Biblia Todo Logo
အွန်လိုင်း သမ္မာကျမ်းစာ

- ကြော်ငြာတွေ -




1.بادشاهَہ 11:12 - Muslim Sindhi Bible

12 انهيءَ هوندي بہ آءٌ تنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾ تنهنجي پيءُ دائود جي خاطر، ائين نہ ڪندس. آءٌ اها تنهنجي پٽ جي هٿان کسيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ

Sindhi Bible

12 اُنهيءَ هوندي بہ تنهنجي حياتيءَ جي ڏينهن ۾، تنهنجي پيءُ دائود جي خاطر، ائين نہ ڪندس: پر اها تنهنجي پٽ جي هٿان کسيندس.

အခန်းကိုကြည့်ပါ။ ကော်ပီ




1.بادشاهَہ 11:12
16 ပူးပေါင်းရင်းမြစ်များ  

آءٌ تو کي برڪت ڏيندس ۽ تو مان هڪڙي وڏي قوم پيدا ڪندس. آءٌ تنهنجو نالو روشن ڪندس ۽ تو کي ٻين لاءِ برڪت جو سبب بڻائيندس.


جڏهن خدا انهيءَ ميدان جي شهرن کي برباد ڪيو جن ۾ لوط رهندو هو، تڏهن ابراهيم جي يادگيري ڪيائين ۽ لوط کي انهيءَ آفت کان بچائي ورتائين.


سو خداوند سليمان کي چيو تہ ”جيئن تہ تو ڄاڻي‌واڻي منهنجو عهد ٽوڙيو آهي ۽ منهنجي قاعدن قانونن تي نہ هليو آهين جن جو مون تو کي حڪم ڏنو هو، تنهنڪري آءٌ يقيناً تو کان اها بادشاهت کسي تنهنجي عملدار کي ڏيندس.


پوءِ بہ آءٌ کانئس سڄي بادشاهت کسي نہ وٺندس، پر پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر ۽ پنهنجي چونڊيل شهر يروشلم جي خاطر تنهنجي پٽ کي آءٌ هڪڙو قبيلو ڏيندس.“


پوءِ هن يربعام کي چيو تہ ”هي ڏهہ ٽڪر تون وٺ، ڇاڪاڻ تہ خداوند، بني اسرائيل جو خدا فرمائي ٿو تہ ’آءٌ سليمان کان بادشاهي کسڻ وارو آهيان ۽ ڏهہ قبيلا تو کي ڏيندس.


پر منهنجي ٻانهي دائود جي خاطر ۽ يروشلم شهر جي خاطر جنهن جي زمين مون بني اسرائيل جي سڀني قبيلن جي علائقن مان چونڊي آهي هڪڙو قبيلو دائود جي نسل هيٺ رهندو.


انهيءَ هوندي بہ سليمان سڄي حياتي بادشاهہ رهندو. اهو انهيءَ ڪري جو سندس پيءُ منهنجو ٻانهو دائود جنهن کي مون چونڊيو هو، سو منهنجي قاعدن قانونن تي قائم رهيو. پر آءٌ هن جي پٽ کان بادشاهي کسيندس ۽ انهيءَ مان ڏهہ قبيلا تو کي ڏيندس. آءٌ سليمان جي خاندان کان سڄي بادشاهت نہ کسيندس


”ڏس، اخي‌اب ڪيئن نہ منهنجي اڳيان عاجزيءَ ۾ ٿو رهي. جيئن تہ هو منهنجي اڳيان عاجزيءَ ۾ ٿو رهي تنهنڪري هن جي ڏينهن ۾ آءٌ اها مصيبت نہ آڻيندس، پر آءٌ اها مصيبت سندس گھراڻي تي هن جي پٽ جي ڏينهن ۾ آڻيندس.“


آءٌ خود هن شهر جي حفاظت ڪندس ۽ پنهنجي خاطر ۽ پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر انهيءَ شهر کي بچائيندس. اهو مون خداوند جو فرمان آهي.‘“


يقيناً اُهو وقت ايندو جڏهن جيڪي تنهنجي گھر ۾ آهي ۽ جيڪي تنهنجي ابن ڏاڏن اڄ ڏينهن تائين گڏ ڪري رکيو آهي، سو سڀ بابل ملڪ ڏانهن کڄي ويندو ۽ ڪابہ شيءِ پٺ تي نہ ڇڏي ويندي.


تڏهن حزقياہ بادشاهہ يسعياہ کي وراڻيو تہ ”خداوند جو جيڪو فرمان تو ٻڌايو آهي سو ٺيڪ آهي.“ هن اهو انهيءَ ڪري چيو جو سوچيائين تہ گھٽ ۾ گھٽ سندس حياتيءَ جي ڏينهن ۾ تہ امن وَ سلامتي رهندي.


انهيءَ هوندي بہ خداوند پنهنجي ٻانهي دائود جي خاطر يهوداہ کي ناس ڪرڻ نہ چاهيو، ڇو تہ خداوند دائود سان واعدو ڪيو هو تہ ”تنهنجي اولاد مان هڪڙي جي حڪمراني هميشہ رهندي.“


اوهين انهن جي پوڄا نہ ڪريو، نڪي جھڪي انهن کي ڪو سجدو ئي ڪريو، ڇاڪاڻ تہ آءٌ خداوند اوهان جو خدا، غيرت وارو خدا آهيان. جيڪي مون سان دشمني رکندا آهن، تن جي اولاد کي ٽينءَ ۽ چوٿينءَ پيڙهيءَ تائين آءٌ سندن ابن ڏاڏن جي بدڪارين جي سزا ڏيندو آهيان.


ကြှနျုပျတို့နောကျလိုကျပါ:

ကြော်ငြာတွေ


ကြော်ငြာတွေ