ساڙينديون هيون ۽ قربانيون پيش ڪنديون هيون.


تڏهن اتي خداوند سليمان کي رات جو خواب ۾ ڏيکاري ڏيئي چيو تہ ”جيڪي گھُرڻو اٿيئي سو گھُر تہ آءٌ تو کي ڏيان.“


تڏهن خداوند ٻيو ڀيرو هن کي ڏيکاري ڏني، جيئن اڳي جِبعون شهر ۾ هن کي ڏيکاري ڏني هئائين.


انهيءَ حڪم مان خدا بہ خوش نہ هو، تنهنڪري خدا بني اسرائيل کي سزا ڏني.


انهيءَ تي خداوند موسيٰ تي تمام گھڻو ڪاوڙيو ۽ چيائينس تہ ”ڇا لاوي قبيلي جو هارون تنهنجو ڀاءُ نہ آهي؟ مون کي خبر آهي تہ هو چڱيءَ طرح ڳالهائي ٿو سگھي. ڏس، هو بہ تو سان ملڻ لاءِ اچي رهيو آهي ۽ تو کي ڏسي دل ۾ خوش ٿيندو.


سوچ ويچار ڪرڻ ۾ خبرداريءَ کان ڪم وٺو، ڇاڪاڻ تہ اوهان جي زندگي اوهان جي خيالن سان ئي گھڙجي تيار ٿئي ٿي.


خداوند فرمائي ٿو تہ ”ائين لڳي ٿو تہ منهنجي قوم نئين توڙي پراڻي مئي پئي پئي پنهنجو هوش وڃائي ويٺي آهي،


خداوند کي انهن تي ڏاڍي ڪاوڙ آئي، سو هو اتان هليو ويو.


پر اوهان جي ڪري خداوند مون تي بہ ڪاوڙيل هو، تنهنڪري منهنجي نہ ٻڌائين. اٽلندو مون کي چيائين تہ ’تنهنجي لاءِ ايترو ڪافي آهي، سو انهيءَ ڳالهہ بابت مون کي وڌيڪ نہ چئُہ.


اهي اوهان جي اولاد کي خداوند کان ڦيرائي ڇڏيندا، انهيءَ لاءِ تہ هو غير معبودن جي پوڄا ڪن. تڏهن خداوند جو غضب اوهان تي اچي ڪڙڪندو ۽ هو هڪدم اوهان کي برباد ڪري ڇڏيندو.


خداوند هارون تي بہ ايترو تہ ڪاوڙيل هو جو کيس برباد ڪرڻ تي هو. پر مون انهيءَ وقت هارون لاءِ بہ دعا گھري.


سينا جبل وٽ تہ اوهان خداوند کي ايترو ڪاوڙايو، جو هو ناراض ٿي اوهان کي برباد ڪرڻ تي هو.


ڇاڪاڻ تہ ديماس هن دنيا جي چاهت ۾ ڦاسي مون کي ڇڏي ڏنو آهي ۽ ٿِسلُنيڪي شهر ڏانهن هليو ويو آهي. ان کان علاوہ ڪريسڪينس گلتيا صوبي ڏانهن هليو ويو آهي ۽ طيطس دلمتيا علائقي ڏانهن.


”سائول کي بادشاهہ بڻائي مون کي افسوس ٿيو آهي، ڇاڪاڻ تہ هو منهنجي حڪمن جي پيروي ڪرڻ کان ڦري ويو آهي ۽ منهنجي حڪمن جي تعميل نہ ڪئي اٿس.“ تنهن تي سموئيل اچي پريشان ٿيو ۽ سڄي رات خداوند جي آڏو ٻاڏائيندو رهيو.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ