1.بادشاهَہ 11:4 - Muslim Sindhi Bible4 جڏهن سليمان پوڙهو ٿيو تڏهن سندس زالن سندس دل ڦيرائي غير معبودن ڏانهن ڪري ڇڏي. جيئن سندس پيءُ دائود جي دل خداوند پنهنجي خدا سان لڳل هئي، تيئن هن جي دل خدا سان پوري طرح لڳل نہ رهي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။Sindhi Bible4 ڇالاءِ جو هيئن ٿيو تہ جڏهن سليمان ٻڍو ٿيو، تڏهن سندس زالن سندس دل ڦيرائي ٻين معبودن ڏي ڪئي: ۽ هن جي دل خداوند سندس خدا سان اهڙي ڪامل نہ هئي جهڙي سندس پيءُ دائود جي هئي. အခန်းကိုကြည့်ပါ။ |
جيڪو حڪم آءٌ تو کي ڏيان تنهن تي جيڪڏهن تون عمل ڪندين ۽ منهنجي فرمانبرداري ڪندين، منهنجي قاعدن قانونن ۽ منهنجي حڪمن تي قائم رهندين، جيئن منهنجو ٻانهو دائود قائم رهيو هو، تہ پوءِ آءٌ تو سان گڏ هوندس. آءٌ بني اسرائيل جي انهن ڏهن قبيلن مٿان تنهنجي بادشاهت قائم رکندس ۽ تو کان پوءِ تنهنجي اولاد حڪمراني ڪندي، جيئن دائود لاءِ ڪيو هئم.
دائود وڌيڪ چيو تہ ”اي منهنجا پٽ سليمان! تون پنهنجي پيءُ جي خدا کي سڃاڻ ۽ صافدليءَ ۽ رضا خوشيءَ سان سندس عبادت ڪر، ڇاڪاڻ تہ خداوند سڀني دلين کي پرکي ٿو ۽ هر اُهو خيال جيڪو دل ۾ پيدا ٿئي ٿو سو بہ ڄاڻي ٿو. جيڪڏهن تون هن جو طالبو ٿيندين تہ تو کي سندس راضپو حاصل ٿيندو، پر جيڪڏهن تون هن کي ڇڏي ڏيندين تہ هو تو کي هميشہ لاءِ رد ڪري ڇڏيندو.