Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 11:18 - Muslim Sindhi Bible

18 هو مديان مان روانا ٿيا ۽ فاران ۾ آيا. اتان ماڻهو پاڻ سان کڻي مصر ۾ اُتي جي بادشاهہ فرعون وٽ آيا، جنهن هدد کي هڪڙو گھر ۽ ڪجھہ ٻني ڏني ۽ کيس کاڌو بہ مهيا ڪري ڏنو.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

18 ۽ هو مديان مان نڪتا، ۽ فاران ۾ آيا: ۽ فاران مان ماڻهو وٺي مصر ۾، مصر جي بادشاهہ فرعون وٽ آيا؛ جنهن هن کي هڪڙو گهر ڏنو ۽ کاڌو مقرر ڪري ڏنائينس، ۽ زمين بہ ڏنائينس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 11:18
15 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

۽ حورين کي ادوم جي جابلو علائقي ۾ شڪست ڏيندا، ايل‌فاران تائين آيا جيڪو رڻ‌پٽ جي ويجھو آهي.


سندس ماءُ هن جي لاءِ مصر جي ملڪ مان زال ورتي.


انهيءَ کي ابراهيم مان زمران، يقشان، مدان، مديان، اسباق ۽ سوخ ڄاوا.


مديان جا پٽ عيفاہ، عِفر، حنُوڪ، ابيداع ۽ الداعاہ هئا. اهي سڀ قطوراہ جو اولاد هئا.


پر تڏهن هدد جيڪو اڃا ننڍو ٻار هو، سو پنهنجي پيءُ جي ڪن ادومي عملدارن سميت مصر ملڪ ڏانهن ڀڄي ويو هو.


هدد فرعون جي نظر ۾ ايترو تہ مان لڌو جو فرعون پنهنجي سالي يعني راڻي تحفنيس جي ڀيڻ کيس پرڻائي ڏني.


فرعون جڏهن اها ڳالهہ ٻڌي تڏهن موسيٰ کي مارائڻ جو ارادو ڪيائين. پر موسيٰ فرعون وٽان ڀڄي ويو ۽ وڃي مديان جي علائقي ۾ رهڻ لڳو. هڪ ڏينهن جڏهن موسيٰ هڪڙي کوهہ وٽ ويٺو هو


خدا ادوم ملڪ جي پاسي کان اچي ٿو، اها پاڪ هستي فاران جبلن تان اچي ٿي. هن جو جلوو آسمانن کي ڍڪي ٿو ۽ ڌرتي هن جي واکاڻ سان ڀرجي وڃي ٿي.


تڏهن بني اسرائيل سينا جي بيابان مان منزل کڻي پنهنجي سفر تي نڪتا. اهو ڪڪر فاران جي بيابان ۾ اچي بيٺو.


موآبين مديانين جي اڳواڻن کي چيو تہ ”خبرداري ڪريو، ماڻهن جو هي انبوهہ تہ اسان جي آس‌پاس وارن سڀني کي ائين چٽ ڪري ڇڏيندو جيئن ڪو ڏاند ٻنيءَ جو گاهہ کائي چٽ ڪري ڇڏيندو آهي.“ سو موآب جي بادشاهہ بلق


بني اسرائيل جو اهو مرد جيڪو مدياني عورت سان گڏ ماريو ويو هو تنهن جو نالو زمري ولد سلو هو. هو شمعون قبيلي مان هڪڙي گھراڻي جو وڏو هو.


ڇاڪاڻ تہ هنن اوهان کي پنهنجين ٺڳين سان پعور واريءَ ڳالهہ ۽ سندن ڀيڻ ڪزبيءَ واري ڳالهہ ۾ ستايو، جيڪا پعور جي سببان آيل وبا جي وقت ۾ ماري ويئي هئي.“


پوءِ جڏهن سمورا ماڻهو خدا سان ملاقات واري خيمي جي آڏو روئي رهيا هئا، تڏهن بني اسرائيل جو هڪڙو ماڻهو، موسيٰ ۽ سڄيءَ قوم جي اکين اڳيان، هڪڙي مدياني عورت کي پاڻ سان گڏ پنهنجي قوم ۾ وٺي آيو.


هن ڪتاب ۾ اهي ڳالهيون بيان ڪيل آهن جيڪي موسيٰ بني اسرائيل کي ان وقت چيون، جڏهن اهي اردن درياءَ جي اوڀر طرف اردن ماٿريءَ ۾ سوف جي سامهون هئا ۽ انهن جي هڪ پاسي فاران شهر هو تہ ٻئي پاسي طوفل، لابن، حصيرات ۽ ديذهب شهر هئا.


هن چيو تہ ”خداوند سينا جبل کان پنهنجي قوم سان اچي گڏيو، هائو، هو ادوم جي علائقي مان انهن تي سج جيان اڀريو، ۽ فاران جبل مان اچي اتي چمڪيو. ساڻس گڏ هزارين ملائڪ هئا، سندس ساڄي هٿ کان باهہ جي شعلي جيان وڄ ٿي نڪتي.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ