Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 11:34 - Muslim Sindhi Bible

34-35 انهيءَ هوندي بہ سليمان سڄي حياتي بادشاهہ رهندو. اهو انهيءَ ڪري جو سندس پيءُ منهنجو ٻانهو دائود جنهن کي مون چونڊيو هو، سو منهنجي قاعدن قانونن تي قائم رهيو. پر آءٌ هن جي پٽ کان بادشاهي کسيندس ۽ انهيءَ مان ڏهہ قبيلا تو کي ڏيندس. آءٌ سليمان جي خاندان کان سڄي بادشاهت نہ کسيندس

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

34 انهيءَ هوندي بہ آءٌ هن جي هٿان ساري بادشاهت نہ کسيندس: پر منهنجو ٻانهو دائود، جنهن کي منهنجن حڪمن ۽ منهنجن قاعدن جي سنڀال ڪرڻ ڪري مون پسند ڪيو، تنهن جي خاطر آءٌ هن کي ساري حياتيءَ جي ڏينهن ۾ بادشاهہ رکندس:

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 11:34
11 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ هن جو پيءُ ٿيندس ۽ هو منهنجو پٽ ٿيندو. جيڪڏهن هو ڪو ڏوهہ ڪندو تہ آءٌ کيس ائين سزا ڏيندس جيئن ڪو پيءُ پنهنجي پٽ کي سزا ڏئي ٿو.


پوءِ هن يربعام کي چيو تہ ”هي ڏهہ ٽڪر تون وٺ، ڇاڪاڻ تہ خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’آءٌ سليمان کان بادشاهي کسڻ وارو آهيان ۽ ڏهہ قبيلا تو کي ڏيندس.


اهو انهيءَ ڪري جو هن مون کي ڇڏي صيدانين جي ديوي عستارات، موآب جي ديوتا ڪموس ۽ بني عمون جي ديوتا مولڪ جي پوڄا ڪئي. هو منهنجي واٽن تي ڪونہ هليو نڪي اُهو ڪيائين جيڪو منهنجي نظر ۾ چڱو آهي ۽ نہ وري منهنجي قاعدن قانونن تي عمل ڪيائين جيئن سندس پيءُ دائود ڪندو رهيو.


جيڪڏهن تون منهنجيءَ راهہ تي هلندي منهنجي قانونن ۽ حڪمن تي عمل ڪندين، جيئن تنهنجو پيءُ دائود ڪندو هو، تہ پوءِ آءٌ تنهنجي عمر وڌائيندس.“


ڪاش! هو تو کي پنهنجي حڪمت جا راز کولي ٻڌائي، جيڪا انساني سمجھہ کان تمام گھڻي مٿاهين آهي. پوءِ تون ڄاڻي سگھندين تہ تنهنجي گناهن جي ڀيٽ ۾ خدا تو سان ڪيتري نرمي ڪئي آهي.


هو اسان جي ڪيل گناهن موجب اسان سان هلت نہ ٿو ڪري، نڪي وري اسان جي بڇڙاين مطابق اسان کي بدلو ڏئي ٿو.


خدا پنهنجي چونڊيل بندن کي اڳي رويا ۾ هيئن فرمايو هو تہ ”مون پنهنجي قوم مان هڪڙي کي چونڊي سرفراز ڪيو آهي. هائو، مون هڪڙي جنگي جوڌي کي سندن بادشاهہ بڻايو آهي.


اي منهنجي قوم وارؤ! هاڻي منهنجي ويجھو اچو ۽ ڪن ڏيئي ٻڌو. هائو، ٻڌو تہ جيئن اوهين جيئرا رهو. آءٌ اوهان سان اهو ئي دائمي شفقت وارو عهد ڪندس، جيڪو مون دائود سان ڪيو هو.


اي خداوند! مون تنهنجي هاڪ ٻڌي آهي. اي خداوند! آءٌ تنهنجي عجيب ڪمن تي اچرج ۾ آهيان. اسان جي حياتيءَ ۾ ئي اهي ڏينهن وري آڻ، هن ئي زماني ۾ انهن کي وري پڌرو ڪر، پنهنجي غضب جي وقت رحم کي بہ ياد ڪر.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ