Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 11:5 - Muslim Sindhi Bible

5 هو صيدانين جي ديوي عستارات ۽ عمونين جي ڪراهت جهڙي بت مولڪ جي پٺيان لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

5 ڇالاءِ جو سليمان صيدونين جي ديوي عستارات، ۽ عمونين جي ڪراهت جهڙي بت ملڪوم جي پٺيان هلڻ لڳو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 11:5
14 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

اهو انهيءَ ڪري جو هن مون کي ڇڏي صيدانين جي ديوي عستارات، موآب جي ديوتا ڪموس ۽ بني عمون جي ديوتا مولڪ جي پوڄا ڪئي. هو منهنجي واٽن تي ڪونہ هليو نڪي اُهو ڪيائين جيڪو منهنجي نظر ۾ چڱو آهي ۽ نہ وري منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪيائين جيئن سندس پيءُ دائود ڪندو رهيو.


سو سليمان اهي ڪم ڪرڻ لڳو جيڪي خداوند جي نظر ۾ بُرا هئا ۽ پنهنجي پيءُ دائود وانگر پوريءَ طرح خداوند جو وفادار نہ رهيو.


يروشلم جي اوڀر ۾ هڪ جبل تي سليمان موآب جي ڪراهتي بت ڪموس لاءِ ۽ بني عمون جي ڪراهتي بت مولڪ لاءِ جدا جدا پوڄا گھر جوڙايا.


غير معبودن جا اهي پوڄا گھر جيڪي يروشلم جي اوڀر ۾ ۽ برباديءَ واري ٽڪر جي ڏکڻ طرف هئا، تن جي يوسياہ بادشاهہ بي‌حرمتي ڪرائي ڇڏي. اهي پوڄا گھر بادشاهہ سليمان صيدانين جي ڪراهت جهڙي ديوي عستارات، موآب جي ڪراهت جهڙي بت ڪموس ۽ بني عمون جي ڪراهت جهڙي بت مولڪ جي لاءِ جوڙايا هئا.


انهن بتن ٺاهڻ وارن مان ڪوبہ پنهنجيءَ دل ۾ خيال نہ ٿو ڪري، نہ ڪو ايترو ڄاڻي يا سمجھي ٿو، جو چوي تہ ”انهيءَ ڪاٺ مان ڪجھہ حصو مون باهہ ۾ ساڙيو ۽ انهيءَ جي ٽانڊن تي رڌپچاءُ ڪيو ۽ گوشت، ڪباب پچائي کاڌم. جڏهن تہ باقي بچيل ڪاٺ مان آءٌ ڪراهت جهڙي شيءِ ڇو جوڙيان؟ ڇو آءٌ وڻ جي هڪڙي بنڊ کي جھڪي سجدو ڪريان؟“


اوهان پنهنجي اولاد مان ڪنهن کي بہ مولڪ ديوتا جي واسطي باهہ سان ساڙي نذرانو نہ ڏجو. ائين ڪري مون پنهنجي خدا جي نالي جي بي‌حرمتي نہ ڪجو. آءٌ خداوند آهيان.


آءٌ انهن کي بہ فنا ڪري ڇڏيندس، جيڪي گھرن جي ڇتين تي آسماني ستارن ۽ سيارن کي سجدا ٿا ڪن، ۽ انهن کي بہ جيڪي مون خداوند کي سجدو تہ ڪن ٿا، ۽ منهنجي تابعداريءَ جي دعويٰ ڪن ٿا، پر ان سان گڏوگڏ هو مولڪ ديوتا جو بہ قسم کڻن ٿا.


بني اسرائيل وري بہ اهڙا ڪم ڪرڻ لڳا جيڪي خداوند جي نظر ۾ برا هئا. هو بعل ۽ عستارات معبودن ۽ ارام، صيدا، موآب، بني عمون ۽ فلستين جي معبودن جي پوڄا ڪرڻ لڳا. هنن خداوند کان منهن موڙيو ۽ سندس عبادت ڪرڻ ڇڏي ڏنائون.


پوءِ بني اسرائيل اهي ڪم ڪيا جي خداوند جي نظر ۾ برا هئا ۽ هو بعل ديوتائن جي پوڄا ڪرڻ لڳا.


هو خداوند کي ڇڏي بعل ديوتائن ۽ عستارات ديوين جي پوڄا ڪرڻ لڳا.


پوءِ اهي خداوند کي پڪاري چوڻ لڳا تہ ’بيشڪ اسان گناهہ ڪيو آهي، جو تو خداوند کي ڇڏي بعليم ۽ عستارات ديوتائن جي پوڄا ڪئي اٿئون. پر هاڻي تون اسان کي اسان جي دشمنن جي هٿان ڇڏاءِ تہ اسين تنهنجي ئي عبادت ڪريون.‘


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ